“ مرحوم جي الانا بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد.“
بابا ( ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ) ڪراچي واري دور ۾ ڪيترن ئي وڏن ماڻھن سان ويجهي رھڻ ۽ ملڻ جا موقعا حاصل ڪيا جن مان پير علي محمد شاھ راشدي،پير حسام الدين شاھ راشدي، سراج الحق ميمڻ، سيد غلام مصطفا شاھ،پروفيسر اي ايل شيخ ۽ مرحوم جي الانا جا نالا ذڪر لائق آھن.انهن کانسواءِ ڪي اھڙا اھم ماڻھون بہ ھيا جيڪي وقت ۽ حالتن جي اونداھي رات ۾ ايترو تہ ڍڪجي ويا جو گھڻن جي نظرن کان اوجهل ٿي ويا.مثال طور بابا سائين اڪثر ڪري عبداللہ عباسي جو نالو وٺندو آھي جيڪو اصل ۾ محبت ديري جو ويٺل ھيو. ھن ڪراچي ۾ “ھوپ فل اسڪول“ بہ کوليو ۽ اتان انهي نالي سان رسالو بہ ڪڍندو ھو جنهن جو ھڪ اڌ پرچو گل حيات ۾ ضرور ھوندو.عبداللہ عباسي تعليم کاتي ۾ آفيسر ھيو ۽ ھن سنڌ جي شخصيتن تي ڪتابڙا بہ لکيا.قائد اعظم تي جيڪو ڪتاب لکيو اٿس،ان ۾ ڄاڻايو اٿس تہ “پاڪستان جوڙيندڙ ھي سنڌي اڳواڻ جهرڪن جي شھر ۾ ڄائو ھيو ۽ مون پاڻ اتي جي اسڪول جي جنرل رجسٽر ۾ سندس نالو لکيل ڏٺو“.
بابا سائين جي چوڻ مطابق مرحوم جي الانا سان سندس دوستي ھڪ فنڪشن ۾ بابا جي تقرير ٻڌڻ کان پوءِ ٿي انهي فنڪشن جي صدارت مرحوم جي الانا ڪئي ھئي .ھن جو پٽ پيار علي الانا سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير ھيو. پر سندس پيءُ سان دوستي ھجڻ ڪري ھو بابا سائين کي “چاچا“ ڪري سڏيندو ھيو. بابا ۽ جي الانا جي وچ ۾ تمام گھڻيون ڪچھريون ٿينديون ھيون ۽ حضرت مخدوم نوح جي اڄوڪي گادي نشين مخدوم جميل الزمان سان بابا سائين جي ڏيٺ جي الانا وٽ ئي ٿي ھئي.
جي الانا عمر ۾ بابا سائين کان تمام وڏو ھيو.پر جيئن چوندا آھن تہ ڦل دار وڻ جھڪي پوندو آھي تيئن مرحوم جي الانا وڏي عمر،وڏي تجربي ۽ وڏي علم با وجود بابا سائين سان ڏاڍو فري ھوندوھيو ۽ بابا ٻڌائيندو آھي تہ ٖاسان جڏھن پلٿيون ھڻي ڪچھريون ڪندا ھئا سين تہ ائين لڳندو ھيو تہ ڄڻ ٻئي ٻار ھجئون.پر ھو جڏھن وري علم ادب ۽ شاعري تي ڳالھائيندو ھيو تہ سندس زبان مان موتي پيا ڪرندا ھيا“. پر ان کان وڏي ڳالھ ھي آھي تہ سنڌ ۽ سنڌي ادب يا تاريخ تي جڏھن ڳالھيون ڪندا ھئا تہ ھو بابا کي غور سان ٻڌندو ھيو ۽ ڪي ڳالھيون ٻڌي چوندو ھيو تہ “ تو منهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪيو آھي“. بابا جي دوستي کانپوءِ مرحوم جي الانا جا جيڪي ڪتاب لکيا ۽ شايع ٿيا ان ۾ ھن ڀلي انسان بابا کي سٺن لفظن سان ياد ڪيو آھي .مثال طور “گنان“ تي انگريزي ڪتاب لکيائين تہ ان ۾ بہ بابا جو ذڪر ڪيو اٿائين ۽ جڏھن“ فور ڪلاسيڪل پوئيٽس آف سنڌ“ ڪتاب لکيائين تہ ان جي مھاڳ ۾ بہ بابا جو ذڪر ڪيو اٿائين انهي ڪتاب جو ٽائيٽل پيج ۽ انٽروڊڪشن جو اھو پيج اڄ دوستن سان شيئر ڪيو اٿم جن ۾ بابا جو نالو ڏنو ويو آھي.
مرحوم جي الانا ھيو تہ انٽر پاس پر ان انگريزي شاعرئ ۽ ڪتابن لکڻ ڪري دنيا ۾ نالو ڪمايو.ھن کي “ پوئٽ لارييٽ“ جو لقب پڻ ڏنو ويو ھيو . مرحوم جي الانا وفات کان ڪجه وقت اڳ شاھہ لطيف جي شاعري جي نموني تي انگريزي ۾ بيت لکيا جنهن جا ڪيترا صفحا فوٽو اسٽيٽ ۾ موجود آھن. مرحوم بابت ٻيو بہ گھڻو ڪجه مواد ۽سندس ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھن.( ممتاز پٺاڻ)