20190129 144133
 
“ سنڌي ادبي بورڊ جي مھراڻ رسالي جو پھريون دور“
سنڌي ادبي بورڊ جو قيام وڏو عجيب ۽ انوکو پسمنظر رکي ٿو.جڏھن ڊاڪٽر دائود پوٽو پبلڪ انسٽرڪشنس،سنڌ جو ڊائريڪٽر ھئو تہ ھن درسي ڪتابن ۾ لفظن تي اعرابون ڏيارڻ جو حڪم جاري ڪيو.اھا ڳالھہ ڪيترن ھندن کي پسند نہ آئي ان ڪري اعرابن خلاف تحريڪ شروع ٿي.اڪثر مسلمانن ڊاڪٽر دائود پوٽي جو پاسو ورتو. ان ڪري مسلمانن جي اخبارن ۽ سياستدانن ڊاڪٽر دائود پوٽي جي ڏاڍي حمايت ڪئي .جڏھن تہ ڪن ھندو ليکڪن ڪتابن تي اعرابون ڏيارڻ تي ڊاڪٽر دائود پوٽي تي ڇوھہ ڇنڊيا. ڳالھہ ايترو اڳتي وڌي وئي جو سنڌ حڪومت کي مداخلت ڪرڻي پئي ۽ دائود پوٽي کان اھڙي قدم کڻڻ تي پڇاڻو بہ ڪيو ويو.حڪومت مناسب ڄاتو تہ ٻولي ۽ علم ادب جي واڌاري ۽ تحفظ لاءِ ڪو صلاحڪار بورڊ ٺاھجي ان ڪري“ دي سينٽرل  ايڊوائيزري بورڊ آف ڪنٽرول فار سنڌي لٽريچر“ ٺاھيو ويو جنهن ۾ ھندو توڙي مسلمان ميمبر ڪري کنيا ويا.اھو  اڳتي ھلي “سنڌي ادبي بورڊ“ بڻيو.
انهي بورڊ طرفان 1946 ۾ ماھوار رسالو “مھراڻ“ جاري ڪيو ويو جيڪو اڄ بہ جاري آھي پر اھو اڄ ڪلھ “ ٽماھي“ آھي. گل حيات اداري ۾ انهي رسالي جي سال 1947 جا پرچا موجود آھن. ھي رسالو ڪرائون سائيز ۾ ڇپبو ھيو. رسالو مختلف وقتن تي مختلف پريسن ۾ ڇپبو ھيو جن منجهان  “لاين پرنٽنگ پريس“ ڪراچي ۽ “ھلال اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس“ جا نالا ذڪر جھڙا آھن. رسالي جي ايڊيٽرول بورڊ جو چيئر مين محمد عثمان انصاري ھيو، جيڪو بورڊ جو سيڪريٽري بہ ھيو. مولوي دين محمد وفائي انهي جو چيف ايڊيٽر،ڊاڪٽر ھرومل سدارنگاڻي انهي جو ايڊيٽر ۽ لالچند امر ڏنو مل جڳتياڻي مينيجنگ ايڊيٽر ھيو . ھي اھو زمانو آھي جڏھن ڪاڪو ڀيرومل مھرچند آڏواڻي بورڊ جو وائيس چيئر مين ۽ سيد ميران محمد شاھہ ان جو چيئر مين ھيو.  لال چند امر ڏنو مل جڳتياڻي وري بورڊ جو جوائنٽ سيڪريٽري ھيو.
ھن رسالي ۾ تنهن دور جي مشھور ليکڪن جا مضمون ۽ شعر ڇپبا ھئا جن جي نالن جو مختصر وچور ٺاھبو تہ اھو ھن ريت ٿيندو: منگهارام ملڪاڻي،مولوي عبدالڪريم چشتي، عبدالغفور چانگ، شاھنواز عارف، قربان علي نقشبندي،ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ،مرزا گل حسن، مرزا علي بخش، ڀيرومل آڏواڻي،لطف اللہ بدوي،رامنداس لکاڻي، نجم عباسي،جهامنداس ڀاٽيا،روچيرام سڏاڻي،غلام احمد بيدم، احمد خان مصراڻي، گل حسن ڪربلائي۽ عبدالڪريم سنديلو وغيره. 
ھن رسالي ۾ نثر توڙي نظم ٻئي ڇپبا ھئا.شروعاتي پرچن ۾ تہ شاعري گھڻي ڇپبي ھئي پر پوءِ نثر تي گھڻو توجھ ڏنو ويو.نثر ۾ افسانا بہ ھوندا ھئا تہ تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون بہ ھوندا ھئا .منگها رام ملڪاڻي جو تحقيقي مضمون “سنڌي ۾ ناٽڪ جي اوثر“ ھن رسالي جي آگسٽ 1947 واري پرچي ۾ ڇپيو ھيو. شيخ اياز جو شعر بہ ھن رسالي ۾ گهڻو ڇپبو ھيو . سندس ھي گيت انهي جي ھڪ پرچي تان کڻي پڙھندڙن سان شيئر ڪيان ٿو. 
“ديھاتي گيت“.
ھلڪي ھلڪي ھير گھُلي،
وير ڇُلي،رُت بدلي او!
رت بدلي، رت بدلي او!
نينهن جهلي پنهنجي جهولي،
لوڏي سان آئي لولي،
پينگھہ جهلي،رت بدلي او!
رت بدلي، رت بدلي او!
وھي وھي ھي سير ڀلي،
شل اچي ڪٿي بہ نہ ڇوڙ!
ھلي ھلي ھي راه ڀلي،
شل اچي ڪٿي بہ نہ موڙ!
ڀلي پيو جهولو جهولي،
ائين ھميشہ من ڦولي،
ڪلي کلي، رت بدلي او!
رت بدلي، رت بدلي او!
ڄار وڇايو چنڊ سڄي جڳ تي،
او سائين ! آءُ.
انگ انگ تي مستي ڇاڻي،
لڳو اُتر جو واءُ. 
منهنجي راءِ آھي تہ سنڌي ادبي بورڊ مھراڻ رسالي جي اوائلي پرچن کي گڏ ڪري ڪنهن ھڪ يا ٻن ڪتابن جي صورت ۾ شايع ڪرائي ھي رسالو 1946 ۾ نڪتو ھو ۽ گل حيات اداري ۾ سال 1947 جا پرچا موجود آھن.( ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes