“ ضياءُالحق جي مارشلا واري دور ۾ سنڌين کي سزائون ۽ سندن گرفتاريون“
تاريخ لاءِ مواد گڏ ڪرڻ ھڪ وڏو ۽ ڳرو “ جذباتي امتحان“ ٿيندو آھي . ڇو تہ جيڪڏھن مواد گڏ ڪندڙ پنهنجي محبت ۽ نفرتن جي جذبن مان جان ڇڏائي نہ سگهندو تہ اھو غير جانبداري سان مواد گڏ ڪري نہ سگهندو پر پنهنجي پسند جي شخصيتن،واقعن ۽ ادارن بابت گهڻو مواد گڏ ڪندو.ان ڪري غير جانبداري جي اھا تقاضا ٿئي ٿي تہ پنهنجي نفرتن ۽ محبتن کي پاسيرو رکي دوست خواه دشمن ۽ پنهنجي خواه پرائي ماڻھن جو، وڻندڙ ۽ اڻ وڻندڙ واقعن خواه ادارن جو مواد گڏ ڪجي. ضياءُ الحق جولاءِ1977 ۾ سولين حڪومت تي راتاھو ھڻي 1988 ۾ مرڻ گهڙيءَ تائين پاڪستان جي مستقبل کي منفي موڙ ڏنا. گل حيات اداري ضياءُالحق ۽ سندس دور تي مختلف زاوين کان مواد گڏ ڪيو آھي. جنهن ۾ ضياءُ الحق جون سرگرميون،سندس سرڪاري حڪم ناما، سندس تقريرون ۽ بيان ھن جي حڪومت جا مرڪزي خواه سنڌ جا وزير ۽ گورنر،مجلس شورا ۽ سنڌ ڪائونسل تي الڳ الڳ فائيل آھن.
ضياءُ الحق جي زماني ۾ سنڌ جي مختلف ھنڌن تي باھيون لڳيون. بابا (ڊاڪٽر پٺاڻ) جي ذھن ۾ انهن باھين جي واقعن کي ڪنهن نئين انداز سان پرکڻ جو خيال آيو .انڪري “ ضياءُ الحق جي دور ۾ باھيون“ تي ھڪ وڏو فائيل گل حيات ۾ موجود آھي.ھن زماني ۾ “ايم آر ڊي جي تحريڪ“ ھلي جنهن ۾ سنڌ وڏئ دليري سان اڳواڻي ڪئي ۽ سياسي بصيرت جا نوان مثال قائم ڪيا.ان تحريڪ تي گل حيات ۾ ھزارين صفحا موجود آھن جيڪو مواد منفرد “سورس مٽيريل“ جي حيثيت رکي ٿو.ڪاش اھو پيپلز پارٽي جي حڪومتن جي ڌيان تي اچي ھا ۽ جيڪڏھن ڇپرائن نہ ھا تہ ان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي “بينظير چيئر“ ۾ رکرائي وڃي ھا. اھي چيئرس تہ مختلف ھنڌن تي موجود آھن.
ضياءُالحق جي مارشلا جي زماني ۾ اڻ ڳڻين سياسي ڪارڪن،اڳواڻن۽ صحافين وغيره کي گرفتار ڪيو ويو ۽ کين مارشلا قائدن مطابق سزائون ڏنيون ويون.منهنجي والد انهن ساڃھہ-وند ماڻھن جي قربانين کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ انگريزي ،سنڌي ۽ اردو اخبارن مان اھڙيون خبرون ھٿ ڪري ھڪ ضخيم فائيل جوڙيو آھي. پيارن پڙھندڙن جي ڌيان تي اھا ڳالھہ بہ آڻڻ گهران ٿو تہ انگريزن جي دور ۾ آزادي جي سپاھين کي جيڪي سزائون مليون ھيون انهن تي بہ بابا سائينءَ مواد گڏ ڪري ويب سائيٽ تي پبلش ڪيو آھي.
ضياءُالحق جي مارشلا واري دور ۾ ڏر ۽ ڏاڍ کي ماڻھن جي ذھنن ۾ ويھارڻ لاءِ نہ رڳو سياسي سوچ رکندڙ ماڻھن کي سزائون ڏنيون ويون پر بھانو بڻائي ٻين کي بہ ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويو. مثال طور ميڊيڪل اسٽور جا مالڪ، دڪاندار ۽ بسون ھلائيندڙ،وي سي آر تي فلمون ڏسندڙن، پرنٽنگ پريسون، ٺيڪيدار ۽ وڏيرا شامل آھن. جنهن ۾ وري وڏي باھہ انهن وڏيرن زميندارن خلاف ٻاري وئي جن ڪي زرعي قرض ورتا ھئا ۽ ڏيڻ ۾ ڪوتاھي ڪئي ھئي.انهن کي آڻ مڃرائڻ ۽ سياست بيعت ڪرائڻ لاءِ وارنٽ ڪڍڻ ۽ گرفتار ڪرڻ جي ڄڻ بارش وسائي وئي.
ماڻھن کي ڦٽڪن،ڏنڊن ۽ جيل موڪلڻ واريون اهي سزائون فوجي ڪورٽون ڏينديون ھيون.
ھن فائيل جا ورق ورائيندي دل چاھيو تہ جيڪر انهن سمورن سياسي ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ ٻين مظلوم ماڻھن جي نالن جي لسٽ ٺاھي وٺجي .پر مواد گڏ ڪرڻ بدران جيڪڏھن موضوعن تي تحقيق ڪرڻ جو ڪم شروع ٿو ڪجي تہ ان منجهان اسان کي مواد جي ميڙي چونڊيءَ ۾ رنڊڪ پئدا ٿئي ٿي.ان ھوندي بہ جيڪڏھن موقعو مليو تہ اھا لسٽ بہ ٺاھي پڙھندڙن آڏو پيش ڪئي ويندي.( ممتاز پٺاڻ)