“منهنجي باباسائين(ڊاڪٽر پٺاڻ) جا چاچا“
“پدرم سلطان بود“ مصداق مونکي پنهنجو خاندان پڏائڻو ڪونهي. پر وڏڙن جون ڪي ڳالھيون ٻڌائڻ سان اسان جي گل حيات جي پس منظر کي سمجھڻ ۾ مدد ملندي.
تڙڏاڏي کان اسان جي وڏڙن لوھارڪو ڌنڌو ڪيو ۽ ان ۾ اھڙي تہ مھارت حاصل ڪيائون جو اسان ذات بدران انهيءَ ڌنڌي جي ڪري لوھر مشھور ٿيا سين . ڌنڌو ذات نہ ٿيندي آهي پر اسان کي لوھر سڏائڻ ۾ فخر محسوس ٿيندو آھي.اسان جا وڏا پورھيت ھيا ۽ اسان پورھيتن جو اولاد آھيون.پنجن پيڙھين کان وٺي سواءِ گهر جي اسان جي ٻي ڪنهن بہ قسم جي ملڪيت ڪونهي.نہ ٻني نہ ٻارو نہ بئنڪ بيلنس يا ڌراوت.آڻيون ۽ چاڙھيون ۽ موجون ماڻيون. “ الڪاسب حبيب اللہ“ ئي اسان لاءِ وڏو اعزاز آھي.“جنهن جو رب تنهنجو سڀ“.
اسان جي غريب ۽ پورھيت خاندان ۾ شاھدين سميت اھا ڳالھہ موجود آھي تہ منهنجو پڙڏاڏو حاجي خدابخش پٺاڻ تحريڪ آزادي ۾ حصو ورتو ۽ وڏن خلافتي اڳواڻن سان سندس ويجھڙائي ھئي . ھن کي اللہ تعالى 4 پٽ ڏنا جن مان ھڪ پٽ حاجي گل محمد پٺاڻ منهنجو ڏاڏو ٿئي.ڏاڏي جي 3 ڀائرن يعني بابا سائين جي ٽن چاچن جا نالا ھئا نور محمد پٺاڻ،درمحمد پٺاڻ ۽ حبيب اللہ پٺاڻ. انهن کي 2 ڀينرون بہ ھيون.
بابا سائين جو چاچو درمحمد جواني ۾ وفات ڪري ويو تہ سندس نالو بابا سائين تي رکيو ويو ڇو تہ انهي جي فوتي کان پوءِ جيڪو خاندان ۾ پٽ ڄائو اھو منهنجو والد ھيو ۽ انهي تي ئي درمحمد نالو رکيو ويو.
اسان جي خاندان ۾ جانورن جي حڪمت منهنجي ڏاڏي حياتي تائين رھي . سندس والد حاجي خدابخش جانورن جي حڪمت ۾ وڏي مھارت رکندو ھو ھن ڪيترا ڪتاب انهي موضوع تي ترجمو ڪيا ۽ اھي ملان ابڙا ڳوٺ جي ڪاتبن کان لکرايا انهن مان ھڪ اڌ گهوڙن جي طب تي ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھن.پڙ ڏاڏي وٽ قلمي قرآن ۽ ٻيا مذھبي ڪتاب قلمي صورت ۾ موجود ھيا جيڪي منهنجي والد ۽ چاچن پاڻ ڏٺا ۽ انهن مان قلمي قرآن جي ٻيھر بٽر پيپرن ۾ بائينڊنگ ڪرائي بابا سائين گل حيات ۾ رکيو آھي. بابا سائين جو وڏو چاچو نورمحمد وري وڏو مشھور حڪيم ھيو. ھن پنهنجي حڪمت بابت جيڪي ھينڊ بل ۽ پمفليٽ ڇپرايا انهن مان ھڪ جي تصوير پيارن پڙھندڙن سان شيئر ڪري رھيو آھيان .ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي بابا سائين سان مرحوم نورمحمد جي حڪمت ۽ “طبقاتي شعور“ جون ڳالھيون ڪندو ھو جيڪي ننڍڙائپ ۾ مون بہ ٻڌيون.ڪامريڊ سوڀو بابا کي چوندو ھيو تہ “ تون نور محمد جو ڀائيٽيو آھين ۽ تو ۾ خدداري ۽ بھادري ان جھڙي آھي“ .مونکي ياد آھي تہ ڪامريڊ سوڀي ھڪ دفعي ٻڌايو ھو تہ “ مرحوم نور محمد پٺاڻ وڏيرن جي ڪاڻ ڪو نہ ڪڍندو ھو. ان ڪري ھڪ اگري وڏيري جي چوڻ ۽ ڊپ ۾ ساڻس ڪيترو وقت ھجمن ۽ دڪاندارن سوشل بائيڪاٽ ڪيو پر ھو پوءِ بہ آڻ مڃڻ لاءِ تيار نہ ٿيو.“ مرحوم نور محمد کان پوءِ حڪمت سندس ننڍي ڀاءُ حبيب اللہ پٺاڻ کي ورثي ۾ ملي.
بابا جو چاچو جنهن جو نالو مٿس رکيو ويو اھو پنهنجي دور جو وڏو مقامي شاعر ھيو.مولانا ثناءُ اللہ ثنائي ۽ مولانا غلام رسول جتوئي سندس ھم عصر ۽ دوست شاعر ھئا.ھن جيڪا شاعري ڪئي اھا ڪتابي ۽ قلمي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي ۽ منهنجي چاچي امير بخش پٺاڻ شاھہ لطيف يونيورسٽي مان ايم اي ڪرڻ وقت سندس زندگي جي احوال ۽ شاعرئ تي مونو گراف لکيو ھيو جنهن جي ھڪ ڪاپي گل حيات ۾ بہ موجود آھي.
مرحوم حبيب اللہ پٺاڻ تعليم کاتي ۾ استاد ٿي رھيو. حڪمت ۽ شاعري کيس ورثي ۾ ملي ۽ ان کان سواءِ دعا تعويذ لکڻ ۾ مشھور ھيو.مرحوم رمل تي ھڪ ڪتاب لکيو جيڪو شڪارپور جي “ محمد عظيم اينڊ سنز“ ڪتب فروش ڇپرايو ھيو.
اسان جو ڏاڏو حاجي گل محمد پٺاڻ طب ۽ لوھارڪي ڌنڌي ۾ دلچسپي ورتي ۽ ٻنهي ۾ مھارت حاصل ڪيائين. پاڻ فقط پرائمري جا ڪجهہ درجا پاس ٿيل ھو پر پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ ۾ ڪا سستي نہ ڪيائين. غريب لوھر خاندان ھئڻ ڪري ڏاڏي پنهنجي چئني پٽن يعني شفيع محمد،شير محمد،درمحمد ۽ امير بخش کي اوترو پڙھايو جيترو ھو سندن تعليمي خرچ برداشت ڪري سگهيو . مرحوم چاچا شفيع محمد فائنل پاس ڪري استاد ٿيو پر پوءِ ڏاڏي سان گڏجي لوھارڪي ۾ مدد ڪرڻ لاءِ کيس نوڪري تان استعيفا ڏيڻي پئي. ڏاڏي باقي پنهنجي ٽن پٽن کي مئٽرڪ تائين پڙھايو .انهن مان منهنجي والد نوڪري بہ ڪئي ۽ گھر ويٺي پي ايڇ ڊي تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ پوزيشنيون بہ کنيائين. بابا درمحمد ۽ منهنجا 2 چاچا تعليم کاتي ۾ ئي استاد ٿي رھيا ۽ اتان رٽائرمينٽ ورتائون. بابا سائين جڏھن پي ايڇ ڊي لاءِ تحقيق ڪندو ھو ۽ ھن جيڪي ڏک ڏاکڙا ۽ تڪليفون ڏٺيون تہ پاڻ پڪوپھہ ڪيائين تہ ڪو اھڙو ادارو ٺاھي جيڪو نون محققن جي مواد ۽ معلومات ڏيڻ ۾ بہ مدد ڪري ۽ تحقيقي طريقن ۾ انهن جي رھنمائي بہ ڪري. گل حيات ادارو انهي پس منظر ۾ آگسٽ 1990 ۾ بابا سائين قائم ڪيو ۽ پنهنجي پيءُ گل محمد ۽ ماءُ حيات خاتون جي نالن پٺيان ان کي “گل حيات“ جو نالو ڏنائين.
خوشي جي ڳالھہ اھا آھي تہ ھن لوھر جي ٻار پاڻ تہ ڪنهن ڪاليج يا يونيورسٽي مان ريگيولر شاگرد جي حيثيت ۾ تعليم تہ نہ ورتي پر امتحانن ۾ پوزيشنيون کنيائين ۽ ڪاليجن توڙي يونيورسٽين جي استادن کي پي ايڇ ڊيون ڪرايائين.بابا جو اھو رڪارڊ مشڪل سان ئي ڪوئي ٽوڙي سگهي ٿو تہ پاڻ پيءُ سان گڏ ان جي پٽ کي بہ پي ايڇ ڊي ڪرائي ۽ ڪنهن استاد سان گڏ ان جي شاگرد کي بہ پي ايڇ ڊي يا ايم فل ۾ مدد ڪئي. ھي بہ ڳالھ ڳڻڻ جھڙي آھي تہ بابا سائين “سنڌي“ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي پر سنڌي کانسواءِ ٻين سبجيڪٽس ۾ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊيون ڪرايون.اھا بہ اعزاز جي ڳالھہ آھي تہ بابا جا ڪتاب نہ فقط سنڌ ۾ پر ھند ۾ بہ ڇپيا آھن اڄ مون بابا جي چاچن جو ذڪر ڪندي ڪنهن حد تائين گل حيات اداري جي پس منظر تي روشني