“ سرڪاري رپورٽون اسان جي سنڌ جي تاريخ جو اھم ماخذ“
تحقيق ڪرڻ وقت مواد ۽ معلومات جا مختلف ذريعا استعمال ڪيا ويندا آھن. سنڌ ۾ صورتحال اھا آھي تہ جن وٽ موضوع تي ڪا ڄاڻ آھي تہ انهيءَ کان وڌيڪ اھڙن گهڻن ماڻھن ۾ بخل ۽ بي فياضي گھڻي آھي . ان ڪري محقق کي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پون ٿيون. ھن وقت تحقيق ائين ٿي ٿئي تہ ڪي 11 ڪتاب پڙھي انهن منجهان 12 ڪتاب جوڙيو وڃي ٿو.ڪيتري وقت تائين تہ اخبارن ۽ رسالن کي تحقيق لاءِ معلوماتي ذريعي طور گهٽ استعمال ڪيو ويو پر ھاڻي انهن مان ڪنهن حد تائين استفادو ڪيو وڃي ٿو .انهي ڳالھہ جي ضرورت آھي تہ ايم فل يا پي ايڇ ڊي لاء تحقيق ڪرڻ کان اڳ ۾ جيڪا شاگردن جي“ تحقيقي تربيت“ ڪئي وڃي ٿي،ان ۾ ھڪ وڌيڪ موضوع ۽ سبجيڪٽ اھو بہ رکيو وڃي تہ تحقيق لاءِ مواد ۽ معلومات حاصل ڪرڻ جا ڪھڙا ذريعا آھن. “سرڪاري رپورٽون“ تاريخي تحقيق لاءِ مواد ۽ معلومات جو اھم ذريعو ٿينديون آھن جن کي اسان جا ڪيترا محقق ڪتب نٿا آڻن.
گل حيات ۾ بابا سائين( ڊاڪٽر پٺاڻ) کوڙ ساريون “سرڪاري رپورٽون“ گڏ ڪيون آھن جيڪي ٽن قسمن جون آھن ھڪڙيون انٽيليجنس ۽ ٻين ادارن جون مخفي رپورٽون آھن جيڪي بالا آفيسرن ۽ عملدارن لاءِ لکيون ويون. مثال طور حر تحريڪ ۽ سندن روحاني رھبر سورھيہ بادشاھہ بابت مخفي رپورٽون. انگريزن جي دور ۾ سياسي تحريڪن تي نظر رکڻ لاءِ ھر ھڪ ضلعي مان اھڙيون رپورٽون گهرايون وينديون ھيون ۽ اھي ڪليڪٽرن جي دفترن ۾ بہ ھر حالت ۾ موجود ھونديون.
ٻئي قسم جون سرڪاري رپورٽون کاتن بابت آھن. انگريزن جي دور ۾ ھرڪو ڊپارٽمينٽ پنهنجي سالياني ڪارڪردگي تي رپورٽ شايع ڪرائيندو ھيو ۽ انهن مان تہ ڪي 100 ڏيڍ صفحن تي ھونديون ھيون. گل حيات اداري ۾ مختلف ڊپارٽمينٽس جون کوڙ ساريون ڇپيل ساليانيون رپورٽون موجود آھن.
ڪن واقعن ۽ مسئلن تي بہ سرڪار ڪا ڪاميٽي يا ڪميشن جوڙي رپورٽ وٺندي ھئي،جيڪا پوءِ ڪتاب جي صورت ۾ ڇپبي ھئي. مثال طور “لاپي ۽ رسائي بابت ڪميشن رپورٽ“ “مسجد منزل گاه بابت انڪوائري رپورٽ“ “ڪراچي ۾ غازي عبدالقيوم جي جنازي کڻندڙ جلسي تي فائرنگ ڪرڻ تي رپورٽ“،“سنڌ يونيورسٽي جوڙڻ بابت ڪاميٽي جي رپورٽ“، “سنڌ جي ممبئي کان عليحدگي کان پوءِ نئين انتظامي سيٽ اپ بابت رپورٽ“ ۽ “ھارين جي حالتن سڌارڻ بابت سر راجر ٿامس جي سربراھيءَ ۾ قائم ڪيل ڪاميٽئ جي رپورٽ“
.موم اھي چند رپورٽون پڙھندڙن اڳيان پيش ڪيون آھن.ھونئن نہ تہ انهن جو تعداد سون ۾ آھي ۽ گل حيات ۾ بہ چڱيون خاصيون موجود آھن. انهن ٽنهين قسمن جي رپورٽن تي جيڪڏھن مان نالو رکان تہ اھي ٿينديون 1 .“مخفي رپورٽون“،2 “ ڊپارٽمينٽل رپورٽون“3. “واقعاتي رپورٽون“ .
جيئن مون عرض ڪيو تہ اھي رپورٽون جامع ھيون ۽ ضخيم ڪتابن جي روپ ۾ موجود آھن. مثال طور ھارين بابت سر راجر ٿامس جي سربراھي ۾ جيڪا رپورٽ تيار ٿي ۽ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي اھا 300 صفحن تي ٻڌل آھي.
مان گل حيات ۾ موجود سمورن رپورٽن جا تفصيل تہ ڏئي نٿو سگهان پر سر راجر ٿامس واري رپورٽ تي ٿورا تفصيل ڏيندس.
اھا ڪاميٽي 23 مارچ 1947 تي جاري ڪيل ھڪ سرڪاري ٺھراءَ جي نتيجي ۾ ٺاھي وئي جنهن جو سرباراھہ سر راجر ٿامس ھو جيڪو سنڌ سرڪار جو زرعي صلاحڪار ھيو ان جو ھڪ ميمبر ايم- مسعود ھو جيڪو ان وقت نوابشاھہ جو ڪليڪٽر ھيو. ڪاميٽي جو ٻيو ميمبر صديقي ھو جيڪو انڪمبرڊ اسٽيٽس ۽ ڪورٽ آف وار ڊس جو مئنيجر ھو.ھن ڪاميٽي جي ذمي اھو ڪم رکيوويو تہ ھارين جي پڪاريل اھنجن بابت جاچ ڪري.اھڙن اُپائن جي سفارش ڪري جن سان ھارين جي زندگي جو معيار بلند ٿئي ۽ اھڙيون تجويزون ڏئي تہ جيئن زميندارن جي حقن جي حفاظت بہ ڪري سگهجي. ھن رپورٽ بابت وڏو چوٻول ٿيو سنڌ ھاري ڪاميٽي پنهنجي گڏجاڻين ۾ ٺھراءُ پاس ڪري انهيءَ رپورٽ کي رد ڪيو.ھن رپورٽ جي ھارين،زميندارن ۽ زراعت کان سواءِ ھڪ سماجي مطالعي جي بہ اھميت آھي .ان ڪري اھا انهي دور جي سنڌ جي تاريخ جو اھم ڊاڪيو مينٽ آھي.
مون “ رسائي ۽ لاپو ڪميشن رپورٽ“ جو نالو بہ ھن پوسٽ جي شروعات ۾ ورتو آھي ۽ انهي تي ڪجھہ ڏينھن اڳ ھڪ الڳ پوسٽ بہ شيئر ڪري چڪو آھيان. پر ھتي انهي ڳالھہ جي نشاندھي ڪرائيندو ھلان تہ انهي ڪميشن سنڌ جي مکيہ ضلعن ۾ وڃي وڏيرن ۽ ڪامورن کان پنهنجي سوال نامي جي پوئواري ۾ انٽرويو ڪيا ھئا. سنڌ جي تنهن دور جي زميندارن جي لسٽ ٺاھجي تہ انهن جا نالا انهي رپورٽ ۾ موجود آھن ۽ اھي سرڪاري عملدارن کي راضي ڪرڻ لاءَ ڇا ڇا ڏيندا ھيا ۽ انهن تائين پنهنجي رسائي ڪيئن ڪندا ھئا اھي سڀ تفصيل “لاپي ۽ رسائي واري رپورٽ“ ۾ موجود آھن .اھا ڪميشن رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي ڪوششن سان سرڪار قائم ڪئي ھئي.
ھي لائبريرين جو ڪم آھي تہ سرڪار جي سمورن شايع ٿيل رپورٽن جو الڳ ڪيٽالاگ ترتيب ڏئي.جنهن مان اسان جا محقق لاڀ پرائي سگهن ٿا.)ممتاز پٺاڻ)