20190121 141134
 
“ منهنجي والد ( ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ) جون لوڪ ادب لاءِ ڪيل خدمتون“
انسان جي ڪرمن جو حساب ڪتاب رکندڙ ٻہ فرشتا منهنجي والد جي ڪمن ۽ ڪرمن جو حساب ڪتاب لکندي،شايد گھڻي کان گهڻو اھو ئي لکندا تہ باباسائين زندگي جو وڏي کان وڏو حصو لکڻ پڙھڻ ۾ گذاريو آھي.انهي علمي ۽ قلمي دنيا ۾ بابا جا گھڻا ئي روپ آھن . جهڙوڪ شاعر، ڪھاڻيڪار، ڪالم نگار، مترجم، نقاد، محقق ۽ تنظيم ساز وغيره.
 تنظيم سازي ۾ بابا سائين سماجي تنظيمن جوڙڻ ۽ ھلائڻ سان ابتدا ڪئي. 1965 ڌاري جڏھن پاڻ اعتبار خان چانڊئي ڳوٺ ۾ انگريزي استاد ھو تہ اتي شوڪت علي چانڊئي ۽ عبدالحق چانڊئي سان گڏجي “ چانڊيا ويلفيئر ايسوسيئيشن“ ٺاھي جنهن جو پاڻ جنرل سيڪريٽري ھو. اتان بدلي ٿي جڏھن ڏوڪري ھاءِ اسڪول ۾ آيو تہ ان زماني ۾ ڳوٺ ۾ “ آريجا ويلفيئر ايسوسيئيشن“ ٺھرائيائين جنهن جو بہ پاڻ جنرل سيڪريٽري ھيو. باباسائين ڳوٺ ۾ جيڪي سماجي ڪم ڪيا انهن ۾ بئنڪ جي شاخ کولرائڻ، ڳوٺ کي ٽيليفون ۽ بجلي جي سھولت وٺي ڏيڻ،ڳوٺ ۾ فري ڪوچنگ سينٽر ھلائڻ ۽ پنهنجي پاڙي ۾ چوڪيداري سسٽم رائج ڪرڻ سندس مکيہ سماجي خدمتون ھيون. 
باباسائينءَ 1975 ۾“ سنڌ سگھڙ سنگت“ ٺاھي جنهن لاءِ پاڻ تنهن دور جي نامياري سگهڙ محمد ملوڪ عباسيءَ کي صدر مقرر ڪيائين. انهيءَ تنظيم سازي جي حوالي سان بابا سائينءَ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سگھڙن سان گڏجي ڪچھريون ڪرايون ۽ ڪانفرنسون ڪرايون.1981 ۾  سگھڙن جي“ آل سنڌ ڪانفرنس“ شڪارپور جي جماڻي ھال ۾ ڪيائين جنهن ۾ ڊاڪٽر بدرالدين اڄڻ، غلام رسول ميمڻ،خليل مورياڻي ۽ سندس ٻين دوستن ساڻس سھڪار ڪيو.بابا ڪراچي جي “ گوئٽي انسٽيٽيوٽ“ ۾ بہ سگھڙن جي ھڪ ڪچھري ڪرائي ھئي.
موجوده دور ۾ لوڪ ادب جي حوالي سان ٽن شخصيتن جون خدمتون وساري نٿيون سگهجن.ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ماضي جي لوڪ ادب کي سھيڙيو ۽ ايڏو تہ وڏو ڪم ڪيو جنهن جو مثال ملڻ مشڪل ٿيندو. ٻيو ھيو ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو،جنهن لوڪ ادب کي لکيل پڙھيل طبقي ۾ مانوس ڪرايو ۽ لوڪ ادب جي  صنفن تي عالماڻي انداز سان لکيو. ٽيون منهنجو والد آھي جنهن وري سگهڙن ۾ تنظيم سازي ڪئي ۽ انهن جي نظرياتي تربيت ڪئي. انهي سلسلي ۾ ڪراچي مان نڪرندڙ ھفتي وار اخبار“ آزاد“ ۾ بابا سائين 50 کان مٿي ھفتي وار ڪالم لکيا ۽  انهن ڪالمن وارا اخباري پرچا مفت ۾ ڪيترن سگهڙن تائين پوسٽ ذريعي پھچائيندو ھيو. بابا سائين انهن جي ھمٿ افزائي ڪرڻ لاءِ ھڪ انعامي سلسلو شروع ڪري سگهڙن کي ڪنهن موضوع يا صنف تي انعامي چٽا ڀيٽي ۾شريڪ ٿيڻ لاءِ چوندو ھيو. “ رسالو ڳجهارت“ ھڪ نئين صنف طور بابا ايئن مانوس ڪرائي جنهن تي سگهڙن خوب لکيو. ھن صنف ۾ ڳجهارت جي ڀڃڻي شاھہ لطيف جي ڪنهن شعر تي ٿيندي ھئي.ان صنف کي مانوس ڪرائڻ سان فائدو اھوٿيو تہ سگهڙن لطيف کي پڙھڻ ۽ سمجهڻ شروع ڪيو.
بابا سائين سگهڙن کي منظم ڪرڻ کانسواءِ انهن کي پنهنجن ڪتابن شايع ڪرائڻ تي بہ آماده ڪيو. ھن سلسلي ۾ باباسائين اھا روايت وڌي تہ سگهڙ جي ڪتاب جي عنوان ۾ سگهڙ جو نالو بہ شامل ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ 1981  ۾ بابا سگهڙ محمد ملوڪ جو جيڪو ڪتاب ترتيب ڏنو ان جو عنوان ھيو “ موتي مور ملوڪ جا“. ان کان پوءِ ٻيو ڪتاب ھن ئي سگهڙ جو بابا ترتيب ڏنو تہ ان کي عنوان ڏنائين “ موتين مٺ ملوڪ جي“. محمد لقمان سگھڙ  جو پھريون ڪتاب “ لاتيون سڻ لقمان جون“ ۽ ٻيو ڪتاب“ لال ڪڻان لقمان جا“ بہ انهئ سلسلي جون ڪڙيون آھن. تازو ھن سال سگهڙ روشن علي ڪوري جي ڪلام جو ڪتاب ڇپيو آھي جنهن جو عنوان آھي “ راز رنگ روشن جا“. 1981 کان وٺي 2019 تائين بابا سائين جي حلقي جي سگهڙن جا ڪتاب اھڙن ئي عنوانن سان ڇپيا آھن ۽ باباسائين جو جديد لوڪ ادب تي ائين گھرو اثر رھندو آيو آھي. 
منهنجو والد آھي ان ڪري چوڻ ۾ ڪيٻايان ٿو. ھونئن نہ تہ ھن شخص جيڪي لوڪ ادب جون خدمتون ڪيون آھن ۽ سگھڙن جي ذھني ۽ فڪري تربيت ڪئي ان تي پي ايڇ ڊي ڪري سگهجي ٿي. ھي عجب ڳالھہ آھي يا اھم ڳالھہ آھي جو بابا سائين سگهڙ محمد ملوڪ تي جيڪو 1981 ۾ ڪتاب لکيو ھيو اھو بابا جي زندگي ۾ ئي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي صاحب ٻيو ڇاپو ترتيب ڏنو جيڪو ثقافت کاتي شايع ڪرايو.(ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes