“ ڪونھي مڃتا سان مطلب“
ڪنهن بزرگ جو چوڻ آھي تہ جنهن سان نيڪي ڪيو انهي جي شر کان بچو.اھا انسان جي عجيب فطرت آھي تہ ھو خدمت ۽ محبت جي موٽ ڏاڍي تڪليف ڏيندڙ انداز سان ڏيندو آھي .پر نيڪي،چڱائي،خدمت ۽ محبت ڪرڻ وارا انهيءَ کي نہ ڏسندا آھن تہ سندن عمل جي موٽ ڪھڙي ٿي ملي مون بابا سائين (ڊاڪٽر پٺاڻ) کي ھن اصول مطابق سنڌ جي تحقيقي خدمت ڪندي ۽ سنڌ سان محبت ڪندي ڏٺو آھي .سندس انهي بي نيازي ۽ پنهنجي ڪم ۾ مگهن رھڻ جي اھڙي موٽ بہ ڏٺي آھي جنهن جيڪڏھن بابا سائين جي نہ تہ اسان جي ڳاٽ اوچي ڪرڻ جو سبب بڻي آھي. مثال طور ڪٿي نيڌرلينڊ ۽ ڪٿي خير محمد آريجا؟ نيڌرلينڊ ۾ دنيا جي منفرد ۽ مثالي آرڪائيوز قائم ٿيل آھي ۽ انهي اداري جو نالو آھي“ انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ فار سوشل ھسٽري“. انهي اداري جي انتظاميا کي جڏھن گل حيات اداري جي خبر پئي تہ اتان جي“ ايشيائي ڊپارٽمينٽ“ جي ڊائريڪٽر آگسٽ 1998 ۾ گل حيات جو دورو ڪيو ھو جڏھن آريجن ۾ پھتو تہ ڪن مھربان شاھينگن اداري جو بجلي ڪنيڪشن ڪٽرائي ڇڏيو. ھن قھر جي گرمي ۾ ٻہ ٽي ڏينهن گل حيات ۾ گذاريا ۽ واپس وڃڻ کانپوءِ درخواست لکي گذارش ڪئي تہ گل حيات ۽ سندس اداري وچ ۾ الحاق ٿيڻ گهرجي.مان سمجهان ٿو تہ اھا اسان جي لاءِ وڏي مڃتا آھي تہ دنيا جو ھڪ وڏو ادارو گل حيات اداري کي الحاق ڪرڻ جي درخواست ڏي.انهي پرڏيھي مھمان سرڪار کي خط لکي بڇڙو ڪيو تہ “ مان نيڌرلينڊ مان گل حيات ڏسڻ آيو آھيان ۽ اھو ٻڌي افسوس ٿيوتہ ھتان جي سرڪار کي اھا خبر ڪانهي تہ ھڪڙو ماڻھون ڪا ڪنڊ وٺي ڪيڏو نہ وڏو ڪم ڪري ٿو.“ انهي خط ملڻ کان پوءِ سنڌ جي گورنر گل حيات جو دورو ڪيو. ان زماني ۾ گورنر يونيورسٽين جو چانسلر بہ ھوندو ھو.سنڌ جي انهئ گورنر سنڌ جي ڪن يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن کي تاڪيد ڪيو تہ اھي گل حيات اداري کي ضرور ڏسن.ان ڪري ڪن وائيس چانسلرن موقعي جي مناسبت سان گل حيات ادارو ڏٺو.
گل حيات جڏھن دنيا ۾ نالو ڪمائڻ شروع ڪيو تہ بابا سائين جي سورن جي مذڪورن ۾ اضافو ٿيڻ لڳو. ھڪ طرف غربت ۽ ٻئي طرف اجائي ڇتي مخالفت. بابا سائين کي گل حيات جي ميڙي چونڊي کپائڻ تي مجبور ڪيو ۽ ائين ڪرڻ کانسواءِ بابا لاءِ ٻيو ڪو چارو نہ ھيو.بابا سائين نہ فقط گل حيات جي ميڙي چونڊي کپائي پر ڳوٺ بہ ڇڏي وڃي ڪراچي ڀيڙو ٿيو. پر مون ۽ منهنجي ڀاءُ گل حيات جي ٻئي جنم لاءِ ڪوشش ڪئي .پورا پنج سال مون محنت ڪئي گل حيات جي عمارت جي ٻيھر مرمت ڪرائي . ڪتابن ۽ مواد جي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تہ انهي دوران بابا سائين ڪراچي ۾ جڳھہ خريد ڪري گل حيات جو اتي ڪم شروع ڪرڻ شروع ڪيو. پر 8 مھينا اڳ اسان سندس اولاد وٽس وڃي ڳوٺ موٽي اچڻ جي گذارش ڪئي .ھو جڏھن ھتي پھتو تہ اسان جي محنت ۽ محبت ڏسي ڪراچي موٽڻ جو خيال ڇڏيائين ۽ ھاڻي اسان سندس ساٿي بڻجي گل حيات جي ٻئي جنم ۾ ھنجي سنڌ ۽ سنڌ جي تاريخ واري عشق ۾ ساٿ ڏئي رھيا آھيون.
انهن 6 سالن ۾ اسان گل حيات کي انهي موڙ تي پهچائي چڪا آھيون جنهن جا احوال ۽ ان جي ميڙي چونڊي جي معلومات مان ھنن پوسٽن ذريعي دوستن تائين پھچائيان ٿو. اسان کي فخر آھي تہ اسان جو والد برٽش پيرڊ ۽ موجوده دور جي سنڌ جي تاريخ جو حافظ بہ آھي تہ محاظ بہ آھي. سندس ڪم جي طريقي ۽ ڏان جو اندازو دوستن کي منهنجي پوسٽس مان معلوم ٿيندو ھوندو.
وري آئون پنهنجي موضوع تي موٽي اچان ٿو ۽ عنوان ورجائيان ٿو تہ بابي ۽ اسان ۽ اسان جي گل حيات ڪنهن مڃتا ۽ معاوضي کانسواءِ سنڌ جي تاريخ تي تحقيق بہ ڪئي آھي ۽ مواد بہ گڏ ڪيو آھي.ان کانسواءِ ڪيترن ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙن ۽ ٻين محققن جي مواد ۽ معلومات ۽ تحقيقي رھنمائي ڪرڻ ۾ مدد بہ ڪري رھيا آھيون.قدرت طرفان اسان جي ھمٿ افزائي لاءِ ڪن ماڻھن جي روحن ۾ رحم بہ پيدا ٿئي ٿو جيڪي اسان جي حوصلي افزائي ۽ ھمٿ افزائي جو ڪارڻ ٿئي ٿو.مثال طور ھڪ دفعي“ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن“ پنهنجي چٽاڀيٽئ واري تحريري امتحان لاءِ ڪڍيل“ ڪوئسچن پيپر “ ۾ گل حيات بابت بہ سوال پڇيو ھيو. اھڙي نموني سنڌجي پياري بلڪ مکڻ شاعر مرحوم تاجل بيوس ڏانھنس آيل خطن کي ميڙي “آريجن کان الھاس نگر“ جي عنوان سان ڪتاب ڇپرايو.ھن ڀلي انسان انهي ڪتاب جي ٽائيٽل پيج تي گل حيات اداري جي تصوير بہ ڏني ھئي. اڄ مان اھا تصوير پنهنجي پيارن پڙھندڙن سان ونڊي رھيو آھيان.
مان اڪثر ڪري ھن قسم جي ھر ھڪ پوسٽ جي پڄاڻي انهي آڇ سان ڪندوآھيان تہ گل حيات ادارو اڻ ٻڌايل سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻ جو خزانو آھي يونيورسٽيون سوشل سائنسز ۾ ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگرد ۽ محقق ھن اداري جي ميڙي چونڊي مان فائدو وٺن. اسان ڪنهن لوڀ ۽ لالچ کانسواءِ انهن سان تعاون ڪنداسين. ھن اداري مان باقي دنيا ڀرپور فائدو وٺي ٿي.مثال طور اسان 4 سال کن اڳ ويب سائيٽ ٺھرائي جنهن کي 8 لک ماڻھون ڏسي ۽ پڙھي چڪا آھن ۽اي ميلن ذريعي گل حيات مان وڌيڪ معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.اھي اي ميلون اسان انٽرنيٽ گروپن تي بہ رکندا آھيون. جڏھن دنيا گل حيات مان فائدو وٺي ٿي تہ پوءِ ڌرتي-ڌڻين کي بہ اسان جي خدمتن ۽ محبتن مان پنهنجو لاڀ وٺڻ گهرجي.(ممتاز پٺاڻ)