“ برٽش پيرڊ جي ھڪ انگريز پرست پارٽي- امن سڀا“
مون ڪيترن پوسٽنگس ۾ ور ور ڏئي اھا پئي ڳالھہ ڪئي آھي تہ انگريزن جي دور ۾ 45 پريشر گروپ ۽ سياسي پارٽيون سرگرم عمل ھيون ۽ جن بابت گل حيات ۾ کوڙ سارو مواد موجود آھي. اڄ انهن منجهان ھڪ پارٽي يعني “ امن سڀا“ بابت سنگت سان ويچار ونڊيان ٿو.
انگريزن جو تعداد تہ ٿورو ھيو پر انهن سياڻپ ڪري “ ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي. انهيءَ جي آڌار تي ٿورن ماڻھن ھڪ صدي تائين گھڻن ماڻھن تي حڪمراني ڪئي.1843 ۾ نيپيئر سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جي جاگيردارن ۽ وڏيرن جو اجلاس سڏايو ۽ اھو اعلان ڪيو تہ جيڪو اچي ھن جي سلامي ڀريندو ۽ انگريز حڪومت سان وفاداريءَ جو اظھار ڪندو انهن جون جاگيرون بہ بحال ڪيون وينديون ۽ کين وڌيڪ مان مرتبو بہ ڏنو ويندو. انهي سرڪاري حڪم جي ڏنڊي اڳيان سنڌ جو مٿيون طبقو گوڏن ڀر جهڪي پيو ۽ لڳ ڀڳ سمورن نوابن توڙي جاگيردارن حاضر ٿي آڻ مڃي.ھن کان پوءِ لقب القابن ۽ آفرين نامن ڏيڻ جو رواج پيو.بدعت اھا شروع ڪئي وئي تہ ڪن ماڻھن کي ڪمشنر يا ڪليڪٽر جي آفيس ۾ وڃڻ تي ڪرسي تي ويھڻ جا اجازت ناما ڏنا ويا.
ترڪيءَ ۽ افغانستان جي جنگين دوران سنڌ جي کوڙ سارن وڏن ماڻھن انگريزن جي حمايت ۾ اعلان ڪيا ۽ بيان ڪڍيا. اھڙن ماڻھن جا نالا سرڪاري گزيٽ ۾ ڇپبا ھئا ۽ بابا سائين (ڊاڪٽر پٺاڻ) اھڙن سوين ماڻھن جا نالا گڏ ڪيا آھن جن منجهان ڪجهہ Nears and dears جي سري ھيٺ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن.
ترڪي جي شڪست کان پوءِ ان تي جڏھن انگريز سرڪار اتحادين سان گڏجي پنهنجي مرضي جو معاھدو مڙھيو تہ ان تي سنڌ ۽ ھند جا مسلمان چڙي پيا ۽ وڳوڙي سياست جي شروعات ٿي.جڏھن جتي ڪٿي حڪومت جي خلاف سياسي پليٽ فارمن تان باھہ ڀڙڪڻ لڳي تہ حڪومت وري“ ورھايو،ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو“ جي حڪمت عملي شروع ڪئي ۽ ڪليڪٽرن ۽ ڊپٽي ڪليڪٽرن جي صدارتن ۾ سنڌ جي مختلف ھنڌن تي “ امن سڀائون“ قائم ڪرايون جنهن ۾ سنڌ جي مٿئين طبقي سان واسطو رکندڙ جاگيردارن،زميدارن ۽ وڏيرن کي امن سڀائن جو عھديدار بڻايو. جن جي نالن جي جيڪڏھن مان لسٽ ھتي ڏيان تہ منهنجي ھي پوسٽ تمام وڌي ويندي . انگريزن مولوي فضل ڪريم کي اڳيان ڪري خلافت تحريڪ ۽ عدم تعاون تحريڪ جي مخالفت ۾ وڏو ڪم ورتو.انهي نتيجي ۾ سرڪار ھڪ فتوا جاري ڪرائي جنهن تي سنڌ جي سوين مولوين ۽ پيرن صحيون ڪيون.اھا فتوا گل حيات ۾ موجود آھي انهي فتوا جي موٽ ۾ خلافت تحريڪ جي عالمن ٻي فتوا ڪڍي جنهن تي انهن عالمن بہ صحيون ڪيون جيڪي اڳ ۾ سرڪاري مدد لاءِ نڪتل فتوا تي صحيون ڪري چڪا ھئا.
گل حيات اداري ۾ “ امن سڀا“ تي جيڪو مواد موجود آھي ان تي سو ڏيڍ سو صفحن جو ڪتاب لکي سگهجي ٿو. امن سڀا جي مختلف شاخن جون ڪاروايون ۽ پاس ڪيل ٺھراءَ بابا سائين مختلف اخبارن مان جيئن جو تيئن نوٽ ڪري رکيا آھن.ھونئن تہ امن سڀائن جو تعداد وڏو آھي پر جيڪي وڌيڪ فعال رھيون ۽ جتي فعال رھيون انهن شھرن جو مختصر وچور ٺاھبو تہ اھو ھن ريت ٿيندو : ٽنڊو محمد خان، سکر، منڇر، ميرپور خاص، نصير آباد، پڊ عيدن، رتو ديرو، روھڙي، اٻاڙو ،سڪرنڊ، ٽنڊو آدم، ٽنڊو باگو، ڳڙھي ياسين، بدين، ٻيلو، دادو، ديرو محبت، ھالا، قمبر،قاضي احمد،لاڏيون،مانجهند،ٺٽو، شڪارپور،حيدرآباد وغيره.
مزي جي ڳالھہ ھي آھي تہ 1921 ۾ حيدرآباد ۾ جيڪا سوسائٽي عدم تعاون خلاف جوڙي وئي ان ۾ سنڌ جي وڏي نالي وارن اديبن جو بہ نالو اچي ٿو. جولاء 1930 ۾ سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن گادي نشينن۽ پيرن جي ھڪ وڏي ڪانفرنس ٿي ھئي جنهن جو مقصد پڻ سرڪار سان وفاداري ڪرڻ ۽ سرڪار خلاف ٿيندڙ سياست جي مخالفت ڪرڻ ھو.
امن سڀا ۽ اھڙن مقصدن واري سياست واريون سوسائٽيون ۽ پارٽيون 1920 کان وٺي 1930 تائين فعال رھيون ۽ انهن بابت مواد اسان جي پيرن فقيرن، گادي نشينن، وڏيرن ۽ جاگيردارن جي انگريز دوستي جي انوکي ڪھاڻي آھي.اڄ مون اھڙي مواد جي ٽائيٽل پيج جي تصوير پڙھندڙن جي اڳيان پيش ڪئي. تہ جيئن پڙھندڙ اھو محسوس ڪري سگهن تہ گل حيات ادارو فقط ڳالھيون نہ ٿوڪري ۽ ڊاڙون نٿو ھڻي ليڪن سنڌ جي تاريخ جو اھو خزانو گڏ ڪيو اٿس جنهن تي اسان جي محققن ۽ تاريخ نويسن جي نظر نہ پئي آھي. مان وري بہ نون محققن کي آڇ ٿو ڏيان تہ اھي ڪنهن يونيورسٽي مان ھن موضوع تي جيڪڏھن ايم فل يا پي ايڇ ڊي ڪندا تہ اھو مواد جيڪو گل حيات ۾ موجود آھي،مان ڪنهن معاوضي وٺڻ کان سواءِ سندن حوالي ڪندس. (ممتاز پٺاڻ)