“ ڪيسن ۽ مقدمن جي تاريخي تحقيق ۾ اھميت“
آئون انهي نيت سان گل حيات اداري جي ميڙي چونڊي متعارف ڪرائيندو آھيان تہ جيئن ھڪ طرف مان گل حيات جي خزاني کان دوستن کي واقف ڪري سگهان ۽ ٻئي طرف بابا سائين جي تحقيق جي طريقن،ڏات ۽ ڏان بابت نون محققن کي تحقيقي طريقن ۽ موضوعن بابت نئين ڄاڻ ڏئي سگهان.
اڄ جيڪو مون موضوع چونڊيو آھي،اھو آھي: “ڪيسن ۽ مقدمن جي تاريخي تحقيق ۾ اھميت“. ھي اھڙو موضوع آھي جنهن تي اسان جي تاريخ نويسن جو ڌيان نہ ويو آھي.پر بابا سائين انهي موضوع کي “ تحريڪ آزادي جي تحريڪ“،سنڌي صحافت جي تاريخ“ ۽ سنڌي سماج جي تاريخ“ کي جامع بڻائڻ لاء تمام ضروري ڄاتو ۽ انهي موضوع تي کوڙ سارو مواد گڏ ڪري گل حيات اداري ۾ رکيو آھي.
تحريڪ آزادي ۾ حصي وٺڻ تي ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ تي سنڌ جي ھزارين ماڻھن کي جيل جون سزائون مليون.بابا سائينءَ sorrows of Freedom Fighters جي عنوان سان ھڪ چڱو خاصو موٽو فائيل تيار ڪيو آھي ۽ اھا معلومات اسان جي ويب سائيٽ تي بہ رکيل آھي. انھي جي سافٽ ڪاپي کان سواء هارڊ ڪاپي بہ اسان وٽ موجود آھي. ھن مواد ۾ ڏسيو ويو آھي تہ ڪھڙي سياسي اڳواڻ يا ڪارڪن کي ڪھڙي قلم ھيٺ ۽ ڪيتري سزا ملي ۽ ان جو ڪھڙي سياسي پارٽي سان واسطو ھيو.
شخصيتن کان سواءِ سنڌ جي اخبارن ٻن ڪارڻڻ ڪري ڪيسن کي منهن ڏنو : ھڪڙو ھو تحريڪ آزادي ۾ ھٿي ڏيڻ ۽ ٻيو ھو بدناموسي لاءِ قلم کڻڻ . بابا سائين کوڙ سارين اخبارن جي اھڙي لسٽ جوڙي ورتي آھي جن تي انهي قسم جا ڪيس داخل ٿيا.ھن مواد تي مشتمل گھڻا سال اڳ“ ھلال پاڪستان“ اخبار ۾ “ اخبارن خلاف مقدما“ جي عنوان ھيٺ ھڪ مضمون لکيو ھيو جيڪو بہ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.پر ان کان پوءِ بابا سائين جيڪا انهي موضوع تي وڌيڪ معلومات ھٿ ڪئي آھي اھا ھارڊ ڪاپي ۾ اسان وٽ موجود آھي. الوحيد ۽ ھندواسي اخبار تي جيڪي ڪيس ھليا انهن جا فيصلا ٿيا انهن جون تفصيلي ججمينٽس اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن.
سنڌي ماڻھن کي جيڪي سياسي بنيادن تي ڪاري پاڻئ جون سزائون مليون انهن بابت ھڪ مختصر پوسٽ گل حيات جي فائيلن مان معلومات وٺي مون لکي فيس بوڪ تي شيئر ڪئي ھئي.پر ھي پنهنجي ليکي ايم فل جي ڊگري لاءِ تحقيق جو ٽاپڪ آھي تہ سنڌ جي ڪھڙن ڪھڙن ماڻھن کي ڪاري پاڻي جي سزا ملي.
بابا سائين ائين نت نون موضوعن جو تعارف بہ ڪريو آھي ۽ مواد بہ گڏ ڪيو آھي تہ جيئن جيڪڏھن ھو پاڻ انهن موضوعن تي مڪمل مواد ۽ معلومات گڏ نہ ڪري سگهي تہ گھٽ ۾ گھٽ تاريخ نويسن ۽ محققن جو توجه اھڙن موضوعن ڏانهن ڇڪرائي.
بابا سائين اھڙن مقدمن ۽ ڪيسن جي لسٽ ٺاھڻ کانپوءِ ٻئي مرحلي ۾ ڪورٽن جي لائبريرين ۾ وڃي گزيٽن ۽ دي آل انڊيا رپورٽر ۽ ٻين ذريعن وسيلن منجهان ڪجهہ ججمينٽس ھٿ ڪيون جن مان ٻن اخباري ججمينٽس جو مان مٿي ذڪر ڪري چڪو آھيان. بابا سائين انهن منجهان ٻيون جيڪي ججمينٽس گڏ ڪيون آھن اھي نہ فقط دلچسپ آھن پر وڏيون اھم پڻ آھن. ھاڻي ضرورت انهي ڳالھہ جي آھي تہ بابا سائين جي تيار ڪيل انهي ڪيسن جي انڊيڪس يا لسٽ کي ڌيان ۾ رکي سموريون ججمينٽس گڏ ڪجن ۽ جيڪڏھن اھو ڪم مڪمل ٿي وڃي تہ ھوند سنڌ جي تاريخ جو اھم باب محفوظ ڪري سگهجي.
گل حيات ۾ جيڪي ججمينٽس موجود آھن اھي سياسي اھميت ۽ نوعيت واريون آھن ۽ انهن مان ھڪڙئ ججمينٽ تہ ھڪ ضخيم ڪتاب جي صورت ۾ اڳ ڇپجي چڪي آھي.ھي اھو ڪيس آھي جيڪو علي برادران ۽ ٻين سنڌي ماڻھن تي ڪراچي ۾ ٿيل ھڪ جلسي ۾ سندن ڪيل تقريرن جي ڪري ڪيو ويو ھو.
شھيد سورهيہ بادشاھہ تي بغاوت جو ڪيس ھليو ۽ ان لاءِ ھڪ ٽرائبيونل ٺاھيو ويو انهي ٽرائبيونل ۾ سنڌ جا اھڙا سنڌي عملدار بہ ميمبر مقرر ڪيا ويا جن اڳتي ھلي مختلف ڪارنامن جي ڪري نالو ڪمايو پر سندن نالن جي گھڻن ماڻھن کي خبر ڪانهي.انهئ ڪيس ھلڻ دوران حر تحريڪ جي خلاف انٽيليجنس رپورٽون بہ تيار ڪري ٽرائبيونل کي ڏنيون ويو ھيون ۽ حر تحريڪ خلاف نفرت پکيڙڻ لاءِ اھڙيون رپورٽون اخبارن ۽رسالن کي بہ ڏنيون ويون ھيون.انهن منجهان ھڪ اڌ جامع رپورٽ گل حيات ۾ موجود آھي.پير شھيد سورھيہ بادشاھہ خلاف جوڙيل ٽرائيبونل جا تفصيل انهي زماني جي“ انڊين اينيوئل رجسٽر“ نالي رسالي ۾ شايع ٿيا. انهي رسالي جا ھر سال 2 جلد نڪرندا ھئا. محقق ڊاڪٽر عمر چنڊ کي اھڙو مواد گھربو ھيو جنهن لاءِ ھن جڳ مشھور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي گذارش ڪئي تہ اھو مواد گل حيات مان کيس وٺي ڏئي.ڊاڪٽر بلوچ نہ فقط ھڪ نامور محقق ھيو پر عظيم انسان بہ ھيو ۽ جڏھن لاڙڪاڻي طرف ايندو ھيو تہ گل حيات جو ڀيرو ضرور ڪندو ھيو. ھن ڀلي انسان شھيد سورھيہ بادشاھہ ۽ حرن بابت اھم مواد ڊاڪٽر عمر چنڊ لاءِ گل حيات مان ورتو ھيو.
انگريزن جي زماني ۾ 1927 ۾ ھڪ مسلمان عورت کي ھندن طرفان اغوا ڪرڻ تي لاڙڪاڻي ۾ وڏا ھنگاما ٿيا ھئا. انهي ڪيس جي رپورٽ“ انڊين اينيوئل رجسٽر“ ۾ ڇپي ھئي جيڪا پڻ گل حيات ۾ موجود آھي.
انگريزن جي دور ۾ سنڌ اندر کوڙ اھڙا ڪيس ھليا ۽ ٽريبونل ٺھيا ۽ فتوائون آيون جيڪي اسان جي سياست،صحافت ۽ سماج تي وڏي روشني وجهن ٿيون.ڪاش اسان جا ادارا انهي ڏانهن توجه ڏين.بحرحال ڪوتوجه ڏئي يا نہ ڏئي پر اسان جو ڪم آھي نون موضوعن کي متعارف ڪرائڻ جنهن تي گل حيات اداري پئي ڪم ڪيو آھي.( ممتاز پٺاڻ)