“ بابا سائين جي قلمي پورھي جي ڪٿ“
منهنجي والد ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ کي شاعري ورثي ۾ ملي سندس 2 چاچا شاعر ھئا. بابا سائين اخبارن ۽ رسالن ۾ لکڻ جو آغاز تہ اڳ ۾ ڪيو پر مستقل طور تي 1980 کان لکڻ شروع ڪيائين ۽ اھو ڪنهن محقق طرفان جھڙوڪ بابا جو رڪارڊ آھي تہ ھن مختصر وقفي کانسواءِ “ھلال پاڪستان“ “جاڳو“ “عوامي آواز“ “آزاد“ ۽ “ڪاوش“ ۾ ڪالم لکيا ۽ اھو سلسلو آڃا جاري آھي. ڪالمن لکندي بابا ھڪ تجربو ھي بہ ڪيو تہ ھڪ سال لاءِ ٽن اخبارن ۾ ھفتي وار ڪالم لکڻ شروع ڪيائين جن جا موضوع الڳ الڳ ھوندا ھئا. 35 سال ھفتي وار ڪالمن جو اندازو ھڻبو تہ اھي لڳ ڀڳ 1700 ڪالم ٿين ٿا ۽ انهن منجهان 100 ڪالمن تي جيڪڏھن ھڪ ڪتاب ڇپرائجي تہ اھي 17 ڪتاب ٿي سگھن ٿا.
ڪالمن کان علاوه بابا سائين جيڪو سنڌ جي سياست، علم ادب ۽ سماج تي مواد گڏ ڪيو آھي انهن مان جيڪڏھن سندس ترتيب ڏنل ڪتابن جو ڪاٿو ڪجي تہ انهن جو تعداد ھڪ ھزار ڪتابن کان وڌي بيھي ٿو.مان ان سلسلي ۾ ھڪ اڌ مثال ڏيندو ھلان: 1. انگريزن جي دور ۾ 45 سياسي گروپ ۽ پارٽيون ھيون انهن تي گل حيات ۾ ذري گھٽ 100 فائيل موجود آھن جن ۾ سياسي پارٽين جا آئين مکيہ عھديدارن ۽ ميمبرن جي زندگي جا احوال،پارٽي جون گڏجاڻيون،ڪاروايون ۽ سرگرميون شامل آھن. انهن طرفان جيڪي ٺھراءَ پاس ٿيا يا انهن جيڪي وقت جي حڪومت کي سپاس ناما ڏنا اھي انهن مان ڪيترو مواد فائيلن ۾ موجود آھي .2. انگريزن 1843 ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ 1947 ۾ پاڪستان ٺھيو انهن104 سالن تي بابا سائين ھڪ سال تي ھڪ ڪتاب تحقيقي بنيادن تي ترتيب ڏنو آھي ۽ ھڪ سال تي لڳ ڀڳ 100 صفحا ٿين ٿا .انهي قلمي پورھئي تي ٻڌل 2 ڪتاب اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھن.جيڪي آھن“ سنڌ 1941 ۾“ ۽ “سنڌ 1942 ۾“. انهئ موضوع تي 100 ڪتاب بابي جي ذھن ۽ گل حيات جي فائيلن ۾ موجود آھن.اھڙي ريت 300 موضوعن تي بابا سائين سوين فائيل گڏ ڪيا آھن اھي جيڪڏھن سندس جامع مقدمن،تشريحن ۽ فوٽ نوٽس سان گڏ ڇپجن تہ انهن جو تعداد بہ 500 کن ڪتاب ٿيندو.
ھن وقت تائين بابا سائين جا 25 کان مٿي ٻيا ڪتاب شايع ٿيا آھن جن مان “ جو ڪيو مطالعو مون“ بہ ھڪ آھي ۽ انھي ڪتاب جي ٽائيٽل جي تصوير سنگت سان اڄ ونڊي رھيو آھيان. ھي ڪتاب 1983 ۾ احمد آباد ،انڊيا جي“ ڪويتا ساھتيہ مالھا “ طرفان شايع ٿيو. انهي ڪتاب جو ھي پھريون ڀاڱو آھي. ڪتاب عملي تنقيد تي لکيل آھي جنهن ۾ 8 ڪتابن تي علمي تنقيد ٿيل آھي. اھي ڪتاب آھن 1. رستم (قصو) 2. ايسپ جون آکاڻيون (آکاڻيون) 3. قوم جا پوڄاري(ناٽڪ) 4. راسيلاس( ناول) 5. خوني تلوار(ناول) 6. دولت جو دوکو (ناول) 7. چندر چڪور (ناول) 8. لطيفي سئر (مضمون).
گنگا رام سمراٽ پنهنجي دور جو ناميارو تاريخ نويس ٿي گذريو آھي. ھن “چچنامي ۽ “مھين جي دڙي“ تي پنهنجي انداز جي مگر منفرد تحقيق ڪئي آھي.انهي برجستي تاريخ نويس بابا سائين جي ڪتاب تي ڏاڍو سھڻي نموني سان تعارف لکيو آھي. ھولکي ٿو تہ “ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ،ھن تصنيف ۽ مصنف اسانجي سامھون منصف جي صورت ۾ پيش آھي. جنهن نہ فقط انهن اديبن سان انصاف ڪيو آھي جنجي لکيتن جو عرق ھن نچويو آھي،پر خود پاڻ سان بہ“ پاڻ سان“ جو مطلب تہ ھن ھندو مسلم اديبن جي ادب کي مئي- ماپي ھڪ اھڙو مرڪب ميسر ڪري ڏنو آھي جو ان جي نوش ڪرڻ سان نشو چڙھندو ضرور“.
بابا سائين ڪنهن سرڪاري يا درٻاري اداري جو سربراھہ ڪو نہ رھيو آھي جو ڪنهن اداري کي ڏاڪڻ بڻائي پنهنجي قد بت کي اوچي ڪرڻ لاءِ ان جي ذريعن ۽ وسيلن کي ڪتب آڻي پنهنجا لکيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب شايع ڪرائي ھا.ھن غريب لوھر جي ٻار گل حيات اداري کي اھڙي مواد جو خزانو بڻايو آھي جيڪو ھاڻي ويب سائيٽ تي بہ رکڻ شروع ڪيو آھي. ڀلي اڄ سندس قلمي پورھي جي ڪٿ ڪرڻ محبتن يا نفرتن جي ڪري مشڪل لڳي،پر اسان سندس اولاد ھن جي علمي ۽ قلمي قد بت ۽ حيثيت جا عيني گواه آھيون. بابا سائين ڪنهن لوڀ،لالچ ۽ مڃتا لاءِ نہ پر سنڌ جي خدمت لاء ڪم ڪيو آھي ۽ سنڌ سسن محبت جي پنهنجي ڪھاڻي لکي آھي ۽ ھميشہ لکندورھندو. ( ممتاز پٺاڻ)