“ گل حيات ۾ موجود انگريزن جي زماني جا ڪجھہ سنڌي ۾ ترجمو ٿيل آڪٽ“
اڄ وري مان ھڪ اھڙي موضوع تي پنهنجي پيارن پڙھندڙن جو توجهہ ڇڪرايان ٿو جنهن کي اسان جي تحقيق دوران بنھہ نظر انداز ڪيو ويو آھي. اھو موضوع آھي “انگريزن جي زماني ۾ ٿيل قانون سازي“.
سنڌ انگريزن جي زماني ۾ انڊين ليجسليٽو ڪائونسل ۽ بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي پليٽ فارمس تان قانون سازي ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. اھي ٻئي قانون سازيءَ جا ادارا ھئا ۽ انهن طرفان جيڪي بہ آڪٽ پاس ٿيندا ھئا تہ انهن جو انگريزي کانسواءِ سنڌي ۾ ترجمو ڪرائي سرڪاري گزيٽن ۾ شايع ڪيو ويندو ھئو .سنڌ جا مشھور ڪامورا جيڪي پوءِ ليکڪن جي حيثيت ۾ بہ ڄاتا ويا، اھي سنڌي جا ٽرانسليٽر يا مترجم ھوندا ھئا. انهن آڪٽ بہ ترجمو ڪيا ۽ ٻيو ڪيترو سرڪاري مودا بہ ترجمو ڪيو.
بابا سائين ڊاڪٽر پٺاڻ جڏھن پي ايڇ ڊي ڪندو ھيو ۽ ڪراچي جي اسلاميہ آرٽس اينڊ ڪامرس ڪاليج ۾ ليڪچرار ھيو تڏھن کوڙ ساريون لائبريريون ڏٺائين.بابا سائين گورنر ھائوس جي ڀرسان قائم ٿيل پرنٽنگ پريس جو ڊيپو ڏٺو تہ اتان کوڙ سارا سنڌي ۾ ترجو ٿيل آڪٽ ۽ ٻيا ڪتاب خريد ڪيائين.ھاڻي اھي آڪٽ ۽ ڪوڊ ناياب آھن ۽ ڪنهن ڪتابن جي دڪان يا ويندي وڏين لائبريرين تائين انهن جو ھجڻ شايد مشڪل ھجي. پر مان پڙھندڙن کي اھو ٻڌائيندو ھلان تہ اھو خزانو ضلعي ھيڊ ڪوارٽرن ۾ قائم ٿيل ڪليڪٽرن( ھاڻي ڊي سي) جي رڪارڊ روم ۾ ضرور موجود ھوندا. گل حيات اداري ۾ بہ انهن آڪٽس ۽ ڪوڊس جو چڱو خاصو تعداد موجود آھي. اڄ جيڪا تصوير دوستن جي خدمت ۾ پيش ڪئي اٿم اھو 1898 جو آڪٽ نمبر 5 آھي ۽ ان جو عنوان آھي“ سن 1898 جو ڪرمينل پروسيجر ڪوڊ “ ھي فل اسڪيپ سائيز جو ڪتاب آھي جنهن جا 426 صفحا آھن ۽ اھو A.C Green اي سي گرين نالي سنڌي ٽرانسليٽر ترجمو ڪيو ھو ۽ اھو ڪراچي جي ڪمشنرس پرنٽنگ پريس ۾ ڇپيو ھيو.
انهن پراڻن ڪوڊن ۽ آڪٽس منجهان اسان کوڙ ساريون ڳالھيون سکي ۽ پڙھي سگهون ٿا. مثال طور اھي ڪھڙا عملدار ھئا جن سنڌي ترجمي جو ڪم ڪيو تہ جيئن انهن جي زندگي جا احوال گڏ ڪري تفصيل سان لکي سگهجي تہ ڪھڙي مترجم ڪھڙا ڪھڙا ڪوڊ ۽ آڪٽ سنڌي ۾ ترجمو ڪيا؟.ھتي ھي ڳالھہ بہ ٻڌائيندو ھلان تہ بابا ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ 2 سال سنڌ حڪومت جي لا ڊپارٽمينٽ ۾“ انڊپينڊنٽ ٽرانسليٽر“ ٿي رھيو ۽ پنهنجي ايام ڪاري ۾ 10 سالن ۾ ٿيل قانون سازي جو سنڌي ۽ اردو ۾ ترجمو ڪيو ھيائين جيڪو لا ڊپارٽمينٽ جي ويب سائيٽ تي موجود ھوندو.
پراڻن ڪوڊس ۽ آڪٽس جي مطالعي مان اسان کي نہ فقط مترجمن جي خبر پوي ٿي پر اھا بہ ڄاڻ ملي ٿي تہ انگريز سرڪار ڪھڙن ڪھڙن موضوعن ۽ مسئلن شعبن ۽ پھلوئن تي قانون سازي ڪئي. انگريز سرڪار ھر سال جي آخر ۾ ٿيل قانون سازي جي لسٽ يا ڪيٽالاگ بہ شايع ڪرائيندي ھئي ۽ گزيٽ ۾ نوٽيفاءَبہ ڪندي ھئي. گل حيات ۾ اھڙا ڪجهہ ڪيٽا لاگ بہ موجود آھن.
تاريخ جي ڄاڻو ماڻھن کي اھا خبر ھوندي تہ 1919 ۾ “ روولٽ آڪٽ“ پاس ٿيو ھيو جنهن کي “ڪارو قانون“ بہ چئبو آھي ۽ جنهن جي مخالفت ۾ سموري گڏيل ھندستان ۾ سخت رد عمل ظاھر ٿيو.“جليان والا باغ“ ۾ جرنل ڊائير سياسي جلسي تي فائرنگ ڪرائي ڪيترائي ماڻھون مارايا ھئا.اھو ايڪٽ پاس ۽ لاڳو ان ڪري ڪيو ويو تہ جيئن انگريزن خلاف ٿيندڙ سازشن ۽ مخالفتن کي منهن ڏئي سگھجي، پر انهي جي برعڪس خلافت تحريڪ ھلي جنهن ھجرت تحريڪ کي جنم ڏنو ۽ ڪانگريس ٻين پارٽين سان گڏجي حڪومت خلاف تحريڪون ھلايون. ملڪي سياست ۾ انقلابي تبديلي آڻيندڙ اھو آڪٽ انگريزي ۽ سنڌي ۾ گل حيات اداري ۾ موجود آھي. ان کانسواءَ جيڪي آڪٽ ۽ ڪوڊ اسان جي اداري ۾ موجود آھن انهن جي مان الڳ لسٽ ٺاھي ان تي ڌار پوسٽ لکندس.( ممتاز پٺاڻ)