“گل حيات ۾ پراڻين اخبارن جو مواد ڪيئن گڏ ڪندا آھيون؟“
“سنڌ سڌار“ اخبار جي جاري ٿيڻ کان وٺي 1982 تائين سنڌ ۽ ھند ۾ جيڪي اخبارون ۽ رسالا جاري ٿيا انهن جي مڪمل لسٽ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي،جيڪا سنڌي ۾ آھي.صحافت تي اخبارن ۽ ايڊيٽرن بابت اھڙي جامع لسٽ شايد ٻئي ھنڌ تي موجود نہ ھجي. انگريزن جي زماني ۾ سنڌي صحافت تي جيڪي ڏکيا ڏينهن آيا ۽ مٿن ڪيس ھليا اھو نادر مودا بہ پڙھندڙن کي اتان ملي ويندو.سنڌ جي صحافت 1936 کان وٺي 1947 تائين جن مقامي ملڪي ۽ غير ملڪي حالتن ۽ واقعن تي لکيو اھو مواد بہ انگريزي ۾ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
بابا سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ھڪ غريب لوھر جو ٻار آھي ۽ ھن وٽ ايتري دولت ڪو نہ ھئي تہ سموريون اخبارون خريد ڪري سگھي. انڪري پاڻ بي حساب اخبارون ۽ رسالا پڙھيائين جن مان“ ڊيلي گزيٽ“ ،الوحيد“، ڊي جي ڪاليج مسلني“، اخبار تعليم“، توحيد“۽ سنڌو ماھوار“ جا لڳ ڀڳ سمورا پرچا ذڪر لائق آھن. مان اڳ ۾ ڳالھہ ڪري چڪو آھيان تہ “ ڊيلي گزيٽ اخبار“ ڪراچي مان نڪرندي ھئي ۽ اھا انگريزي اخبار ھئي .1884 کان وٺي 1947 تائين بابا سڄي اخبار پڙھي ۽ اڄ ڪلهہ انهي جي اھڙي مواد جي انڊيڪس ٺاھي رھيو آھي جيڪو سنڌ بابت آھي.
“الوحيد اخبار“ خلافت تحريڪ جي زماني ۾ جاري ٿي ۽ انهي اخبار “خلافت تحريڪ“ کان وٺي ويندي “ مسجد منزل گاھہ تحريڪ“ تائين تمام تاريخي اھميت وارو مواد ڏنو.الوحيد اخبار تي مرحوم ڊاڪٽر خان محمد پنھور پي ايڇ ڊي ڪئي ۽ ھن جو ڪم وڏي اھميت وارو آھي. عزيزالرحمان ٻگھئي سنڌي صحافت تي پي ايڇ ڊي ڪئي. ھن جو تحقيقي پورھيو بہ ڏاڍو ڪارائتو آھي.پر اھي ٻئي تحقيقي ڪم ڊگري لاءِ ھيا ۽ انهن ۾ اخبارن جو ڏاڍو سٺي نموني سان احوال ڏنو ويو آھي.
بابا سائين جو اخبارن ۽ رسالن جو مطالعو پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ جو رھيو ۽ پاڻ اخبار جي احوال سان گڏ اخباري مواد کي منفرد انداز سان گڏ ڪيو اٿس. مثال طور الوحيد اخبار ۾ جيڪو ڪجهہ “مسجد منزل گاهہ تحريڪ“ تي خبرن،خطن ۽ ايڊيٽوريلن تي مشتمل مواد ڇپيو اھو سمورو گل حيات ۾ فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ ھڪ جلد ۾ موجود ۽ محفوظ آھي.ھن ئي اخبار ۾ خلافت تحريڪ.جي يو آءِ ۽ مسلم ليگ بابت جيڪي خبرون شايع ٿيون اھي لڳ ڀڳ سموريون بابا پنهنجي ھٿن سان نوٽ ڪري فائيل جوڙي گل حيات ۾ گڏ ڪري رکيا آھن. 1927 ۾ “شڌي تحريڪ“ ھندو مسلم لاڳاپن تي ڪاري ضرب لڳائي. انهي تي الوحيد ۽ ٻين اخبارن گھڻو ڪجهہ لکيو ۽ اھو مواد “شڌي تحريڪ“ جي عنوان ھيٺ ھڪ فائيل ۾ موجود آھي. جڏھن سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي تہ سنڌ ۾ “سنڌ يونيورسٽي“ ٺاھڻ جون ڳالھيون ٿيون.محمد ايوب کھڙي خط لکي پنجاب جي ڪن عالمن کان انهي مسئلي تي صلاح ورتي جن سندس مخالفت ڪئي ۽ چيو تہ ممبئي يونيورسٽي سان تعليمي ۽ تدريسي رشتو نہ ٽوڙيو. انهي سلسلي ۾ سنڌ ۾ مسلم ايجوڪيشنل ڪانفرنسون ٿيون.سنڌ يونيورسٽي جي قيام جي تائيد ۽ مخالفت ۾ جيڪو اخباري مواد پيدا ٿيو اھو ھڪ فائيل جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي. ھن گذارش ڪرڻ جو مقصد ھي آھي تہ آءُ سنگت کي اھو ٻڌائي سگهان تہ سنڌ جي آڳاٽين اخبارن جو روح ۽ مواد اسان ڪھڙي انداز سان گل حيات ۾ محفوظ ڪيو آھي. بابا سائين سڀ اخبارون تہ خريد ڪو نہ ڪيون پر ڪن ناياب اخبارن جا پرچا ۽ مکيہ اخبارن جا خاص ايڊيشن جيترا ھٿ ڪري ۽خريد ڪري سگهيو آھي اھي گل حيات ۾ موجود ڪري رکيا آھن. انهي سلسلي ۾ مھراڻ اخبار سيد سردار علي شاھہ جي ايڊيٽري واري زماني ۾ مثالي ايڊيشن ڪڍيا ھئا جن مان ڪيترا اسان وٽ موجود آھن.
موقعي جو فائدو وٺي مان وري نون محققن جو توجه ٿو ڇڪرايان تہ جن دوستن کي پراڻين اخبارن ۽ پراڻن رسالن پڙھڻ جو شوق آھي تہ اھي گل حيات جي رابطي ۾ ضرور اچن ڇو تہ گل حيات کي نظرانداز ڪرڻ جو مقصد ٿيندو تہ تحقيق ۾ تاريخي اھميت جي مستند مواد کي نظرانداز ڪرڻ ۽ اھا ڳالھہ تاريخي تحقيق جي مفاد وٽان ڪو نہ آھي. اسان گل حيات وارا مدد ڪرڻ،مھمان نوازي ڪرڻ ۽ قرب ڏيڻ ۾ ڪو نہ گھٽائينداسين.(ممتاز پٺاڻ)