“پوسٽر،پمفليٽ،ايڊريسون. سپاس ناما ۽ ميمورينڊم“
منهنجي ھن اڄوڪي پوسٽ رکڻ جو بنيادي مقصد ھي آھي تہ مان پڙھندڙن کي اھو ٻڌائي سگهان تہ سنڌ جي تاريخ تي معلومات ۽ مواد گڏ ڪرڻ لاءِ گل حيات ڪھڙا پھلو نظر ۾ رکيا آھن.اڄ مان جنهن موضوع تي ويچار ونڊي رھيو آھيان اھو اھم بہ آھي ۽ دلچسپ بہ آھي.
انگريزن جي دور ۾ ممبئي کان گورنر سنڌ ۾ ايندا ھئا جڏھن سنڌ ممبئي کان الڳ ٿي تہ سنڌ جي گورنرن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا دورا ڪيا. انهن کي سنڌ جي ميونسپالٽيون۽ سياسي تنظيمون سپاس ناما پيش ڪنديون ھيون.اھڙي ريت پنجاب ۽ ھندستان جي ٻين ھنڌن تان کوڙ سارا سياسي اڳواڻ سنڌ ۾ آيا جن ۾ مھاتما گانڌي،سروجنو نئڊو، خان عبدالغفار خان ۽ قائد اعظم وغيره ذڪر لائق آھن. انهن شخصيتن کي بہ سپاس ناما ڏنا ويا.ھنن سنڌ ۾ تقريرون بہ ڪيون.اھڙي ريت ھتان جي سياسي پارٽين چونڊن جي وقت تي پوسٽر ۽ پمفليٽ بہ ڇپرايا. اھو مواد ھزارھا صفحن کان بہ مٿي ٿيندو.
بابا سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ انهي مواد جي اھميت ۽ ضرورت محسوس ڪندي ان کي گڏ ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ڪئي آھي. سنڌ جي اھم سياستدانن جون تقريرون“ سنڌ ۾ سياسي چرپر“ جي عنوان سان بابا سائين جو ڪتاب ڇپجي چڪو آھي.اسان جي ويب سائيٽ تي رئيس غلام محمد ڀرڳڙيءَ،جمشيد مھتا، حاجي عبداللہ ھارون، بينظير ڀٽو ۽ ٻين ڪيترن ئي سياستدانن جون تقريرون موجود آھن. انهي کان سواءِ انگريزن جي دور جي گورنرن ۽ ڪمشنرن کي ڏنل سپاس ناما ۽ ٻيو اھڙو مواد اڃا گل حيات جي فائيلن ۾ پيو آھي.
شھيد ذوالفقار علي ڀٽي پيپلز پارٽي ٺاھي تہ ان وقت جا چونڊن ۾ حصي وٺڻ دوران شايع ڪرايل پوسٽر، جڏھن 1958 ۾ ايوب مارشل لا ھنئي ۽ پنهنجي فوٽو سان گڏ ذخيره اندوزي ۽ رشوت خوري خلاف سرڪاري طور تي پوسٽر ڇپرايا انهن مان بہ ڪجھہ گل حيات ۾ موجود آھن.
اڄ اوھان سان سنڌ مسلم ليگ جي صدر سائين جي ايم سيد طرفان چونڊن وقت ڇپرائيل ھڪ پوسٽر جي تصوير شيئر ڪري رھيو آھيان جيڪا پنهنجي لفظن ۾ ان دور جي سياسي ڪھاڻي ٻڌائي ٿي.
مان وري موقعي جو فائدو وٺي پنهنجي پڙھندڙن کي اھا گذارش ڪندس تہ پوسٽر ۽ پمفليٽ،اسٽيڪر ۽ ھيڊ بل دوستن جا ھجن يا دشمنن جا ھجن اھي اسان جي سياسي،سماجي ۽ مذھبي حالتن تي روشني وجهندڙ مواد جي حيثيت رکن ٿا. ان کي ردي سمجهي ضايع نہ ڪيو وڃي.جيڪڏھن ڪوئي پاڻ محفوظ نہ ٿو ڪري تہ اھا ردي گل حيات کي ڏياري موڪليو ڇو تہ قوم سان اھو اسان جو واعدو ٿيل آھي تہ اسان ردي وٺي تاريخ ڏينداسين. جنهن دوست وٽ اسان جي ايڊريس ڪونہ آھي تہ اھي نوٽ ڪن جيڪا ھن ريت آھي.: ممتاز علي پٺاڻ گل حيات انسٽيٽيوٽ پوسٽ ۽ ڳوٺ خير محمد آريجا تعلقو باڪراڻي ضلعو لاڙڪاڻو