“ گل حيات ۾ قلمي قرآن ۽ ٻيا قلمي مسودا“
منهنجي ھنن پوسٽنگس جا بنيادي طور 2 مقصد ھوندا آھن. پھريون مقصد ھي ھوندو آھي تہ مان گل حيات جي محبت ڀريءَ محنتن ۽ خدمتن کان پنهنجي محسنن ۽ مھربانن،پڙھندڙن ۽ يارن کي باخبر رکندو اچان .ٻيو مقصد ھي ھوندو آھي تہ گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد کي ڏسي ۽ پڙھي ۽ بابا سائين سان علمي ڪچھريون ڪندي منهنجي ذھن ۾ جيڪي سوچون ۽ سوال پيدا ٿيا اھي ونڊي سگهان. مثال طور اڄ مان انهي قلمي قرآن جي ھڪ صفحي جو عڪس ڏيندي پاڻ کان ئي سوال ڪيان ٿو تہ سنڌ جي تاريخ جا اڻ ڳڻيا موضوع ۽ پھلو اسان جي ذھن ۾ ڇو نہ ٿا اچن؟ جڏھن جڏھن قلمي مسودن جو ذڪر نڪرندو تہ اھي ڪاتب ياد اچي ويندا جن وڏي مھارت ۽ محنت سان اھو قلمي پورھيو ڪيو. ٿيڻ ائين گھرجي تہ سنڌ ۾ جيڪي بہ قلمي مسودا موجود آھن انهن کي ڏسي ڪاتبن جي لسٽ ٺاھي وٺجي ۽ پوءِ انهن جي قلمي پورھئي تي بہ تحقيق ڪجي ۽ سندن سوانح تي بہ ڪم ڪجي.ڪاتبن جي ڪھاڻي جي پڄاڻي جديد پريس جي اچڻ ۽ استعمال ٿيڻ کان پوءِ پوري ٿي وئي .پر ان کان اڳ ليٿو پريس جي استعمال دوران بہ ڪاتبن جو دور ھيو.انگريزن جي ابتدائي دور ۾ جيڪي ليٿو پريس ۾ ڪتاب ڇپيا اھي ڪاتبن جا لکيل ھوندا ھئا. سنڌ جا کوڙ ڪتاب لاھور کان ممبئي تائين قائم ٿيل اهڙين پريسن ۾ ڇپيا.
مون جنهن قلمي قرآن جو عڪس ھتي ڏنو آھي اھو 1153 ھجري ۾ محمد رضا نالي ڪاتب لکيو جنهن جي پيءُ جو نالو عبدالغفور آھي ۽ شيخ احمد صديقي جي پونئيرن مان ھيو .انهي مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ وڏا ديني مدرسا اڳ ۾ ڪاتبن جو مرڪز ھوندا ھئا ۽ گھڻو ڪري ڪاتب مسلمان ئي ھوندا ھئا.پر جڏھن ليٿو پريس آئي ۽ ڪتابت پروفيشن بڻجي وئي تہ ان زماني ۾ مسلم توڙي غير مسلم ڪاتب ميدان ۾ آيا.
گل حيات ۾ موجود ھي فقط ھڪ قلمي قرآن ڪونهي پر ٻيا ڪتاب پڻ موجود آھن ڇو تہ منهنجو پڙ ڏاڏو مرحوم حاجي خدابخش پٺاڻ وڏو علم دوست ماڻھو ھيو. ھن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ سنڌ جي مشھور خلافتي اڳواڻن سان سندس ڏيٺ وائٺ ۽ ياري دوستي ھئي. پڙ ڏاڏي کي جانورن جي حڪمت ۾ وڏي مھارت حاصل ھئي.انڪري ھن ڪجھہ ڪتاب ملان ابڙن جي ديني عالمن ۽ڪاتبن کان لکرايا.اھڙن قلمي ڪتابن مان گھوڙن تي ڪتاب اڄ بہ اسان وٽ موجود آھي.
ذڪر قرآن شريف جو ٿو ھلي ان ڪري ٻين قلمي ڪتابن کي ڇڏي پنهنجي موضوع تي اچان ٿو.منهنجي ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ علام محمد آريجوي نالي ديني عالم پيدا ٿيو جنهن جي مدرسي مان پير محمد راشد روضي ڌڻي بہ پڙھي ويو.ھن ڳوٺ ۾ مخدوم شھاب الدين مڱرئي نالي وڏي عالم جي شخيت بہ ٿي گذري آھي،جنهن مخدوم عبدالرحيم گروھڙي سان گڏ جھاد ڪيو ۽ پنهنجي اڳواڻ جي شھادت کان پوءِ اچي اسان جي ڳوٺ ۾ رھيو. انهن ٻنهي بزرگن جي اثر ھيٺ هن ڳوٺ ۾ جيڪو علمي ماحول پيدا ٿيو انهي جي نتيجي ۾ ڪيترا قلمي قرآن ۽ ٻيا قلمي مسودا اسان جي ڳوٺ جي مختلف خاندانن وٽ اڄ بہ موجود آھن. اھو ئي سبب آھي جو گل حيات جي ميڙي چونڊي ۾ ھي قلمي قرآن ۽ ٻيا قلمي ڪتاب پڻ موجود آھن.ھي قلمي قرآن لڳ ڀڳ 300 سال اڳ لکيو ويو جنهن جي ورق ورق کي بابا سائين بٽر پيپرن ۾ محفوظ ڪرائي جلد ھڻائي رکيو آھي.(ممتاز پٺاڻ)