“ ٽالپرن جي حڪمراني جنهن تي مواد جي فراھمي ۾ بنھہ آساني“
صدين جي غلامي کان پوءِ ڪلھوڙن سنڌ جي جاگرافيائي ۽ قومي وحدت کي قائم ڪيو ۽ ھنن کان پوءِ ٻي ڏيھي حڪومت ٽالپرن جي قائم ٿي. ٽالپرن سنڌ ۾ منفرد سياسي تجربا ڪيا. مير پور خاص،حيدر آباد ۽ خيرپور الڳ الڳ ٽالپرن خاندانن جي حڪومتن جي گادي جا ھنڌ رھيا.حيدرآباد واري حڪومت ۾ چوئياري وارو ھڪ ڪامياب تجربو بہ ڪيو ويو.ڪلھوڙن جي ڀيٽ ۾ ٽالپرن جي حڪمراني بابت کوڙ سارو مواد موجود آھي پر ڏک جي ڳالھہ اھا آھي تہ ھن دور تي خود ميرن يا ٻين محققن ڪوئي مثالي ڪم نہ ڪيو آھي.
1998 ۾ نيڌر لينڊ مان “ انٽر نيشنل انسٽيٽيوٽ آف سوشل ھسٽري“ جو ھڪ عملدار سيڙجي گل حيات گھمڻ آيو ھو جنهن اسان کي ٻڌايوهو تہ ھن جي ملڪ ۾ خانداني آرڪائيوز ۽ ميوزم عام ۽ جام آھن جنهن ۾ خاندان پنهنجي ماضي بابت مواد ۽ معلومات محفوظ ڪري رکندا آھن.
1936 ۾ جڏھن سنڌ کي صوبائي حيثيت ملي تہ ان کان پوءِ سنڌ جي ٽالپورن جو صوبائي ۽ مرڪزي سياست ۽حڪومت ۾ عمل دخل رھيو آھي.مير بند علي پاڪستان کان اڳ سنڌ جو وڏو وزير ٿي رھيو.مير غلام علي ٽالپور مرڪزي ۽ اولھہ پاڪستان حڪومت ۾ وزير ٿي رھيو .مير علي احمد ٽالپور ضياالحق جي زماني ۾ دفاع جو وزير ٿي رھيو. سندس ڀاءُ مير رسول بخش ٽالپور سنڌ جو گورنر ٿي رھيو. ان کانسواءِ ٻيا ٽالپور سنڌ حڪومت ۾ وزير ٿي رھيا.کين سونھري موقعا مليا پر سنڌ تي ٽالپورن واري حڪمراني واري دور تي نہ تہ ڪا تحقيق ٿي نہ وري تحقيق لاءِ ڪو ادارو جڙيو.
ٽالپورن جو دور سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان حيثيت رکي ٿو. ان دور ۾ سنڌ جي سياست جي سرزمين تي جيڪو ٻج ڇٽيو ويو ان جو فصل اسان جي وڏڙن انگريزن جي دور ۾ ۽ اسان موجوده دور ۾ ڪاٽي رھيا آھيون. انهي دور تي تحقيق ڪرڻ ان ڪري سولي آھي جو ان بابت مواد سنڌ،ھند ۽ برطانيہ جي لائبريرين ۾ موجود آھي. گل حيات وس پڳي انهي دور تي ڪجھہ مواد گڏ ڪيو آھي ۽ اھڙي لسٽ ٺاھي ورتي اٿس جنهن مان خبر پوندي تہ ٻاھرين ملڪن ۾ ٽالپورن جي حڪمراني بابت ڪٿي ڪٿي ۽ ڪھڙو مودا پيو آھي.
انگريزن ڌوکي ۽ ٺڳي سان سنڌ جي آزادي کسي ۽ حيدرآبادي خواه مير پور خاص حڪومتن جو خاتمو آندو. انهي کانسواءِ خيرپور جي حڪمرانن کي بہ ڏاڍو پريشان رکيو.سنڌ تي قبضي ٿيڻ کان پوءِ ھندستان ۽ برطانيہ ۾ انهي خلاف وڏو چوٻول ٿيو.برطانيہ جي پارليامينٽ ۾ انهي تي بحث ٿيو ۽ ان دوران جيڪي ڊاڪيومينٽس پارليامينٽ ۾ پيش ڪيا ويا ۽ انهن مان جيڪي فوٽو اسٽيٽ صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھن،مان انهن مان ھڪ ڊاڪيومينٽ جي ٽائيٽل پيج جو عڪس اوھان سان ونڊي رھيو آھيان.
23 جون 1852 تي پارليامينٽ ۾ ٿيل تقرير تي مشتمل ھي ڪتاب آھي،جيڪو ساڳئي ئي سال لنڊن ۾ ڇپيو ھيو. اھا تقرير پنهنجي جاءِ تي سنڌ جي تاريخ جو اھم ڊاڪيومينٽ آھي.
مان اھا صلاح ڏيندس تہ ڪنهن يونيورسٽي ۾ چيئر قائم ڪئي وڃي يا سنڌ حڪومت ٽالپورن جي دور تي ڪم ڪرڻ لاءِ ڪو تحقيقي ادارو قائم ڪري. انهي سلسلي ۾ گل حيات انسٽيٽيوٽ ھر ممڪن سھڪار ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ذميوار سمجهي ٿو.(ممتاز پٺاڻ)