“سنڌ جا سال ناما “ Year wise chronology ofsindh 1843_1947 سنڌ جي تاريخ تي مختلف زاوين کان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آھي. شڪايت ڪرڻ يا ڪاوڙ ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي تہ سنڌ سان محبت جون ڳالھيون ۽ دعوائون ڪرڻ وارن جي ڪا ڪمي آهي پر اهو ضرور چئبو تہ سنجيدگي سان ۽ باريڪ بيني سان ڪم ڪرڻ وارا اٽي ۾ لوڻ برابر آھن.سنڌ جي تاريخ تي تحقيق ڪرڻ لاءَ ھڪ اڌ سرڪاري ادارو بہ آھي ۽ يونيورسٽيون بہ پنهنجي ذريعن خواھہ وسيلن سان تاريخ تي ڪڏھن ڪڏھن تحقيقي ڪم ڪرائن ٿيون ،پر کوٽ ان ڳالھہ جي آھي تہ اھي سموريون ڪوششون منظم منصوبہ بندي کان خالي آھن. بھتر ائين ٿيندو تہ سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ وارا ادارا ۽ يونيورسٽيون سڀ کان پھريون ھڪ جامع رٿا ٺاھن تہ ڪھڙن ڪھڙن زاوين تي ڪم ٿيڻ گھرجي ڪھڙن ڪھڙن ادارن ۽ شخصيتن جي خدمتن کي اجاگر ڪيو وڃي ۽ ڪھڙن ڪھڙن تاريخي اھميت وارن سماجي، سياسي، مذھبي ۽ ثقافتي واقعن تي ڀرپور روشني وڌي وڃي. ھاڻي اسان وٽ انهن موضوعن تي تاريخي تحقيق ٿئي ٿي جيڪي محققن کي سولا لڳن ٿا يا انهن بابت ڪجھہ مواد وٽن موجود آھي.
سنڌ جي تاريخ تي انهي وقت تائين ڪو بھتر نتيجن ڏيڻ وارو تحقيقي ڪم نٿوڪري سگهجي،جيسيتائين سڀ کان اول مواد ۽ معلومات گڏ ڪجن ۽ محققن جي ان تائين رسائي ممڪن ۽ آسان بڻائي وڃي . انهي سلسلي ۾ اسان وٽ اھڙا تربيت يافتہ محقق ۽ ادارا جهڙوڪ آھن ئي ڪونہ. ادارن کي تمام وڏيون ۽ زبردست لائبريريون آھن،پر انهن کي ڪتابن جا جهنگ چئي سگهجي ٿو. ڇو تہ محقق اٽو ٻڌي وقت ڪڍي انهن لائبريرين ۾ وڃي سندرو ٻڌي مواد ۽ معلومات ڳولھين ٿا. جڏھن تہ مغربي ملڪن ۾ صورتحال انهي جي برعڪس آھي. اتي لائبريريون محققن کي سھولت ڪاري فراھم ڪن ٿيون .انڪري محقق کي مواد ۽ معلومات آساني سان ملي وڃي ٿو. مزي جي ڳالھہ اھا آھي تہ جڏھن ٻاھرين ملڪن جا ماڻھون سنڌ تي تحقيق ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾اچن ٿا تہ اسان جا ادارا ۽ ماڻھون ڏينهن رات ھڪ ڪري انهن جو آڳو پيڇو بہ ڪن ٿا ۽ مواد ۽ معلومات حاصل ڪرڻ ۾ ھڻان وڻان مدد ڪن ٿا پر سنڌ ۾ ڪو سنڌي محقق تاريخ تي ڪم ڪري ٿو تہ ھن ويچاري کان ڪو پڇڻ وارو آھي ئي ڪو نہ.
گل حيات ادارو اھي ڳالھيون ڳڻيندي مواد ۽معلومات جي ميڙي چونڊي جو ھڪ بي مثال ڪارنامو سر انجام ڏنو آھي جنهن ۾ بابا ۽ اسان ڪنهن سرڪاري يا درٻاري مالي ۽ اخلاقي مدد کانسواءِ، پر اجاين ۽ دل آزاريندڙ دشمنين ۽ مخالفتن باوجود جيڪو ڪم ڪيو آھي ان جو ٻاھرين ملڪن وارا تہ قدر ڪن ٿا ليڪن جن لاءِ ڪم ڪجي ٿو اھي اک کڻي بہ مواد ڏسڻ جي تڪليف گوارا نٿا ڪن. اسان جو مڃتا ۽ مخالفت سان ڪو واسطو ڪونهي.اسان پنهنجو ڪم ڪندا وڃئون ٿا ۽ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائڻ جي سگھہ نہ ساريندي پنهنجي ويب سائيٽ ۽ مختلف انٽرنيٽ گروپن تي اھو ونڊيندا ۽ ورھائيندا رھون ٿا.
مان“ سنڌ اڄوڪي ڏينهن تي" Sindh in history todayجي عنوان ھيٺ سنڌ جي تاريخ انگريزئ ۾ روزانو سنگت سان ورھايان ٿو جيڪا اسان جا دوست سنڌي ۾ ڪاوش اخبار جي ڪالم “ تاريخ جي دري کلي ٿي“ ۾ پڙھندا آھن اھا بابا سائين جي محنت آھي جيڪا فقط انهي ڪم تائين محدود ڪو نہ آھي.ھن کانسواءِ بابا سائين جيڪو وڏو ياد رکڻ جهڙو ڪم ڪيو آھي اھو آھي انگريزي ۾ سنڌ جا سال لکڻ.انگريزن 1843 ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ 1947 ۾ پاڪستان ٺھيو . انهن 104 سالن ۾ ھر ھڪ سال تي بابا ڪم ڪيو آھي ۽ انھن مان فقط ٻن سالن جي معلومات ۽ مواد کي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرايوآھي. ھاڻي ان ڳالھ مان اندازو لڳايو تہ ھر ھڪ سال ۾ لڳ ڀڳ 100 صفحن جو مودا موجود آھي ۽ 104 ڪتاب جھڙوڪ گل حيات ۾ موجود آھن.سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جو فقط اهو ھڪ زاويو آھي جڏھن تہ گل حيات مختلف زاوين تي مواد گڏ ڪري ھزارن فائيلن جي صورت ۾ ان کي محفوظ ڪيو آھي جيڪو آھستي آھستي اسان ويب سايٽ www.drpathan.com تي ڏيڻ شروع ڪيو آھي.(ممتاز پٺاڻ)