مولوي مولا بخش “ فنائي“ جي شاعري.
انگريزن جي دور ۾ سنڌ جا کوڙ سارا اھڙا شاعر ٿي گذريا جن جو ڪلام مختلف رڪارڊنگ ڪمپنين پنهنجي رڪارڊن جي ذريعي محفوظ ڪيو. ھاڻي انهن مان ڪيترن شاعرن جو نہ تہ زندگي جو احوال ملي ٿو ۽ نہ وري سندن ڪلام جا ڇپيل يا اڻ ڇپيل ڪتاب ملن ٿا. پر اھي ڪمپنيون پنهنجي ٺھيل رڪاڊن جا ڪيٽالاگ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائينديون ھيون جن ۾ رڪارڊ جو نمبر ڪلام جا ٻول ۽ ڳائيندڙ جو نالو ڏنو ويندو ھو. اھڙن ڪيٽالاگن مان ھڪ اڌ ڪيٽالاگ ڇپيل ڪتابي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي.
ھاڻي اھي رڪارڊ بہ ناياب ٿي چڪا آھن.
ڊاڪٽر غلام علي الانا علم ادب ۽ ثقافت جي ناميارن عاشقن مان هڪ آھي. ھو جڏھن سنڌالاجي جو سربراھہ ھيو تہ هن ڪيترائي اھڙا رڪارڊ ھٿ ڪري سنڌالاجي ۾ محفوظ ڪيا. ڪاش انهن تي جيڪڏھن تحقيق ٿئي ۽ ڪو ھڪ گڏيل ڪيٽالاگ ٺھي پوي تہ ھوند سنڌ جي شاعريءَ ۽ گائڪيءَ جي مثالي تاريخ جڙي پوي.
فونو اسان وٽ بہ ھوندو ھيو. اڄ اھو فونو تہ ڪونہ آھي پر ڪجھہ رڪارڊ اسان وٽ ضرور موجود آھن جن کي بابا سائين گل حيات ۾ ڏاڍو سٺي نموني سان سانڍي رکيو آھي. اسان وٽ جيڪي رڪارڊ پيا آھن اھي The twin , Reagal, His Masters ڪمپنين جا آھن ۽ اھي جن ڳائيندڙن جا آھن انهن مان ڀڳت اڌارام، ڀڳت ٿڌارام، ڀڳت موٽڻ، ڀڳت جاڙارام، ماسٽر مکڻ، ماسٽر عبداللہ، ماسٽر چندر، سونا خان، نور نظاماڻي، فوٽو خان، بيبي ثريا، جيوڻي ٻائي،پروفيسر ھاسانند، ماسٽر عبدالرزاق،ماسٽر پرمانند، امير جان، مھراج ڀوڄراج ، ڪالو قوال ۽ ڀڳت ڪنوررام جا نالا ذڪر لائق آھن.
انهن ڳائيندڙن سنڌ جي ڪيترن ئي گمنام ۽ ديھاتي شاعرن جو ڪلام ڳاتو. مولوي مولابخش “فنائي“ بہ انهن مان ھڪ ھيو. عجيب اتفاق آھي تہ ھن جا فونو رڪارڊ تہ اسان وٽ ڪونہ آھن پر سندس ڪلام اسان وٽ موجود آھي جنهن منجهان مثال طور تي ڪلام جو نمونو ھيٺ ڏجي ٿو:
ٿلھہ: در دوست جي مقابل باغ ارم ڇا ھي.
حوران،پريون، فرشتہ ثاني صنم جو ڇا آھي.
مئخاني محبت جي کئون وڌ قيمتي آ ڪوثر.
پيالي پرين جي اڳيان جام سلجم جو ڇا آھي.
محبوب جي لبن سان مشھد شڪر ڪجا آ؟
مٽ عرق عازمن جي شبنم جي نم جو ڇا آھي.
ھن دم تحت “فنائي“ ھي بات بي بيان آ.
تعاريف نقش ڪارڻ قدر قلم جو ڇا آھي؟
“فنائي“ جو اھو ۽ اھڙو ڪلام خاص طور تي مولود شريف قلمي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھن جنهن بہ ثقافت جي سڄڻ ۽ شاعري جي عاشق کي تحقيق ڪرڻ جو شوق ٿيوتہ اسان هن سان ڀرپور سھڪار ڪندا سين.(ممتاز پٺاڻ)