History of Modern Sindhi literature reveils that Sindh has produced more number of poets than Writers and Scholars. What is the reason behind it? It is the subject, yet to be studied. It will hell us to understand psychology of Sindhu people. Here, I will not touch this topic. But, will confine myself only to reveiew and introduce books available in Gul Hayat library. "Ker tho monkhae saddy"(Who is calling me) is book of poetry by famous poet Bashir Mangi. It has been published in September 2017, by Sambara Publication of Hyderabad. This book of 192 is collection of his poetry having various poetic forms such as Ghazal, Wai, Geet, Baet etc.
Bashir Mangi is very active literary figure. Prior to this he has given us four books such as Wadfuro, Sansar Sindh Ain Muhnji Soch, and Pakhi Piyar Aman Ja. His poetry is a story of his inner world besides, reflection of our society. (Mumtaz Pathan)
ڪيترائي ادبي نظرياتي ۽ نفسياتي ڪارڻ آھن جن ڪري شاعريءَ ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾ وڏي مقبوليت ماڻي آھي ۽ سنڌي ادبي کيتر ۾ شاعرن جو انگ باقي نثري ليکڪن کان وڌيڪ رهيو آھي. ڪمال جي ڳاله اها آھي تہ جنهن پنهنجي ڏات جي ڏڍ تي شاعري ڪئي انهن وڏو نالوڪمايو آھي. بشير منگي پڻ انهن مشھور معروف شاعرن مان هڪ آھي. موجوده سنڌي قلم قبيلي ۾ سندس هڪ پر خلوص شاعريءَ جي فن کان ڄاڻو ۽ ادبي سرگرمين ۾ ڀرپور طور شرڪت ڪندڙ اديب جي حيثيت ۾ هڪ نالو ۽ تشخص آھي. بشير منگي هن ڪتاب کان اڳ چئن پنجن ڪتابن جو ادب کي تحفو ڏئي چڪو آھي. سندس هي ڪتاب ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ واري سندس روايت جي ڪڙي آھي. 192 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سيپٽمبر 2017 ۾ شايع ٿيو. ڪتاب ۾ غزل وايون گيت بيت وغيره ڏنل آھن. هن جي شاعري سندس جذبن امنگن ۽ اڌمن جي ڪهاڻيءَ سان گڏ اسان جي دور ۽ حالتن جو اولڙو پڻ آھي.(ممتاز پٺاڻ)