Truth, love and beauty are common Heritage of Human Beings. These values will and qualities are preached and promoted by every religion and ideology. In the past of Modern India and Pakistan, Amir Khusro, Kabir Bhagat, Bullay Shah, Ghualam Farid, Khushal Khan Khatak, Shah Latif, Sachal Sarmat, Sami etc are known assets that of our common vision & wisdom. Some individuals and organizations are doing studies on Common Message of these Thinkers since long. In Indian Punjab, there is " Radha Soami Satsang Beas," presently doing this excellent job.
In 2009, this book on Shah Latif was produced by that organization in Sindhi language. The book of 543 pages is divided into 3 chapters: Biography, his message and selection from his poetry. It is a unique Study based on Modern Research Methodolgy. Dr. T. R. Shingari deserves appreciation for this noble job. This book must be re published in Sindh also. It is available in Gul Hayat collection. (Mumtaz Pathan)
سچ سونهن ۽ پيار انساني قدر ۽ انساني ورثو آھن. انهن کي جاگرافيائي ، نظرياتي يا نسلي قيد يا رنگ ۾ رکي نہ ٿو سگهجي. ماڻھن سان محبت ڪرڻ وارا انسان ۽ ادارا انهن قدرن کي ڪٿي بہ ۽ ڪنهن بہ ٻوليءَ ۾ ڏسندا آھن تہ اتان هٿ ڪري کڻي باقي دنيا سان ونڊيندا آھن.
هندستاني پنجاب ۾ “راڌا سوامي ستسنگ بياس“ نالي انساني قدرن جو پرچار ڪندڙ هڪ ڌرمي نوعيت جي سنگت آھي. انهيءَ طرفان هند سنڌ جي مشھور سنتن بزرگن صوفين جا ڪتاب بہ ڇپرايا ويندا آهن.
هن تنظيم 2009 ۾ ڊاڪٽر ٽي.آر. شنگاريءَ جو لکيل ڪتاب “ ڪامل درويش شاه لطيف“ شايع ڪرايو. سنڌيءَ ۾ لکيل هي ڪتاب 543 صفحن تي ۽ ٽن حصن ۾ ورهايل آھي. ڪتاب ۾ لطيف سائين جي سوانح پيغام ۽ چونڊ شاعري ڏني وئي آھي. لطيفيات جي موضوع تي هي هڪ اهم ڪتاب آھي جيڪو جديد تحقيقي بنيادن مطابق لکيو ويو آھي. ڪتاب گل حيات ۾ موجود آھي ۽ ان کي سنڌ ۾ وري شايع ٿيڻ گهرجي. (ممتاز پٺاڻ)