ممتاز پٺاڻ
”سياڻو پيراڻو ۽ سندس پيار ڀريو پورهيو“
سندس ڪتاب ”ناري جا ڏات ڌڻي“ لاءِ  بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جا لکيل ٻه اکر
انساني سماج ماکيءَ کان مٺن ماڻهن جي محبتن جي ڪهاڻي آهي. جتي ماڻهن ۾ محبت آهي، ڏات ۽ ڏانءَ آهي، اتي معاشري ۾ انساني قدرن ۽ نظرين مطابق علمي ۽ ادبي، سماجي ۽ ثقافتي ترقي ٿئي ٿي. ان کانپوءِ وسيع محبت ۽ قومي جذبو رکندڙ ماڻهن کي وارو ملي ٿو ته هو اهڙن مکڻ جهڙن ماڻهن ۽ سندن ماکيءَ جهڙين خدمتن کي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪن.
پيراڻو سائل ڀنڀرو، اهڙن قلم-ڌڻي دوستن مان هڪ آهي، جنهن کي تاريخ جي ورقن کي محفوظ ڪرڻ ۽ عوام تائين پهچائڻ جو شوق دامنگير رهيو آهي. هن ساٿيءَ سان نسبت ۽ رغبت سالن کان وٺي رهي آهي ۽ مان سندس علمي ادبي سرگرمين ۽ خدمتن کان ڀلي ڀت باخبر رهيو آهيان.
”ناري جا ڏات-ڌڻي“ سندس تازه ترين قلمي جاکوڙ آهي. چونڊڪي جي هن جوان پنهنجي ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪري ناري جي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ ٻين مشاهيرن جو احوال ۽ ڪلام گڏ ڪيو آهي. هن جاکوڙيءَ جي ڪوشش ڪري ادبي تاريخ ۾ هڪ وڌيڪ بلڪه نئين باب جو اضافو ٿيو آهي.
محقق-نما مرتب، مشاهيرن ۾ نه فقط اهي ماڻهو شامل ڪيا آهن، جيڪي ڌڻي کي پيارا ٿي چڪا، بلڪه انهن شخصيتن کي به شامل ڪيو آهي، جيڪي حال حيات آهن ۽ جيڪي جواڻي به ماڻين ٿا ۽ علم ادب ۽ سماج جي آبياري به ڪن ٿا. سمورن شخصيتن جا احوال نهايت سهڻي انداز ۽ پيرائتي نموني سان ڏنا ويا آهن. البته اڪثر شخصيتن جي ولادتن يا وفاتن جي تاريخ ڏيڻ بدران سال ڏنا ويا. اميد ته ٻئي ڇاپي ۾، يا هن ڪتاب ۾ ضميمي طور ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون ڏنيون وينديون.
پيراڻو سائل هن حوالي سان اسان کان گوءِ کڻي وڃي ٿو، جو هن سنڌ جي اهڙي اهم ۽ اٽوٽ حصي جي شاعرن تي قلم کنيو آهي، جن تي هن طرح اڳ ۾ نه لکيو ويو آهي. سندس قلمي ڪاوش ۽ تحقيق بنيادي ۽ اهم ڄاتي ويندي، ۽ علمي خواهه ادبي حلقن ۾ ان کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو. هن محترم ليکڪ جهڙوڪ ايندڙ دور جي هڪ عظيم الشان ادبي عمارت جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي. ان ۾ رنگ روپ ايندڙ دور جا محقق ڀريندا. هن جيترن شاعرن، اديبن ۽ ٻين شخصيتن جا احوال ڏنا آهن، انهن کي جهڙوڪ زندهه ڪيو آهي ۽ اهڙي طرح پاڻ به هن تعريف جوڳي ڪم ڪري اسان جي تاريخ ۾ زندهه رهندو.
شال ڌڻي پاڪ کيس وڏي ڄمار ڏئي ۽ ائين ئي علم ادب جا گهڙا ڀريندو رهي.
 

Good Wishes