پروفيسر اعجاز احمد قريشي جو تعلق سنڌ جي نھايت باعمل ۽ سرگرم سماجي سڌارڪن ۽ محققن ۾ ٿئي ٿو. ھن جي لکڻين تي تحقيقي رنگ گھڻو نظر ايندو آھي ۽ موضوع بہ اھڙا چونڊيندو آھي جيڪي اسان لاءِ وڏي اھميت رکن ٿا.مثال طور ھن “ون يونٽ“ تي ضخيم ڪتاب لکيو جيڪو ڪتاب سان گڏ ھڪ اھم ڊاڪيومينٽ پڻ آھي ۽ جنهن جو اردو ۾ ترجمو پڻ ٿي چڪو آھي.سندس ھي ڪتاب “ڪراچيءَ جو ڪيس“ بہ قريشي صاحب جي اورچائپ ۽ تحقيقي شعور جو ترجمان آھي. ڪراچي سنڌ جو روح آھي ۽ جيڪڏھن ڌڻي نہ ڪري ۽ ڪراچي اسان کان کسجي وڃي تہ سنڌ بي جان وجود بڻجي ويندي. ھن شھر سان اسان جي تاريخ کي نوان رخ ۽ موڙ مليا. پارٽنجر جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني طرفان سنڌ ۾ پوليٽڪل ايجنٽ ھيو تہ ھن پنھنجي سرڪار کي ڪراچي تي قبضي ڪرڻ لاءِ چيو ۽ ھمٿايو ڇو تہ ھو سمجھي پيو تہ ڪراچيءَ تي قبضي ڪرڻ جو مطلب سنڌ تي قبضو ٿيندو ۽حڪمراني ڪرڻ .نيپيئر 1843 ۾ سنڌ تي قبضو ڪيو ۽ اھو تڏھن ممڪن ٿيو جڏھن 1839 ۾ پھريون ڪراچيءَ تي قبضو ڪيو ويو. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ ڏکڻ کان جڏھن بہ ڌاريا آيا تہ انھن سنڌ جي سماج،ثقافت،ٻولي ۽ علم ادب کي متاثر ڪيو. محمد بن قاسم ڏکڻ کان آيو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو سماج ۽ مذھب مٽجي ويو.انگريز ڪراچي يعني ڏکڻ سنڌ کان آيا تہ ھتي سڄي سنڌ ۾ انگريزي ٻولي ۽ انگريز سماج جنم ورتو.اسان جا دين ڀائين اچي ڪراچيءَ ۾ خيما کوڙيائون تہ اسان جي ٻولي.ثقافت ۽ سياست تي اثر پيا ۽ اڄ اسان انهن جي ڪيترن ماڻھن واتان ڪراچيءَ کي الڳ ڪرڻ جون ڳالھيون ٻڌي رھيا آھيون. پاڪستان ٺھيو تہ ڪراچيءَ کي الڳ ڪرڻ لاءِ وڏين سازشن ۽ ڳالھين جي شروعات ٿي ۽ اسان جي زماني ۾ اھي ايترو تہ چوٽ چڙھي ويون جو الطاف حسين ۽ ان جي پوئلڳن وڏي زور شور سان نئين صوبي ٺاھڻ جا مطالبا شروع ڪيا آُھن. پروفيسر اعجاز احمد جو ھي ڪتاب ڪراچي جي ھڪ قلمي درد ڪھاڻي آھي. ھن اڪيلي سر وڏي جاکوڙ ڪري اخبارن ۽ ڪتابن کان علاوه سرڪاري ڊاڪيومينٽس جو مطالعو ڪري انهن مان حوالا ڏئي ھڪ سنڌ دوست محقق جي حيثيت ۾ ڪراچي جو ڪيس تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪيو آھي. جنهن لاءِ ھن وڏو داد لھڻو.انھي موضوع تي سندس ھي ڪتاب پھرين سنجيده قلمي ڪوشش آھي، جنهن تي اڃا وڌيڪ لکي سگھجي ٿو ۽ ان لاءِ مواد بہ موجود آھي.پروفيسر قريشي جي ھن ڪتاب جي اھميت آھي ۽ ان کي بنيادي ڪتاب جي حيثيت حاصل آھي. ھي ڪتاب پاڻ گل حيات ڏانھن موڪليو اٿن.(ممتازپٺاڻ)