گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” شڪارپور صدين کان“ ھن ڪتاب کي ڊاڪٽر عبدالخالق سومري مرتب ڪيو جڏھن تہ نقش ناياب منگي سندس معاون ھيو ھي ڪتاب 1988۾ ڇپيو.ھي ڪتاب شڪارپور جي تاريخ،تمدن،تھذيب۽ معاشرت جو ھڪ مڪمل تاريخي دستاويز آھي.شڪارپور جو ڪو اھڙو رخ ڇڏيل نہ آھي جنهن تي عالمانہ ۽ تحقيقي انداز سان روشني نہ وڌي وئي ھجي.شڪارپور ...شھرن جي شھزادي،رابيل جي ھٻڪار جو شھر تھذيب،تمدن ۽ علم ۽ ھنر جو شھر باغ،محل ۽ پرڏيھي واپار جو مرڪز.روس ۾ انقلاب آيو تہ شڪارپور جي معاشيات تي اثر پيو.پر افسوس جو اھا شڪار پور اڄ مٽي جو ڍير آھي،ڏوھن ۽ ڌاڙن ھن شھر کي ويران ڪري ڇڏيو آھي.ورھاڱي کان اڳ شڪارپور جا واپاري دنيا مان کٽي ڪمائي اچي شڪارپور کي اڏيندا ھئا.پر ورھاڱي کانپوءِ جن کي شڪارپور پالي ڪنهن مقام تي پھچايو سي شڪارپور کي ڇڏي ٻين شھرن ۾ وڃي آباد ٿيا.سنڌ جو ھي تاريخي شھر جنهن کي پنهنجي تاريخ سان گڏ تھذيب،تمدن،علم،ھنر ۽ تجارت ۾ بين الاقوامي عروج حاصل رھيو آھي زندگي جو اھڙو تصور پيش ڪري ٿو جيڪو ماضي جي ڪيترين صدين جي ياد تازي ڪندو رھي ٿو.
(ممتاز پٺاڻ)