منھنجي والد ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ن فقط ھڪ پورھيت محقق طور سنڌ جي خدمت ڪئي آھي پر تحقيق جون نت نئيون روايتون ب قائم ڪيون آھن. سالن کان اسان روزانو “ڪاوش“ اخبار ۾ بلاناغي “تاريخ جي دري کلي ٿي“ پڙھندا اچون ٿا.ھن اڪيلي ماڻھوء ايڏو ڪم ڪيو آھي جيڪو ڪن ادارن ب ڪون ڪيو آھي.“ ولادتن ۽ وفاتن جو رڪارڊ“ ئي مثال ڪري وٺو. اھو گل حيات جي ويب تي ب رکيل آھي ۽ ان کي سائين محمد سليمان پنھنجئ ويب تي ب رکيو آھي ۽ ان کي سائين عبدالله جروار سھڻي ڊزائين سان فيس بوڪ تي روزانو قرب ڪري شيئر ڪري ٿو. بابا سائين جو ھن موضوع وارو مسودو 1600 کن صفحن تي مشتمل آھي. 350 صفحا عيسوي سن مطابق ولادتن جا ۽ 350 صفحا عيدوي سن مطابق وفاتن جا. اھڙئ ريت ھجري يا اسلامي سن مطابق ب. انھئ مسودي مان ھڪ صفحي جو فوٽو شيئر ڪريان ٿو.
(ممتاز علي پٺاڻ)