گل حيات۾ موجود ڪتاب ” سچل سرمست جو سنڌي ڪلام ” جنهن جو مرتب عثمان علي انصاري آھي.ھي رسالو سچل سيمينار 1982 جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ طرفان شايع ڪيو ويو.سچل سرمست جو زمانو سنڌي شاعري جو ھڪ اھڙو ارتقائي دور ھو جنهن ۾ سنڌي شاعري بہ پنهنجو پاسو ورائڻ ٿي گهريو تنهن ڪري وائي جي جاءِ ڪافيءَ اچي ورتي ھئي.ٿورو گھڻو غزل جو بہ رواج پئجي چڪو ھو.زبان بہ پنهنجو روپ ڦيرائي رھي ھئي.سرمست جو ڪلام تمام گھڻو ھو جو زماني جي خورد برد ھيٺ اچي ويو.تنهن کان پوءِ بہ جيڪي ڪجهہ ھن وقت بہ سنڌي دنيا ۾ موجود آھي سو بہ ايترو آھي جو ٻئي ڪنهن شاعر جو ايترو نہ آھي.سچل سائين جي سنڌي ڪلام ۾ اھي سڀ صنفون موجود آھن جي ھڪ بلند پايہ شاعر جي ڪلام ۾ ھجڻ گهرجن.سندس ڪلام سر تا سر ،ھم اوست جي رنگ ۾ رڱيل آھي.پاڻ انهيءَ ڏس ۾ ايڏي تہ طبيعت جي جولاني ڏيکاري اٿن جو وحدت الوجود جي ڪنهن بہ ٻئي وڪيل کي اھڙن واضح لفظن ۾ انهي موضوع تي ڪجهہ چوڻ جي جرئت نہ ٿي آھي.حقيقت ھيءَ آھي تہ سرمست پنهنجي ڪلام ۾ ھم اوست کي ايتري تہ جاءِ ڏني آھي جو ٻئي ڪنهن موضوع لاءِ وٽس گنجائش ئي ڪانہ رھي آھي.ھر ڪلام ۾ تو ھي تو جو نعرو پيو ٿو ٻڌجي .سچل سائين ھڪ صاحب ڪيف و حال بزرگ ھيو.سرمست جي ڪلام ۾ تصوف جون بي حساب اھڙيون تجليون موجود آھن جي مسلمانن سان گڏ غير مسلم جي دلين تي بہ حڪومت ڪنديون ٿيون رھن.سندس ڪلام مان روحاني تاثرات ملن ٿا.سندس ڪلام جي ھي بہ خصوصيت آھي تہ ھو صاحب مدھوشي ۾ ھوش جون ڳالهيون ٿو ڪري ۽ ھوش ۾ مدھوشي جا راڳ الاپيندو ٿو رھي.سندس جو انهي عقيدي تي ايمان آھي تہ محبت جو بنياد روحن جي اتحاد تي ٻڌل آھي.عاشق ۽ معشوق جو روح ٻہ شيون نہ آھن.(ممتاز پٺاڻ)