گل حيات ۾ موجود مرليڌر جيٽلي جو ڪتاب ” ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ“ ( سنڌي ٻوليءَ جون لپيون) (1999) اسين پنهنجي روزمرھ جي زندگيءَ ۾ پنهنجي خيالن جو اظھار ڪرڻ لاءِ ٻولي جو استعمال ڪندا آھيون.پر جڏھن اسين ڪا ڌاري ٻولي ٻڌندا آھيون جنهن جي اسان کي ڪجھ بہ ڄاڻ نہ ھوندي آھي تڏھن اسان کي فقط ڳالھائيندڙن جا آواز پيا ٻڌڻ ۾ ايندا آھن پر انهن جي گفتگوءَ جو مطلب ڪھڙو آھي تنهن جي ذري بہ ڄاڻ نہ پوندي آھي.ھن ڪتاب ۾ ٻولي جي بيھڪ جو سرشتو سمجھائي ڳالھائڻ۽ لکاوٽ واري ٻولي جي وچ ۾ فرق سمجهايو ويو آھي.سنڌي ٻولي لاءِ جيڪي لپيون ڪتب پيون اچن انهن جي اتھاس تي بہ ٿوري روشني وڌي وئي آھي.اسان مان ڪن ٿورن کي ڄاڻ ھوندي تہ سنڌي ٻولي جي پنهنجي ھڪ نرالي ڏيھي لپي بہ آھي.جنهن کي سنڌي لپي سڏيو وڃي ٿو.
(ممتاز پٺاڻ)