گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” چونڊ سنڌي ڪھاڻيون  ڀاڱو 2“ (1980) ڪرشن کٽواڻي، گنو سامتاڻي ۽ ھريش واسواڻي.ڪھاڻي جيستائين ڪھاڻي آھي جيتري انسان جي حيثيت آھي.سنڌي ڪھاڻيءَ کي بہ پنهنجي جدا حيثيت آھي.جڏھن سنڌي ڪھاڻي پنهنجو حقيقي روپ اختيار ڪرڻ شروع ڪيو تڏھن ملڪي ٻڌيءَ ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيا.ورھاڱي وقت ھڪ طرف جتي سنڌي ادب ۽ ڪھاڻيءَ لاءِ ھڪ زبردست وقتائتو تاريخي ۽ سماجي حوالو ميسر ڪيو.اُتي اڳتي ھلي ان جي مخصوص پس منظر جا امڪانات گھٽائي ڇڏيا ان ڪري ورھاڱي کانپوءِ جي  سنڌي ڪھاڻي پنهنجي ابتدائي حصي کي ڇڏي ڪن سماجي وارڌاتن سان سڌو ڳنڍيل ڪانھي.اھو مڃڻ بہ ڏکيو آھي تہ سنڌي ڪھاڻيءَ جو جنم ھر مکي جا يا ادو عبدالرحمان يا چمڙا پوش جي آکاڻي يا ڪنهن ٻي ھڪ ڪھاڻيءَ مان ٿيو.ڪلپنا جو سنڌي ڪھاڻي جي سنسڪار ۾ وڏو ھٿ آھي.جيتوڻيڪ اھي خود زندگي جي ڪٺور سچائين کان شروع ٿي ڪردارن جي آتم ونچنا تي ختم ٿين ٿيون.ڪلپنا جي خوبي اِھا نہ آھي تہ ھو حقيقتن تي ڪھاڻيون لکي سگھيو آھي ھن جي خوبي اھا آھي تہ ھو صحيح ابتدائي نقطي کان شروع ڪري سگھي ٿو.

 

(ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes