گل حيات ۾ موجود استاد بخاري جي شاعري جو ڪتاب ” ولولو ۽ ووڪ“ (1994).سنڌي شاعريءَ جو لازوال ڪردار، محبتي ماڻھون ۽ سادي طبيعت جو مالڪ استاد بخاري جنهن سنڌ جي وکريل سونھن ۽ ثقافت کي سموھي سِٽن جو روپ ڏنو ان ڪري ئي سندس جي شاعري ۾ برسات جي پھرين ڦڙين تي اُٿندڙ ڪچي ۽ ڪاڇي جي مٽيءَ جو ھڳاءُ آھي.سندس شاعري جي گج تي وڏيءَ محبت،محنت ۽ ڏانوَ سان اَجهل احساس،اُمنگ ۽ اميد جا شيشا ٽاڪيا آھن.سندس ھر لفظ ۽ خيال احساس جي تارن کي ڇُھندڙ،سولو ۽ فطري نظارن وانگر وڻندڙ آھي.ھن جي دل ۾ پيار جو سنسار بہ آھي تہ دردن جو آستان بہ آھي.سندس ھر گيت سدا بھار آھي.ان جي محبت ڀري محنت،درد مند جذبي ۽ عوامي انداز جي اظھار واري شاندار ٻولي کيس اڄ بہ سنڌ جي وڏي شاعر جو درجو ڏئي ٿي.سندس شاعري زخمن۽ مرڪن، زندگي ۽ موت جي وچ مان ڦٽي موتئي جي ٻوٽي وانگر جهومي رھي آھي.اڄ استاد بخاري اسان ۾ موجود ڪون آھي سندس وڇوڙو وڏي اداسي ۽ خال ڇڏيو آھي سندس اربيلي شاعري سڏڪي سڏڪي سندس گھٽيءَ ۾ سمھي پئي آھي پر ھڪ نہ ختم ٿيندڙ ادبي ۽ روحاني رشتي ذريعي اسان سان گڏ آھي.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

 

Good Wishes