گل حيات ۾ موجود علي احمد بروھي جو ڪتاب “ ڄام ڄاموٽ ۽ ڄامڙا “ (1984) چون ٿا تہ خون خرابي جو دستور سڀ کان اول حضرت آدم جي پٽ ھابيل قائم ڪيو.جنهن پنهنجي ڀاءُ قابيل جو خون ڪيو.پوءِ خون جي اھڙي راند شروع ٿي جيڪا اڄ ڏينهن تائين جاري آھي.جيڪڏھن ڪنهن عام رواجي چارڻ بہ دل وندرائڻ لاءِ ڪو سريلو ساز وڄائڻ سکيو آھي تہ پھرين فرصت ۾ سرندو ساڻ ڪري سر سوالي ٿي وڃي ڪنهن نہ ڪنهن ڏياج جو ڪنڌ ضرور ڪپيو اٿئين.عزرائيل تہ اچي ٿو لڪ ڇپ ۾ ۽ سانگي سان جي وار بہ ڪندو تہ بيماري بھاني يا ڪنهن حادثي جي اوٽ ۾ پر انسان کي ھٿ ۾ ڪھاڙي ۽ ڪلھي تي بندوق آھي.ڏٺو وڃي تہ انسان جي ھر دور جي تاريخ رت ۾ رنڱيل ھڪ خوني داستان آھي،جنهن جو سڀ کان وڌيڪ ڀيانڪ باب آھي “ انسان جو ناحق خون“ يا جنهن فعل کي تسڪين خاطر شھادت سڏيو ٿو وڃي.ھونئن تہ ھر انساني قتل ڪنهن نہ ڪنهن قانون،رواج يا مصلحت جي آڙ ۾ ڪيو ٿو وڃي پر بي گناھ خون ھڪ اھڙو انساني عمل آھي جنهن لاءِ ڪو عقلي اخلاقي يا مذھبي دليل آھي ئي ڪونہ سواءِ ھن سبب جي تہ بني آدم اھو ساڳيوئي ٻہ پيرو حيوان آھي جھڙو خالق کيس ازل کان خلقيو ھو.جنهن جانور انسان ھئڻ جي دعوا تہ ضرور ٿي ڪئي پر منجهس انسانيت دز برابر بہ ڪانہ ھئي. ھن ڪتاب ۾ علي احمد بروھي پير ۽ مير،ڊاڪٽر ڊرئگو،وتايو فقير،ڀائي ڪنور،محمد ابراھيم جويو،جي ايم سيد،حاجي فقير،مولانا دين محمد وفائي،۽ ٻين شخصيتن جو ذڪر ڪيو آھي.
(ممتاز پٺاڻ)