گل حيات ۾ موجود شيخ اياز جو ڪتاب ” جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي “ (1987) سنڌ جي مھان شاعر جي ھن ڪتاب ۾ سندس 22 خط ۽ سندس نوٽبڪ جا ڪجھ ورق شامل آھن جن ۾ سندس شاعرانہ ٻولي بہ آھي ۽ سندس انوکا فڪري نڪتا بہ شامل آھن.سنڌي ادب ۾ ھي ڪتاب پنهنجي نوعيت جو پھريون ڪتاب آھي.ادبي خط ادب جي اھڙي صنف آھي جنهن جي نثر ۾ شعر، شعر ۾ پنهنجائپ ۽ پنهنجائپ ۾ دل جي گھرائين جي اپٽار ملي سگھي ٿي.سياڻن سچ چيو آھي تہ ماڻھونءَ جي ھٿن جي حاصلات ئي ان ماڻھونءَ جي تشريح آھي جيئن شيخ اياز جو ھي ڪتاب آھي.سندس موجب تہ زندگي جا پرڪشش واقعا انگور جي داڻن وانگر آھن جي شاعر جي روح ۾ رچي شراب ٿي نڪرن ٿا ۽ ھو اُنھيءَ کي رنگارنگ ڪوزن ۾ دنيا اڳيان پيش ڪري ٿو.شاعر فلسفيءَ کي چيو تہ ” جي تون فلسفي نہ ھجين ھا تہ خدا کي نہ مڃين ھا.“ فلسفيءَ شاعر کي چيو تہ جي تون شاعر نہ ھجين ھا تہ خدا کي نہ مڃين ھا.مان ڪڏھن ڪڏھن سوچيندو آھيان تہ چنڊ اکين کي ايترو ڇوٿو وڻي؟ ان ۾ اھڙو ڇا آھي جنهن کي اسان حسن ٿا چئون؟ اھڙي ڪابہ جاءِ نہ آھي جتي انسان چنڊ کي حسين نہ چوندو ھجي.ان ۾ ڪھڙي شئي آھي جنهن کان انسان سندس حسن کان متاثر آھي.؟

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

Good Wishes