گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” جي ماريا نہ موت “ (ويٽنامي ناول) سنڌيڪار: تنوير عباسي.1989. ھن اکين تان ڪاري پٽي لاھي اڇلي ڇڏي ۽ چيائين ” مرڻ وقت مون کي ھن ڌرتيءَ کي ڏسڻ ڏيو.منهنجي پياريءَ ڌرتيءَ کي“ ڪيتريون ئي رائيفلون گڏ ڇٽيون گولين جو وسڪارو سندس ڇاتيءَ تي ٿيو تڏھن بہ ھو نعرا ھڻي رھيو ھو.” ويٽ نام زندھ باد“ غلام بنائيندڙ قومون مظلوم قومن کي طرح طرح جا نقصان ڏيندا آھن.ھو کين گذر جي وسيلن کان محروم ڪندا آھن.سندن آزادي کسيندا آھن،سندن ذھنن کي غلام بڻائيندا آھن.سندن حوصلو ۽ طاقت کسي وٺندا آھن.سنڌي قوم سان بہ ائين ٿيو آھي.اسان کي اھو احساس ڏياريو ويو آھي تہ اسان نااھل آھيون.جنهن ڪري سنڌي قوم جي سورھيائي جو معيار تمام پست رھجي ويو آھي.اڄ اسان کي ضرورت آھي تہ اسان پنهنجي قومي پاليسي کي درست ڪريون. ڇو جو اڄ بہ اسان جا اٻوجھ ماڻھون لڪير جا فقير آھن.
(ممتاز پٺاڻ)