گل حيات ۾ موجود تاج جويو جو ڪتاب “ ساميءَ تي ھڪ نئين نظر“ جيڪو 2002 ۾ ڇپيو. سامي سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعريءَ  جي جڳ مشھور ٽمورتيءَ ( شاھ لطيف ٖ سچل ٖ ساميءَ ) جو آخري رتن آھي. سامي جنهن پائي جو شاعر آھي انتي اوترو ڪم نہ ٿيو آھي.انجو سبب اھو بہ آھي تہ اسان انهيءَ ٻوليءَ کي وساري چڪا آھيون ٖ جا ساميءَ ڪم آندي آھي.۽ ٻيو تنوير عباسيءَ مطابق ساميءَ کي وسارڻ جو سبب سندس جو ھندو ھجڻ بہ آھي.جيڪا ھڪ ڪڙي حقيقت بہ آھي. ساميءَ جي شاعريءَ ۾ فلاسافيءَ کي سمجهڻ لاء محمد ابراھيم جويي جو ڪتاب “ شاھ ٖ سچل ٖ سامي “ پروفيسر ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو “سامي“ پڙھڻ جھڙا ڪتاب آھن.سامي ٻين عظيم شاعرن وانگر اسان جي تھذيبي تشخص ۽ سڃاڻپ جي علامت آھي.

 

(ممتاز پٺاڻ)

 

Good Wishes