گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” شھاب نامو “ آغا شھاب الدين (2012) ياداشتون،يادگيريو يا آتم ڪھاڻي زندگيءَ جي تجربن جو تحريري بيان لکڻ ڪو سولو ڪم نہ آھي،پر مستقبل لاءِ اھي يادگيريون ھڪ تاريخ ضرور آھن.موجوده دئور ۾ ادب ۽ تعليم جو ڏيوالو،سنڌين جي وڏيري ڪلاس جي زيادتي،قومپرستي جي ڪاوشن ۽ قديم مسڪين ماروئڙن جي زيادتين جا داستان اخبارن ۾ بہ گويا صدا بہ صحرا آھن.ڪاش 2؛ سيڪڙو سنڌي بہ عراقي،افغاني،ايراني دل ۽ جگر رکي تعصبي ٽولي کي منهن ڏئي پئي سگهيا.آغا شھاب الدين ھڪ اھڙي خاندان جو فرد آھي جنهن جي پنجين پيڙھي پڙھيل لکيل آھي.ھو نواءِسنڌ،ڪاروان،ھلال پاڪستان ۽ ٻين اخبارن ۾ ڪالم لکي رھيو آھي.پاڻ آفيسر بہ رھيا آھن.آغا صاحب کي اھو بہ اعزاز حاصل آھي تہ سنڌ مدرسي،الھ آندي شاھ جي مدرسي،محمد بخش جي حمايت الاسلام اسڪول ۽ محمد صديق جي مدرستہ البنات جي اسڪولن کان پوءِ سنڌ مان پھريون سنڌي آھي جنهن ٽي ھاءِ اسڪول،ھڪ سائنس ڪاليج ۽ مھراڻ يونيورسٽي جي شراڪت سان ھڪ انفرميشن ٽيڪنالاجي جو سينٽر قائم ڪيو آھي.سندس جي ڪلچر جي ڏس ۾ ڳوٺاڻن سان تفصيلي ڳالھيون ۽ ڪچھريون ڪرڻ جو کيس اعزاز حاصل آھي.

(ممتاز پٺاڻ)

 

 

 

 

Good Wishes