گل حيات ۾ موجود ڀيرو مل مهر چند آڏواڻيءَ جو ڪتاب “ سنڌ جي ھندن جي تاريخ “ ( 1947 ۽2003) ۾ ڇپيو. گل حيات جي بانيءَ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ مطابق انگريزي راڄ ۾ مسلمانن مان مرزا قليچ بيگ ۽ ھندن مان ڪاڪي ڀيرومل مهر چند سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ ۽ علم ادب جي واھڙ وھائڻ لاء جيڪي خدمتون سر انجام ڏنيون آھن انهن جو ڪو مثال نٿو ملي.ڀيرو مل سنڌي ٻوليءَ جي سينڌ سنوارڻ لاء جيڪا جاکوڙ ڪئي آھي انهيءَ حساب سان سندس مڃتا ڪانہ ٿي آھي.ڀيرو مل جو ھي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ نئين موضوع جي حيثيت رکي ٿو.اڄ سنڌ جا ھندو اسانجي قوم جو خاموش حصو آھن .ليڪن ھي ڪتاب سندن شاندار ماضي آھي.

 

Good Wishes