گل حيات ۾ موجود ڪتاب ” پاڻيءَ تي پھرو “ (ڪھاڻيون) ھن ڪتاب جو ليکڪ راشد مورائي آھي.ھي ڪتاب سال 2006 ۾ ڇپيو.ھي ڪھاڻيون 1970 کان 1980 تائين جون لکيل آھن.ادب جي سرجڻ جا بہ ڪي محرڪ آھن جن جي متاثر ٿيڻ کان پوءِ ڪا ڇڪ محسوس ٿيندي آھي،جيڪا تخليق لاءِ اتساھ ۽ ڪارڻ جو سبب بڻجندي آھي.ڪنهن کي ٽڙندڙ گلاب جي رنگت ۽ خوشبو ڪجھ تخليق ڪرڻ لاءِ اتسائيندو آھي .ڪن وٽ محبوب جو جوڀن،جواني،چاھ ۽ ٺاھ،سماجي رنڊڪن جي نظر ٿي ويندا آھن.ڪي وري احساسن کان بلڪل عاري ٿي ۽ فني جگاداريون ڏيکارڻ لاءِ تخليق جون ڪوششون پيا ڪن.پر پوءِ بہ ڏٺو اھو ويو آھي تہ شيءِ جي مستقل چاھنا ان جي ڪارج جو سبب ٿئي ٿي.سائين راشد مورائي ادب ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج نہ آھي ھو پنهنجي حيثيت مڃائي چڪو آھي.سندس ھنن ڪھاڻين ۾ سنڌي سماج ۾ ھلندڙ ڇلندڙ ۽ عام طور تي رواج بنجي ويندڙ برائين جو ذڪر ڪيل آھي.سندس پھرين ڪھاڻي پاڻي تي پھرو ۾ پاڻي تي ڊئم ۽ بندشن جي پسمنظر ۾ لکيل ۽ ٻوڏن جي وارتا تي تمام ڀرپور ڪھاڻي آھي.جنهن ۾ سنڌو جي سگھ جو ذڪر ڪيل آھي.لڳي ٿو پاڻ انهن ٻوڏن جي ڏينهن ۾ ٿيندڙ تباھي ۽ ماڻھن جا لٿل منھن ۽ بيوسي پاڻ اکين سان ڏٺي اٿائين.
(ممتاز پٺاڻ)