ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  جيڪب آباد ۾ سڏايل ڇهين سنڌ صوبائي ڪانفرنس“

 
 FB_IMG_1660040155826.jpg
“جيڪب آباد ۾ سڏايل ڇهين سنڌ صوبائي ڪانفرنس". سنڌ سان محبت وارو اسان جو مامرو وڃي انھيءَ منزل تي پهتو آھي تہ اسان سنڌ جي تاريخ کي پڙھڻ ۽ ان مان پرائڻ تي ذري گهٽ ڪوبہ توجہ نہ ٿا ڏيون. انگريزن جو دور اسان جي وڏڙن انقلابي دور ڪري قبول ڪيو ۽ سياست ۾ انقلابي رويا اختيار ڪيائون. انھيءَ ڪري هنن اهڙيءَ بادشاهيءَ جو خاتمو آندو, جنهن تان سج لهندو ئي ڪونہ هو. مطلب فرنگي دنيا تي ايترو ڇانئجي ويا هئا ۽ سندن سلطنت ايڏي وسيع هئي جو ان تان سج نہ لهندو هو. مگر اسان جي وڏڙن پنهنجي ملڪ تان هن جو سج بہ لاٿو ۽ پاڙ بہ پٽي. انگريزن جي دور ۾ ھندو توڙي مسلمان, سک توڙي پارسي هٿ هٿ ۾ ڏئي سياسي ميدان ۾ ڪاهي پيا. انھن "سنڌ پراونشل ڪانفرنس" جي نالي سان هر هڪ ضلعي ۾ وڏيون ڪانفرنسون ڪيون. اهي 1920 تائين ٿيون. انھن جون ڪاروايون, انھن ۾ ڪيل تقريرون ۽ انھن ۾ پاس ڪيل ٺھراءَ لڳ ڀڳ ٻن اڍائي هزار صفحن تي ٿيندا. اهو مواد فقط ۽ فقط گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکيل آھي. جس هجي بابا ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي جنھن هي ناياب ۽ انمول سياسي لٽريچر محفوظ ڪيو آھي. پر ڏک انھيءَ ڳالھ تي آھي تہ مواد ۽ معلومات تہ موجود آھي, ليڪن ان کي پڙھڻ وارا اٽي ۾ لوڻ برابر آھن. ڇهين سنڌ صوبائي ڪانفرنس 18 اپريل 1919 تي جيڪب آباد ۾ شروع ٿي هئي ۽ ان جي صدارت جمشيد مهتا ڪئي هئي. سيٺ آسرداس شيوارام هن ڪانفرنس جي آجيان ڪميٽيءَ جو صدر هو. جمشيد مهتا جيڪا صدارتي تقرير ڪئي هئي, اها پوءِ ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي وئي هئي ۽ اهو انگريزيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب 100 صفحن جي لڳ ڀڳ آھي. ان جي هارڊ ڪاپي گل حيات جي لائبرريءَ ۾ موجود آھي. هن ڪانفرنس جي اهميت ان ڪري منفرد آھي جو اها "روولٽ ائڪٽ" جهڙي ڪاري قانون پاس ٿيڻ واري زماني ٿي ۽ دل کولي تقريرن ڪندڙن هن ڪاري قانون پاس ۽ لاڳو ڪرڻ تي سرڪار جي مذمت ڪئي هئي. هن ڪانفرنس ۾ جن مامرن ۽ موضوعن تي ٺھراءَ پاس ٿيا, انھن مان ڪي هي آھن:
1.عدليہ کي انتظاميہ کان جدا ڪيو وڃي,
2. رسائي, ڇيڙ ۽ لاپو ختم ڪيو وڃي,
3. جيڪب آباد, نوشهرو فيروز, ٺٽي ۾ هاءِ اسڪول کوليا وڃن,
4. اتر سنڌ, سکر ۾ ڪاليج کوليو وڃي,
5. روولٽ ائڪٽ واپس ورتو وڃي.
6. پريس ائڪٽ کي سنڌي صحافت لاءِ تلوار نہ بڻايو وڃي,
7.مسلمانن جي مقدس هنڌن کي نقصان نہ ڏنو وڃي.
8. ترڪيءَ کي ٽڪرا ٽڪرا نہ ڪيو وڃي.
9.سنڌ ۾ هاءِ ڪورٽ قائم ڪئي وڃي.
10. هن ڪانفرنس ۾ جيڪي سياستدان شريڪ ٿيا هئا, انھن مان ڪي آھن: سنتداس منگهارام, ويرومل بيگراڄ, سڌوا, عبدالرحمان, ڪشنداس جهامرائي وغيره. هن ڪانفرنس ۾ 150 ڊيليگيٽس شامل ٿيا هئا ۽ شريڪ ٿيندڙن جو انگ 3000 هو

Good Wishes