ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” سنڌ جا آڳاٽا ڪانگريسي سياستدان“
ممتاز علي پٺاڻ. " سنڌ جا آڳاٽا ڪانگريسي سياستدان". انگريزن جي دور ۾ سنڌ ۾ جيڪي بہ فعال سياسي پارٽيون هيون, بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاءَ پنهنجيءَ تحقيق ۽ جاکوڙ سان انھن پارٽين جي عهديدارن ۽ ميبرن جون لسٽون مرتب ڪيون آھن. هي معلومات سنڌ جي سياسي ادب ۽ آزاديءَ جي تحريڪ تي ڪم ڪندڙن جي وڏي ڪم جي آھي. سنڌ جي سياسي آسمان جي انھن چنڊ ستارن تي ڪيترا ئي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. انھن سمورن سياستدانن پنهنجي پنهنجي سياسي پليٽ فارم تان پنهنجي سياسي پارٽيءَ جي حڪمت عمليءَ طور آزاديءَ لاءِ ڪم ڪيو. اهي سمورا آزاديءَ جا سنڌي سپاهي آھن. 1916ع تائين سنڌي مسلمان سياستدان …