FB IMG 1589686187503
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  سنڌ جي راڻيءَ ڪراچي جي ڪهاڻيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
 
ڪراچي کي جيڪڏھن سنڌ جو ستارو چئجي يا مقدر چئجي ، انهي شھر کي جيڪڏھن سنڌ جي راڻي چئجي يا سنڌ جو روح چئجي تہ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو ھن شھر سان سنڌ جو ماضي، حال ۽ مستقبل جڙيل آھي. صدين کان وٺي ھن شھر اسان جي ھمٿ حوصلي ۽ بھادري جي بي بدل ڪھاڻي سيني ۾ سانڍي رکي آھي. ھن شھر جو اپاھج مورڙيو مانگر مڇ کي ماري جيئن پنهنجي ڀائرن جو بدلو وٺي ٿو ان منجهان سنڌ جي بھادري جي امر ڪھاڻي جڙي پوي ٿي.
    1843 ۾ سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ نيپيئر ڪراچي کي سنڌ جي گادي جو ھنڌ بڻايو، ان کان پوءِ ھي شھر پنهنجن توڙي پراون جي نظرن ۾ اچي ويو ۽ سنڌ جي تاريخ ھڪ اٽل فيصلو ڏئي ڇڏيو تہ جنهن جي ھٿ ۾ ڪراچي ھوندي اھو سڄي سنڌ تي حاوي ٿي سگهندو ۽ حڪمران بڻجي سگهندو. ياد رکڻ جي ڳالھ ھي آھي تہ پھريون 1839 ۾ منوڙي تي قبضو ڪري انگريزن ڪراچي کي پنهنجي ھٿن ۾ ورتو  ۽ پوءِ انهن لاءِ آسان ٿي پيو جو پنجن سالن کان پوءِ 1843 ۾ باقي سڄي سنڌ تي قبضو ڪري ورتن.
   نيپيئر جي گورنر ھجڻ وارن چئن سالن ۾ ڪراچي جي جنگي اھميت ۽ بين الاقوامي تجارت جي مرڪز ھجڻ کان ھندستان جا ماڻھون واقف ٿيا ان ڪري مختلف بزنس ڪميونٽيون اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيون جن مان پارسي، کوجا، ڪڇي ميمڻ، بوھرا ۽ يھودي وغيره شامل آھن. انهن ڪميونٽيز مان ڪنهن بہ ڪميونٽي ڪراچي تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪئي، ويتر جنهن کي موقعو مليو انهي ڪراچي کي ٺاھيو ۽ شھر جي سماجي جيوت ۾ چار چنڊ لڳايا. مثال طور جمشيد مھتا پارسي ھيو ۽ ھو جڏھن ڪراچي جو ميئر ٿيو تہ روزانو ڪراچي جي اھم عمارتن ۽ روڊن رستن کي ڌوتو ويندو ھيو. ڪراچي جي روڊن رستن کي انساني رت سان ريٽي ڪرڻ جو رواج اسان جي دور ۾ پيو. تاريخ جون عجيب شاھديون آھن جن کي لڪائي نٿو سگهجي. پر ھي نوٽ ڪرڻ جھڙي ڳالھ آھي تہ جڏھن 1919 ۾ شاھنواز ڀٽو گورنر جنرل جي ڪائونسل جو ايڊيشنل ميمبر ھيو تہ ھن سرڪار کي صلاح ڏني ھئي تہ ڪراچي کي ھندستان سرڪار جي گادي جو ھنڌ بڻايو وڃي . 1947 کان پوءِ سياست ۾ وڏو ڦيرو آيو. انڪري ھن شھر، شھر جي رھواسين ۽ سنڌ ڏاڍا سور سٺا.
پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ملڪ جي گادي بڻائڻ لاءِ لاھور، ڍاڪا ۽ ڪراچي تي غور ڪيو ويو هو ۽ اھو فيصلو ڪيو ويو تہ ملڪ جي گادي ڪراچيءَ ۾ ئي قائم ڪئي ويندي. انهي کان پوءِ مرڪز جي اقتداري ڌر ۽ سنڌ جي سياستدانن جي وچ ۾ ڏاڍيون چڪريون ھليون. مرڪزي حڪومت جو خيال ھيو تہ ڪراچي کي مرڪز جي حوالي ڪيو وڃي جڏھن تہ سنڌ جا سياستدان پنهنجي مھمان نوازي  جي ايڏي وڏي سزا ڀوڳڻ لاءِ  تيار نہ ھيا. محمد ايوب کھڙي پاڪستان جي ڪانسٽيٽيونٽ اسيمبلي ۾ ڪراچي جي سنڌ کان کسڻ واري مسئلي تي ڏاڍي سخت ترين تقرير ڪئي ھئي ۽ جنهن جي کيس اڳتي ھلي سياسي سزا بہ ڀوڳڻي پئي. ھن کي اقتدار کان پري رکي پير الاھي بخش کي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو ۽ ڪراچي مرڪز جي حوالي ٿي وئي. پاڪستان آگسٽ 1947 ۾ قائم ٿيو جڏھن تہ جولاءِ 1947 کان وٺي سنڌ سرڪار ھندستان جي مرڪزي حڪومت کي لکندي ۽ ٻڌائيندي رھي تہ ڪراچي کي نئين ٺھندڙ ملڪ جي گادي نہ بڻايو وڃي. 19 جولاءِ 1947 تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ھندستاني سرڪار کي لکيو تہ جيڪڏھن ڪراچي پاڪستان جي گادي جو ھنڌ بڻيو تہ پوءِ “ سنڌ سنڌين لاءِ“  واري سوچ ردعمل طور اڀري ايندي. انهي کان 10 ڏينهن پوءِ 29 جولاءِ 1947 تي سنڌ جو گورنر ھندستان جي وائسراءِ کي لکي ٿو تہ ٻين صوبن مان ڪراچي ڏانهن لڏ پلاڻ ۽ دھلي کان ايندڙ غير سنڌي مسلمان عملدارن جي اچڻ ڪري غير سنڌين لاءِ نفرت جھڙو ماحول جڙي رھيو آھي. 
 انهي لک پڙھ مان ثابت ٿئي ٿو تہ تڏھوڪي سنڌ سرڪار جنهن جا ڪامورا غير سنڌي ھئا انهن پنهنجي انظامي بصيرت ۽ دور انديشي سان محسوس ڪري ورتو ھيو تہ حالتون انهي طرف وڃي رھيون آھن جن ڪري ڪو ممڻ مچندو. ملڪ جڙيو ۽ اسان جا ديني ڀائر جوق در جوق ھندستان ڇڏي سنڌ ۾ اچڻ لڳا ۽ سندن گھڻو توجه ڪراچي ڏانهن ھيو. حڪومت لڏ پلاڻ جي سمنڊ جي انهن ڇولين کي روڪڻ لاء بارڊر بہ سيل ڪيا پر پناھگيرن جا ھجام ايندا رھيا. ھن صورت حال کي ڏسي سنڌ ۾ ڪن سياستدانن اھا راءِ قائم ڪرڻ شروع ڪئي تہ ھندستان کان آيل تمام مشھور ۽ نالي وارن سياستدانن کي پنهنجي ايندڙ چونڊن جي لاءِ نئون حلقو ٺاھڻو آھي ان ڪري ڪراچي حيدرآباد ميرپور خاص ۽ سکر کي مھاجرن کي رھڻ لاءِ اتساھيو پيو وڃي.
سنڌي سياستدان ۽ قلم ڌڻي انهي صورتحال کان بي خبر نہ ھيا .مولانا دين محمد وفائيءَ پنهنجي “ توحيد “ رسالي ۾ ڪراچي جي عليحدگيءَ واري حرص ۽ لالچ جي خلاف تمام گھڻو لکيو. جنوري فيبروري 1948 واري توحيد جي پرچي ۾ مولانا وفائي لکي ٿو تہ  ڪراچي جھڙو خوب صورت شھر ھندستاني ڀاڄوڪڙن جي يلغارن جو نشانو بڻجي چڪو آھي. ھن ان سلسلي ۾ ڏاڍو سخت مؤقف اختيار ڪيو تہ سنڌ کي ڪراچي جي مسئلن جي حوالي سان تمام گھڻو غور ڪرڻو پوندو پوءِ ان ۾ ڇونہ سنڌ جي پاڪستان سان تعلق واري مسئلي تي بہ نظرثاني ڪرڻي پوي. مولانا دين محمد وفائي جي تحرير اڄ جي ھڪ وڏي قوم پرست جي لکڻي کان گھٽ ڪونہ آھي. 
جن سنڌ واسين محسوس ڪيو تہ ڪراچي ھنن کان زوري کسي پئي وڃي تہ انهن ڏينهن ۾ سرڪار  “ ڪراچي اسٽيٽس  ڪميٽي“ ٺاھي تہ جيئن فيصلو ڪري سگهجي تہ ڪراچي ڇونہ مرڪزي سرڪار جي حوالي ڪري ڇڏجي. سنڌين وقت وڃائڻ کان سواءِ “ دي ڪراچي جوائنٽ سنڌي ڪميٽي“  ٺاھي تہ جيئن ڪراچي کي سنڌ کان ڇني ڌار ڪرڻ وارين ڪوششن کي منهن ڏئي سگهجي. پر اھي ڪوششون ڪامياب نہ ويون ۽ ڪراچي کي فيڊرل بي ايريا بڻايو ويو. انهي قدم کڻڻ کان پوءِ ڪراچي کي صوبي جي حيثيت ۾ الڳ ڪرڻ جي سوچ اڀري آئي ۽ مھاجرن جي ڪميونٽي ۾ ٻہ ڌڙا ٺھڻ لڳا ھڪڙن اھو سوچيو ۽ چيو تہ “ جنهن جو کائجي، تنهن جو ڳائجي“ ان ڪري سنڌ کي پنهنجو ڄاڻي ۽ سنڌين کي پاڻ جھڙو سمجهي سنڌ ۾ رھجي. ٻين سوچيو تہ “ جنهن وڻ ھيٺان ويھجي تنهن کي کائجي، ان ڪري سنڌ کي ورھائجي ۽ ڪراچي کي پنهنجي قبضي ۾ وٺجي“ 
سنڌ کي ٽوڙڻ جي سوچ ائين جنم ورتو ۽ اڄ ايم ڪيو ايم طرفان سنڌ ٽوڙڻ ۽ ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جون ڳالھيون جلسن ۽ جلوسن کان سفر ڪندي اچي اسيمبلين ۽ ايوانن تائين پھتيون آھن. 
1947 کان وٺي اڄوڪي ڏينهن تائين ڪراچي جي عليحدگي بابت جن سوچن ۽ لوچن تاريخ جي وھڪري کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي، انهن بابت مواد ۽ معلومات گل حيات ۾ موجود آھي ۽ انشاءَ اللہ  ان کي اسان گل حيات جي ويب سائيٽ تي جلد اپلوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين

Good Wishes