FB IMG 1588130311952
ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  حيدرآباد جي بلوئٽسڪي ۽ ٻين پرنٽنگ پريسن بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد“
 
   گل حيات انسٽيٽيوٽ جا تاريخي اھميت واري مواد جي ميڙي چونڊي لاءِ پنهنجا نرالا ۽ منفرد انداز آھن. اسان ھن اداري ۾ جيڪو ڪم ڪيون ٿا ان جي لاءِ ڪي مکيه مقصد اسان پنهنجي ذھن ۾ رکي ڇڏيا آھن،جھڙوڪ: 1.  نئين نسل جي تاريخ سان دوستي ڪرائڻ2. انهن موضوعن جي نشاندھي ڪرڻ جن تي اڳ ۾ ڪم نہ ٿيو آھي ، 3. اھڙن موضوعن تي گل حيات جي طرفان گڏ ڪيل مواد ۽ معلومات کان پنهنجي ماروئڙن ۽ سانگهيئڙن کي باخبر رکڻ. اسان وس ڪري پنهنجي محبت ۽ محنت سان انهن مقصدن خاطر ڪم ڪيو آھي ۽ ڪري رھيا آھيون. 
     پرنٽنگ پريسون اڄ تہ عام ۽ جام ٿي پيون آھن، پر انگريزن جي زماني جي پھرين دور ۾ سنڌ ۾  پريسون نہ ھونديون ھيون تہ ڪتاب ٻين صوبن ۽ شھرن  مان ڇپرايا ويندا ھئا. پوءِ جڏھن سنڌ ۾ پريسون قائم ٿيون تہ انهن نيون روايتون بہ قائم ڪيون. ڏوڪڙ ڪمائڻ کان سواءِ ڪيترين پريسن پنهنجا رسالا  يا اخبارون بہ شايع ڪيون .انهي ڪري سنڌ جي پرنٽنگ پريسن جي پنهنجي ھڪ منفرد اھميت ۽ حيثيت ۽ تاريخ آھي.
     بابا سائين جنهن بہ لائبريري ۾ ويو تہ ھن پنهنجو تجويز ڪيل ببليو گرافيڪل ڪارڊ ھٿ سان ڀريو . انهن ڪارڊن مان اھا بہ خبر پوي ٿي تہ بابا سائين ڪھڙو ڪتاب ڪھڙي لائبريري ۾ پڙھيو. پوء گھر اچي پرنٽنگ پريسن، ليکڪن، مترجمن ۽ ڪتابن جي مضمونن خواه موضوعن بابت الڳ الڳ رکيل رجسٽرن ۾ اندراج ڪندو ھيو .مون جڏھن انهن ببليو گرافيڪل ڪارڊز کي سيلڻ شروع ڪيو ۽ پرنٽنگ پريسن جي لسٽن تي نظر وڌي تہ خيال آيو تہ اڄ مان حيدرآباد جي ڪن پرنٽنگ پريسن بابت پوسٽ لکان.
حيدرآباد ۾ جيڪي پرنٽنگ پريسون ھيون انهن منجهان ڪي آھن: 1. پيپلز اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس ويسٽ ڪچا حيدرآباد،2. ڀائيبند اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس.3. دي ڀارت اليڪٽرڪ  پريس.4. ٻاپا پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد. 5. نيشنل اليڪٽرڪ پريس حيدرآباد.6.  حيدر آباد پريس ورڪس .7. ھند آفتاب پرنٽنگ پريس.8. ھندو بجلي پريس حيدرآباد.9 . ھردلچسپ پريس. 10. ھاشمي پريس حيدرآباد. 11. ھندو پريس حيدرآباد. 12. نيو سنڌ پريس حيدرآباد. 13. ڪرائون اليڪٽرڪ پريس ورڪس حيدرآباد. 14. ڪرشنا پرنٽنگ پريس حيدرآباد.15. ڪوه نور اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس. 16. لڪشمي جاب پرنٽنگ پريس. 17. مسافر ۽ آرين پريس .18. مرڪنٽائيل ايٽم پريس حيدرآباد. 19. منسڪ اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس.20. موتي اليڪٽرڪ پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد.21. مھاوير پرنٽنگ پريس .22. مھتاڻي پرنٽنگ پريس 23. شري سنڌ ڀاسڪر پريس .24. شاه امر اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس.25. شاردا پرنٽنگ ورڪس حيدرآباد.26. سنڌ پرنٽنگ پريس .27. سري گرونانڪ پرنٽنگ پريس حيدرآباد.28. قيصريه پريس حيدرآباد. 29. ڊائمنڊ پرنٽنگ ورڪس .30. چندن اليڪٽرڪ پرنٽنگ پريس. 31. چدا ڪاشي پرنٽنگ پريس . 32. جارج پرنٽنگ پريس ۽ 33.بلوئٽسڪي پرنٽنگ پريس. 
   ھر ڪنهن پرنٽنگ پريس جيڪي ڪتاب ڇپيا، رسالا ڪڍيا يا اخبارون جاري ڪيون اھي سمورا تفصيل گل حيات ۾ موجود آھن. پر اڄ مان حيدرآباد جي بلوئٽسڪي پرنٽنگ پريس جي باري ۾ ڪجه ويچار ونڊيندس. 
   جنهن مائي جي نالي تي اھا پريس قائم ڪئي وئي اھا 12 آگسٽ 1831 تي يوڪرين جي شھر ڊنپرو ۾ پيدا ٿي. ھن روس جي رھواسڻ 1875 ۾ ٻين سان گڏجي ٿياسافيڪل سوسائٽي ٺاھي. ھن 8 مئي 1891 ۾ لنڊن ۾ وفات ڪئي ۽ کانئنس پوءِ ايني بسنت ٿياسافيڪل سوسائٽي جي صدر ٿي ھئي . انهن ٻنهي مائن جي ياد قائم رکڻ جي لاءَ هڪڙئ لاء حيدرآباد ۾  ايني بسنت ھال ٺاھيو ويو ۽ ٻئ جي نالي پٺيان بلوئٽسڪي پرنٽنگ پريس قائم ڪئي وئي.  ھن پريس جي قائم ڪرڻ ۽ ھلائڻ ۾ ڄيٺمل پرسرام جو وڏو ھٿ ھيو. ھو سياسي طور تي ھوم رول ليگ جو اڳواڻ ھيو ۽ نظرياتي طور تي ٿياسافسٽ ھيو. ھن 1917 ۾ “ ھند واسي اخبار“ ڪڍي ۽ 1921 ۾ ان جو نالو مٽائي “ ڀارت واسي“ رکيائين. اها اخبار 1922 ۾ ھفتيوار اخبار ٿي. انهي سال ھن “ نئين سنڌي لائبريري ۽ سستو عمدوساھٿ مالا“ جي نالي سان ھڪ اشاعتي سلسلو شروع ڪيو ۽ لڳ ڀڳ 100 ڪتاب ڇپرائي وڌائين جنهن مان گھڻا سارا ڪتاب انهي بلوئٽسڪي پريس مان ڇپيا. ڄيٺمل پرسرام 40 کان مٿي ڪتابن جو ليکڪ ۽ مترجم ھيو. ھن نہ فقط انهي پريس مان ٿياسافي ۽ ادب تي پنهنجا ڪتاب ڇپيا پر ٻين اديبن جا ڪتاب بہ ڇپيائين جھڙوڪ ڀيرومل رام رکياڻي جو ڪتاب “ مھايوگي رشي اروند گھوش“  ۽ آسودي مل ٽيڪچند گدواڻي جو “ رٿ ياترا“ .
  ھن پريس ۾ ڄيٺمل پرسرام جا لکيل يا ترجمو ٿيل  جيڪي ڪتاب شايع ٿيا اھي آھن:  “ ھندو ڌرم جي بچاءَ  ۾“ سوشلزم ( ساميه واد)“ سناتن ڌرم“ اپنشدگيان“ آتم ويچار ۽ اوم جي آکاڻي“ ست گر جي چرنن ۾ “ گيان سر“ سڌيون ۽ چڪر“ سچ ڪير ٿو آڻي“ ھند سنڌ جا سنت“ پيغمبر حضرت محمد صلي اللہ  وسلم جي حياتي“ ڀڳونت گيتا“ اچرج ٻار“ آنند ٻار“ طوفان“ھيمليٽ“ پرلوڪ مان پيغام“ سناتن ڌرم “ صوفي سڳورا“ اسلام ۾ علم جي ڳولھا“ ۽  “اسلام“.
ب ھن پريس ۾ تمام گھڻا ڪتاب ڇپيا ۽ سنڌ جي ادبي تاريخ لکندي انگريزن جي دور توڙي اڄوڪي دور جي پرنٽنگ پريسن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

Good Wishes