ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
”ميراڻي سنڌڙيءَ بابت گل حيات ۾ موجود مواد “
اسان سنڌ جي عظمت جا تہ سڀ قائل آھيون، پر ان جي تاريخ تي سنجيدگيءَ سان ڪم گهٽ ڪندا آھيون . تاريخي تحقيق ۾ اسان جي دلچسپي گهٽ رهي آھي.
ماضيءَ تي تحقيق ڪرڻ جا ٽي سرچشما معلومات فراهم ڪندا آھن: 1. ڦٽل دڙا ۽ کنڊرات 2. قلمي ذخيرا ۽ 3. صدري روايتون. پر بدقسمتي هيءَ آھي جو اسان جا ڪيترا دڙا سائنسي بنيادن تي کوٽيا ئي ڪو نہ ويا آھن. وڌيڪ ڏکوئيندڙ ڳالھ اها آھي تہ ڪيترن دڙن تي قبضا ڪري انهن تي زراعت ڪئي وئي آھي. آرڪيالاجيڪل ڊپارٽمينٽ انهيءَ ڏس ۾ ڄڻ بي وس آھي.
قلمي ذخيرن کي گڏ ڪرڻ جو اسان وٽ ڪو منظم ڪلچر ڪونهي. آرڪائيز ڊپارٽمينٽ اڪثر ڪري سرڪاري ڊاڪيومينٽس محفوظ ڪندو آھي. هتي وري اها ڳالھ نوٽ ڪرڻ جهڙي آھي تہ سنڌ ۾ سمورا سرڪاري ڊاڪيومينٽس اڃا گڏ ٿي نہ سگهيا آھن ان ڪري هن خزاني مان في الحال مڪمل لاڀ پرائي نہ ٿو سگهجي.
باقي صدري روايتن ۽ ٻڌل ڳالهين تي اسان تاريخ نويسيءَ جي نالي تي تاريخ کي مسخ ڪيو آھي. اسان سنڌ جي ڪنهن بہ دور جي جامع ، مستند ۽ غيرجانبدار تاريخ لکي نہ سگهيا آھيون. جيڪڏهن اسان سنڌ جي سچي تاريخ لکڻ گهرون ٿا تہ “ پاڪستان اسٽڊيز “ ڊپارٽمينٽ جي نموني تي اسان کي “ پري عرب اسٽڊيز“ کان وٺي ويندي “ ٽالپور اسٽڊيز“ جا انسٽيٽيوٽ قائم ڪرڻ گهرجن.
ميرن يا ٽالپورن جو اهو دور آھي، جنهن تي باقي دورن جي ڀيٽ ۾ گهڻو مواد موجود آھي. انگريزن ميرن کان سنڌ کسي ۽ ان ۾ نائونمل جهڙي هندوءَ سندن ساٿ ڏنو. ان ڪي انگريزن جي دور ۾ انگريزن ۽ ٿورن هندن ميرن جي دور ۽حڪومت خلاف لکيو. ان جا مثال “ مياڻيءَ جي جنگ بيتن سميت“۽ “ ميراڻي سنڌڙي“ ڪتابي صورت ۾ موجود آھن. حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ “ ميرن جي صاحبي“ ڪتاب لکيو تہ ڪيترا هندو نقاد هن کي بج بج ڪري وٺي ويا ۽ ڪن تہ ايترو بہ لکيو تہ “ ميرن جي صاحبي وري اچي ڇا؟“
ميرن جي دور تي نہ فقط اهو مخالفت ۽ موافقت ۾ لکيل مواد موجود آھي. پر سنڌ کي ويساه گهاتيءَ سان قبضي ۾ آڻڻ تي برطانيہ جي پارليامينٽ ۾ وڏو بحث ٿيو هو، اهو بہ موجود ۽ محفوظ آھي. ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جا پوليٽيڪل ايجنٽ ميرن جي دور ۾ سنڌ ۾ مقرر ٿيا. هنن سنڌ ۾ جاسوسيءَ جو ڪم ڪيو ۽ اهڙي پنهنجي سرڪار سان لکپڙھ ڪيائون. اها سموري لکپڙه محفوظ آھي. انهيءَ لکپڙھ مان پاٽينجر پوليٽيڪل ايجنٽ جي لکپڙه اسان جي ويب سائيٽ تي رکيل آھي. سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ انگريزن ميرن تي جيڪي معاهدا مڙھيا، اهي سمورا موجود آھن. نڀاڳو نيپيئر جڏھن سنڌ ۾ آيو تہ هن ميرن ۽ پنهنجي عملدارن سان خط و ڪتابت ڪئي. اهو مواد ڪتابي صورت ۾ موجود آھي. نيپيئر خيرپور وارن ميرن- خاص طور تي مير علي مراد خان سان ياري رکي غداري ڪئي. اهو مواد بہ اڃا محفوظ آھي. خيرپوري ميرن ۽ انگريزن جي لاڳاپن تي کوڙ ساري معلومات خطن ۽ ڪتابن جي صورت ۾ موجود آھي.
ٽالپور سنڌ جي طول و عرض ۾ موجود آھن. اهي سنڌ - دوست بہ آھن تہ سياسي طور تي باشعور بہ آھن. انهن مان ڪجه پاڪستان ۽ سنڌ ۾ وزارتن ۽ وڏن عهدن تي رهيا آھن . انهن کي گهرجي تہ هو “ٽالپور هسٽاريڪل ريسرچ انسٽيٽيوٽ“ قائم ڪن ، جنهن پليٽفارم تان پنهنجي اصل نسل شجرن ۽ حڪمرانيءَ بابت مواد بہ گڏ ڪن ۽ تحقيقي ڪم بہ ڪن. ان سلسلي ۾ مان، منهنجو والد صاحب ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ ۽ اسان جو گل حيات انسٽيٽيوٽ تعاون ڪرڻ لاءِ حاضر آھيون