ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” قلم جي نوڪ روشن مستقبل جا نقش چٽيندي آھي“
ادب پوءِ اهو آڳاٽو، لوڪ ادب يا جديد ادب هجي، ان ۾ قومن جي ماضي، حال ۽ مستقبل جي جهلڪ موجود هوندي آھي. اڄ انسان چنڊ تان چڪر ڏئي آيو آھي. پر صديون اڳ اهو ذڪر ادب ۾ ملي ٿو. ٻارن جي آکاڻين ۾ آھي تہ ڪنهنجو مامو رسي ياڪم سانگي وڃي چنڊ تي پهتو. جڏھن اهو ذڪر نانين ڏاڏين ٻارن سان ڪيو تہ ٻارن چنڊ لاهي پنهنجي هٿن ۾ کڻڻ ۽ کيڏڻ لاءِ انگل ڪيا. اردوءَ ۾ ان تي جنهن چوڻيءَ جنم ورتو، اها آھي “ لاڊلا انوکا کيلن ڪو مانگ چاند“. اهو چنڊ صدين کان وٺي سنڌي ادب جي ورقن ۾ موجود آھي. مطلب چوڻ جو هيءُ آھي تہ ادب ۾ جيڪي تصور جنم وٺن ٿا، اهي اڳتي هلي حقيقتن جو روپ وٺندا آھن. چون ٿا تہ ٽائيٽينڪ جهاز ٺھڻ ۽ ان جي ٻڏڻ کان اڳ هڪ اديب “ ٽيٽانڪ“ جي نالي سان ناول لکيو، جنهن ۾ جهاز جي ٻڏڻ جي ڪهاڻي هئي. ان ناول کان پوءِ “ ٽيٽانڪ “ جهاز جڙيو ۽ سفر دوران ٻڏي ويو. سو ادب کي جيڪڏھن “ آئيندي جو اولڙو“ چئجي تہ ان ۾ ڪو بہ وڌاءُ نہ ٿيندو.
گل حيات ۾ بابا جي لکڻين کي ترتيب ڏيندي هڪ مضمون نظرمان گذريو. اڄ کان 32 سال اڳ جنوري 1989 ۾ بابا ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ “ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ هڪ يونيورسٽيءَ جي ضرورت“ جي عنوان سان مضمون لکيو، جيڪو “ هلال پاڪستان“ اخبار ۾ شايع ٿيو. اڄ الله جي فضل سان لاڙڪاڻي ۾ شھيد راڻي بينظير ڀٽو جي نالي تي ميڊيڪل يونيورسٽي بہ آھي ۽ ڪن يونيورسٽين جا هت ڪئمپس بہ موجود آھن. پر اڄ کان 32 سال اڳ انهن جو نہ ڪوئي وجود هو ۽ نہ وري ڪنهن کي ڪا تانگھہ هئي تہ هن تاريخي ضلعي ۾ ڪا يونيورسٽي بہ هجڻ گهرجي. تاريخ جا ورق اها شاهديءَ سان گواهي ڏين ٿا تہ اهڙو مطالبو گل حيات جي بانيءَ ڪيو. گل حيات جو قيام ۽ سندس بانيءَ جو جنم اهڙي ڳوٺ ( خير محمد آريجا) ۾ ٿيو، جنهن علامہ آريجويءَ جي مدرسي ۾ پاڳارا گاديءَ جو باني حضرت پير محمد راشد روضي ڌڻي بہ پڙھي ويو آھي. علامہ محمد آريجويءَ کان وٺي گل حيات جي قيام تائين ڳوٺ خير محمد آريجا درس و تدريس جي لاٽ ٻاري رکي آهي. ان ڪري هن ڳوٺ جي رهواسيءَ بابا سائين يونيورسٽيءَ جي قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪندي جيڪو مضمون لکيو ان جو اهو ئي منطقي پسمنظر ۽ جواز هو.
بابا جو هي مضمون مدلل بہ آھي تہ طويل بہ آھي. بابا لکي ٿو تہ “جيڪڏھن هن وقت سنڌ ۾ قائم ٿيل ادارن جو وچور ٺاهبو تہ سنڌ جا سمورا اهم تعليمي، تحقيقي ۽ ثقافتي ادارا ڏکڻ سنڌ ۾ قائم ٿيل نظر ايندا، پر ان جي برعڪس لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڪو بہ اهڙو هڪ ادارو ڪونهي جنهن کي سنڌ سطح تي شھرت ۽ اهميت حاصل هجي. ان ڪري سنڌ جي مجموعي ترقيءَ لاءِ اهو مناسب ٿيندو تہ اتر سنڌ ۾ بہ ڪي اهڙا ادارا قائم ڪيا وڃن، جيڪي خطي جي ذريعن وسيلن ۽ لياقتن صلاحيتن کي اجاگر ڪن ۽ سنڌ جي مجموعي ترقيءَ جو باعث ٿين.“
بابا سائين اتر سنڌ جي ترقيءَ لاءِ يونيورسٽين جي قيام کان علاوه ٻيون بہ صلاحون ڏنيون آھن. مضمون ۾ لکن ٿا تہ :“ ڪمند ، سارين، ڏير ۽ ٻين پوکن خواه فصلن مان پيدا ٿيندڙ خام مال مان هتي پني ٺاهڻ جون فيڪٽريون قائم ڪري سگهجن ٿيون. هتان جا زيتون ملڪ ۾ مشهور آھن. انهن جي حفاظت ۽ ترقيءَ کان سواءِ انهن مان اضافي شيون ٺاهڻ لاءِ انڊسٽري ٺاهي سگهجي ٿي. هتان جي ڍنڍن کي سيرگاه بڻائي سگهجي ٿو. “ . وڌيڪ لکن ٿا تہ جيڪب آباد جي “ هارس شو“ کي اتر سنڌ جو نہ فقط ثقافتي ڏڻ بڻائي سگهجي ٿو پر سموريءَ سنڌ ۾ اتي وڏي مال پڙي لڳائي سگهجي ٿي ۽ اينيمل هسبينڊريءَ وارا اتي جانورن بابت ڪانفرسون ڪوٺائي عوام جي ڍورن جي اهميت ۽ بيمارين بابت ڄاڻ فراهم ڪري سگهن ٿا.“ انهيءَ کان سواءِ هن مضمون ۾ اتر سنڌ ۾ ثقافت، تحقيق ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي ترقيءَ بابت کوڙ ساريون ڪارائتيون ڳالهيون ڪيون آھن جن مان سندن دورانديشي ۽ اجتماعي روشن مستقبل جي اوني جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.