ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” ڇا جي تاريخ ۽ ڇا جي جاگرافي؟ “
هر دور جو پنهنجو تعليمي ۽ تدريسي ڪلچر ٿئي ٿو. مهين جي دڙي مان سليٽ جو ملڻ ثابت ٿو ڪري تہ ان زماني ۾ بہ تعليم جو هڪ بهترين نظام ۽ انتظام موجود هئو. ويدن واري زماني ۾ “ آشرم طريقو “ رائج ٿيو جنهن مطابق ٻار تعليم حاصل ڪرڻ دوران وڃي آشرم ۾ رهندو هئو ۽ استاد جي نصاب خواه تربيت کان سواءِ ھن جو باقي دنيا سان ان وقت واسطو رابطو نہ هوندو هئو، جيسيتائين تعليم مڪمل ڪري. هي نظام ڪنهن نہ ڪنهن صورت ۾ اڄ بہ مدرسن ۾ موجود آھي. آشرم اڪثر ڪري وسندين کان پري هوندا هئا. پر مدرسا شھرن ۽ ڳوٺن ۾ قائم ٿيا. جڏھن اورنگزيب هندستان جو بادشاه هئو تہ ان زماني ۾ ٺٽي شھر ۾ چار سو کان وڌيڪ مدرسا هئا ۽ الينگزيڊر هيملٽن نالي انگريز سياح انهن کي يونيورسٽيون سڏيو آھي.
انهيءَ عروج واري دور کان اڳ سنڌ ۾ ننڍن ٻارن جي تعليم لاءِ “ پاٽشالائون“ هونديون هيون. سنڌ تي مسلمانن جي بادشاهي شروع ٿي تہ منصوره، سيوهڻ، بکر ، هالڪنڊي، درٻيلو، ٽلٽي، ڳاهو، نصرپور , اگهامڻي ۽ ٺٽو وغيره تعليم جا مرڪز بڻيا. اسان جي هن تعليمي نظام جي ٻيڙي انگريزن ٻوڙي.
انگريزن جي جاري ڪيل تعليمي نظام ۾ نصاب ۾ نت نوان سبجيڪٽس شامل ڪيا ويا، جن ۾ “تاريخ “ ۽ “ جاگرافي “ لازمي مضمون طور پڙھايا ويندا هئا. اهو سلسلو ايوب شاهيءَ جي زماني تائين هليو. پوءِ هن “شريف ڪميشن“ جوڙي، جنهن وري تعليمي نظام جي وڌيڪ ٻيڙي ٻوڙي. اسان جا وڏڙا جيڪي سنڌي ٻوليءَ کي “ قومي ٻولي“ بناڻن لاءِ جتن ڪري رهيا هئا، انهن جا اهي خواب تہ پورا نہ ٿيا ويتر “ شريف ڪميشن“ سنڌيءَ ٻوليءَ.کان تدريسي حق بہ کسي ورتو.
انهيءَ دور ۾ “ شھريت “ جي نالي سان نئون سبجيڪٽ تعليمي نظام ۾ شامل ڪيو ويو. جنهن ڪري “ تاريخ “ ۽ “ جاگرافيءَ “ جي سبجيڪٽس جي اهميت گهٽجي وئي.
“تاريخ “ ۽ “ جاگرافيءَ “ جا سبجيڪٽس هن دور ۾ پڙھايا وڃن ٿا، پر اهي هاڻي “ لازمي سبجييڪٽس “ ڪونهن. شاگرد جي مرضي آھي تہ اهي پڙھي نہ پڙھي. پر اڳ ۾ اهي پهرين درجي کان وٺي ستين درجي تائين ايئن پڙهايا ويندا هئا جو شاگرد دنيا جي جاگرافي ۽ تاريخ کان واقف ٿي ويندو هئو.
گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ تاريخ ۽ جاگرافيءَ تي کوڙ سارا درسي ڪتاب موجود آھن. پر اهي سمورا سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، ٽريننگ ڪاليج، سنڌالاجيءَ ۽ اسڪولن جي لائيبررين ۾ اڃا وڌيڪ تعداد ۾ موجود هوندا.
انهن سڀني ڪتابن کي گڏ ڪري جيڪڏھن ڇپرائڻ اجايو لڳي تہ تعليم کاتو يا سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پنهنجيءَ ويب سائيٽ تي رکي سگهن ٿا. ان مان هي فائدو ٿيندو تہ تاريخ ۽ جاگرافيءَ جا ۽ ٻيا درسي ڪتاب محققن کي مطالعي لاءِ ملي ويندا.
هنن ڪتابن ۾ اها معلومات موجود آھي، جنهن مان اسان کي ماضيءَ بابت وڏي معلومات ملي ٿي. بلاشڪ نوان ملڪ جڙيا آھن ۽ ان ڪري جاگرافيائي خواه تاريخي تبديليون آيون آھن. پر انهن تبديلن کان اڳ واري زماني جي ڄاڻ جو اهي ڪتاب وڏو خزانو آھن.
جاگرافي جي ڄاڻ نہ فقط انسان ۾ پنهنجي ملڪ جي ڄاڻ جو ڪارڻ آھي، پر ان مان پڙهندڙ کي پنهنجي يا پرائي ملڪ جي معدني خزانن، وڻن ٽڻن، جبلن ندين ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين جي ڄاڻ ڏئي تي. انهيءَ ڄاڻ سان محبت جو رشتو وري تاريخ پيدا ڪندي آھي. اسان تاريخ ۽ جاگرافيءَ کان اهو ۽ اهڙو ڪم ڪونہ ورتو آھي. ان ڪري هر ڪو چئي ٿو تہ “ ڇا جي تاريخ ۽ ڇا جي جاگرافي