textgram 1564303523

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ”بزم طالب المولا بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

 

    مون پنهنجي لکڻين ۾ مختلف موضوعن تي دوستن سڄڻن سان ويچار ونڊيا آھن ۽ انهيءَ  ڳالھ ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تہ تاريخي اهميت وارن شخصيتن، ادارن ۽ واقعن سنڌ جي ڪهڙي سماجي، سياسي، تعليمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمت ڪندي تاريخ ۾ مانائتي جاءِ ورتي آھي ۽ انهن بابت گل حيات ۾ ڪهڙو مواد موجود آھي. 
“ادارن“ مان جن سنڌي ٻوليءَ ۽ علم ادب جي خدمت ڪئي ، انهن مان “سنڌ ھسٽاريڪل سوسائٽيءَ“ کان  ويندي “ انجمن فروغ ادب “ تائين لڳ ڀڳ ستن اٺن ادبي تنظيمن تي مون تفصيل سان لکيو آھي. اڄ انهيءَ تسلسل کي باقي رکندي “ بزم طالب المولا“ بابت ڳجھ لکي رهيو آھيان.
   مون اهو واضح طور تي پئي ور ور ڏئي ٻڌايو آھي تہ اسان جو تاريخي تحقيق تي جيڪو ڪم آھي، ان ۾ اسان جي نفرتن  ۽ محبتن، لاڳاپن ۽ مفادن جو ڪو عمل دخل ڪونہ هوندو آھي. ميرٽ اها هوندي آھي جنهن اداري يا فرد سنڌ سان وڌيڪ محبت ڪئي آھي ۽ سنڌ جي مثالي خدمت ڪئي آھي، ڪوشش ڪري ان جو گهڻي کان گهڻو مواد گڏ ڪجي.
    هالن جي مخدومن خاص طور تي مخدوم محمد زمان طالب المولا سنڌي ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ ۽ علم ادب جي آبياري ڪرڻ ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو آھي. هن ڀلاري انسان “ جميت الشعراءِ “  ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو، ڪيترين ادبي تنظيمن جي سرپرستي ۽ مدد ڪيائين ۽ پنهنجي “ بزم طالب المولا“  نالي ادبي تنظيم قائم ڪيائين، جيڪا اڄ بہ فعال آھي.
  ً بزم طالب المولا“ جو بنياد 13 نومبر 1955 تي حيدرآباد ۾ رکيو ويو. هيءَ هڪ اهڙي ادبي تحريڪ هئي، جيڪا مخدوم محمد زمان طالب المولا جي سوچ ۽ لوچ جو نتيجو هئي. “ بزم طالب المولا“ ان وقت قائم ڪئي وئي، جڏهن ادبي تنظيم سازيءَ جي عمل ۾ ڪافي ماٺار محسوس ٿي رهيو هيو. ان ڪري اها وقت جي تقاضا هئي تہ ڪا اهڙي ادبي تنظيم جوڙي وڃي جيڪا نج ادبي هجي ۽ ان جو پري کان بہ سياست سان واسطو نہ هجي. هن بزم لاءِ ڪنول جي گل کي Emblem  طور اختيار ڪيو ويو. جنهن مان انهيءَ پيغام ۽ تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تہ سنڌي ٻولي ۽ ان جو ادب ڪنول جي گل وانگر آهي ۽ حالتن خواه حادثن جو اٿلون هڻندڙ پاڻي ان جي وجود، پاڪيزگيءَ ۽ اهميت کي بگاڙي بدلائي نہ ٿو سگهي. هن بزم “ ط “ جي حرف کي وري اکري نشان Monogram طور اختيار ڪيو. جنهن جا ڪيترا  مقصد آھن. پهريون مقصد هي آھي  تہ هن بزم جي قائم ڪندڙ “ طالب المولا “ آھي. ٻيو مقصد هي آھي تہ عربيءَ ۾ “ط“ لکڻ جو مفهوم آھي “ ڳالھ پوري هجڻ جي نشاني“ . بزم طالب المولا“ انهيءَ اختيار ڪرڻ سان هي پيغام ڏيڻ گهريو تہ بزم طالب المولا ئي اسان لاءِ ڪافي آھي ۽ اهو اسان جو ادبي دنگ آھي.
     شروعاتي ڏينهن ۾ بزم طالب المولا جي تنظيم سازيءَ ۾ جن اديبن پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون انهن ۾ الله بخش “ سرشار عقيلي“ ، اظهر ريلائي، راز بلڙائي، مولانا غلام محمد گرامي ۽ حسين بخش خادم سروري جا نالا ذڪر لائق آھن.
   بزم طالب المولا جون سال ڏيڍ ۾ 30 شاخون قائم ٿيون. انهن مان ڪن شاخن جا نالا هن ريت آھن :  پير رکيل ريلائي، پٿورو، مير پور بٺورو، ڪراچي، تاج پور، ٽنڊو آدم. ٽنڊو الهيار، سعيد آباد، پٽڻي، ٺٽو، ڊگهڙي، کپرو، سنڌڙي، هالا، بدين، خيرپور ناٿن شاه، ماتلي، حيدر آباد، نواب شاه ۽ قمبر.
     بزم طالب المولا هن وقت تائين سنڌ سطح جا ڪيترا مشاعره سڏايا آھن ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيون آھن. هن بزم جي ادبي گڏجاڻين ۾ شاعريءَ ۽ نثري ادب جا واھڙ وهايا ويا. انهيءَ اهم رڪارڊ کي محفوظ ڪرڻ لاء بابا ڊاڪٽر پٺاڻ اڄ ڪلھ “ مخدوم محمد زمان طالب المولا ويب سائيٽ “ تي ڪم ڪري رهيو آھي، جنهن ۾ حضرت مخدوم نوح سخي سرور ۽ سندس گادينشينن، مشاهير. بزم طالب المولا، طالب المولا اڪيڊمي ۽ سروري تنظيم جي علمي ادبي ۽  سياسي خدمتن بابت مواد ڏنو ويندو. هي هالا جي مخدومن جي اسائنمينٽ ڪانهي، پر بابو هڪ ماڊل ويب سائيٽ ٺاهي ٻين خاندانن کي اتساه ڏيڻ چاهي ٿو تہ اهي بہ اهڙي ريت پنهنجي پنهنجي خاندان جي ويب سائٽ ٺاهن

Good Wishes