ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” سياسي جنون ۽ مذهبي ڪٽرپڻي سنڌ جي سماج ۾ پئي ڏار وڌا آھن“
صدين کان وٺي سنڌوءَ جو پاڻي سنڌ لاءِ امرت-ڌارا ۽ سنڌ باقي دنيا لاءِ امن ۽ ڀائيچاري جو آدرش رهيا آھن. پر جڏھن جڏھن سنڌي آباديءَ سياسي جنون يا مذھبي ڪٽرپڻي کي گلي لڳايو، تہ هن سنڌڙيءَ ۽ سنڌ واسين سور ئي سور ڏٺا آھن. پوءِ انهيءَ گوڙ ۽ لڙ مان فائدو ڪانون ئي ورتو آھي.
سنڌ کي اڳ هندن ۽ مسلمانن جي ڪئمپن ۾ ورهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ اڄ ان کي سنڌين ۽ مهاجرن جي ڪئمپن ۾ ورهائي پئي وڃي. سنڌ جي سماج ۾ اڳ مذھبي ڪٽرپڻي ڪري ڏار پيا ۽ هاڻي سياسي جنون ڪري سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ليڪن اهي اختلاف ۽ تضاد اڳي يا اڄ عوامي دلين جي ڌڙڪن جو نتيجو نہ، پر فتنہ -پسند ٿورن ذهنن جي پيداوار هئا ۽ آھن. ڀلا ۽ ڍلا ماڻھون هر ذات، هر برادريءَ ۽ ھر ڪڙم قبيلي ۾ ٿيندا آھن. پر جڏھن ڀلا ماڻھون خاموش رهڻ کي ترجيح ڏيندا آھن تہ ڍلن ماڻھن جو مڪو مچي ويندو آھي ۽ اهي پنهنجي گروهي مفادن ڪري سڄي سماج لاءِ ناسور بڻجي ويندا آھن.
گل حيات ۾ انهن ڀلن ۽ ڍلن ماڻھن ۽ حالتن تي کوڙ سارو اهڙو مواد موجود آھي، جنهن مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو تہ سماج ۾ اختلاف عوام يا عوامي سوچ يا حڪمت عمليءَ ڪري نہ آيا آھن. پر انهن جو ڪارڻ سياسي جنون يا مذھبي ڪٽرپڻو رهيو آھي.
سنڌ جي تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا تہ ماضيءَ ۾ ھندو توڙي مسلمان ساڳين آدرشن کي ساڳيءَ حيثيت ۾ برابر ڪري کڻندا ۽ مڃيندا هئا. مثال طور قلندر شهباز جو جتي مسلمان مثالي احترام ڪن ٿا، اهو ۽ اهڙو هندو بہ ڪن ٿا. بلڪہ قلندر جي ميندي هندو ڪندا آھن ۽ اهو اعزاز فقط کين ئي حاصل آھي. مسلمان جنهن کي “خواجا خضر“ ڪري مڃن ٿا، ان کي هندو “زنده پير“ ڪري مڃن ٿا. وتائي فقير کي ٻنهي مذھبن وارا مڃن ٿا ۽ اڏيري لال جو ادب احترام ٻئي ڪن ٿا. “مارئي“ هندو ڇوڪري هئي. عمر بادشاه ڪن ڀرڻ تي قهر ڪري هن کي زوريءَ کنيو. پر مسلمان بادشاه پنهنجي غلطيءَ کي نہ فقط محسوس ڪيو، پر ان جو ازالو بہ ڪيو ۽ مارئيءَ سان زبردستي شادي نہ ڪئي. عمر کي عورت ۽ غير مسلم جي جذبن ۽ فيصلن جو احترام ڪرڻو پيو.
انگريزن جي اچڻ کان اڳ مذھبي جنون زور ورتو تہ سنڌي سماج ڀور ڀور ٿي اتفاق ۽ اتحاد کان هٽي ويو. اتر سنڌ ۾ ڪن هندن کي زوريءَ مسلمان ڪيو ويو ۽ ڪراچيءَ ۾ سيٺ نائونمل جي پيءُ هوتچند کي پوڙھائپ ۾ زوريءَ مسلمان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. انهن واقعن سنڌي سماج ۾ ڏار وڌا، جنهنجو فائدو انگريزن ورتو ۽ ملڪ کي غلام بنائڻ ۾ ويرم نہ لڳايائون.
انگريز سنڌي سماج ۾ پيل ويڇن ۽ وڇوٽين جو فائدو وٺي “ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو “ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي. هن دور ۾ سنڌين کي مذهبي ڪٽرپڻي جي ستي پياري هندو مسلمان کي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيھاريو ويو. اسلام ۽ هندوازم خلاف ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا. نٿو رام ڪورٽ ۾ قتل ٿيو ۽ غازي عبدالقيوم کي ڦاهي تي لٽڪائي حالتن جي ٻرندڙ باه تي پيٽرول وڌو ويو.
ڌارين حڪمرانن سنڌ جي سماج کي ايئن ڏار وجهي هندن توڙي مسلمانن تي قهري ڪيس ڪيا. ارغونن ۽ ترخانن جي زماني ۾ سنڌين جون کلون لاٿيون ويون، کين ٻليون بڇيون ويون ۽ گرم ٽھڪندڙ ڪڙاهين ۾ اڇلايو ويو.
انگريزن “ ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو “ جي پاليسيءَ تي هلي هندن ۽ مسلمانن جا رستا ئي الڳ ڪري وڌا. ان ڪري ٻنهي ڀوڳيو. جڏھن پوک پچي تيار ٿي تہ “مسجد منزل گاه “ جهڙا واقعا پيدا ٿيا جن ڪيترن بي گناه هندو توڙي مسلمانن جون جانيون ورتيون، جن ۾ ڀڳت ڪنوررام بہ هڪ هئو.
ڪيترن سنجيده هندو توڙي مسلمانن حالتن سڌارڻ لاءِ قلمي ۽ عملي قدم بہ کنيان. پر گهڻي دير ٿي چڪي هئي.
سنڌ کي ڪاله مذهبي ڪٽرپڻي جي تلوار سان ڪهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ان مان سنڌ کي وڏو نقصان ٿيو. اڄ سنڌ کي وري سياسي جنون سان ڪاپاري ڌڪ هڻڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آھن. ساڃھ-وند ماڻھن ٻوڙو ٻڌي آچار نہ ڪيو تہ ۽ جي دير ٿي تہ اسان کي تمام گھڻو نقصان ڏسڻو پوندو