20190722 135340

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ”پروفيسر امداد حسين سهتي جي ايم فل جي مقالي “ حسن علي آفندي ۽ هن جون تعليمي خدمتون جو تعارف

 

 .

    ڊاڪٽر پروفيسر امداد حسين سهتو هن وقت شاه عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽيءَ  ۾ ڊين آھي. سندس شمار يونيورسٽيءَ جي سينئر ترين ، محنتي ۽ لائق استادن ۾ ٿئي ٿو. پاڪستان اسٽڊي سينٽر جا اولين هيڊ رهيا آھن. هن صاحب يونيورسٽيءَ ۾ تحقيق ۽ تدريس کي پروان چاڙهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي. سندس شمار يونيورسٽيءَ جي مثالي استادن ۾ ٿئي ٿو.
   ڊاڪٽر صاحب ايم.فل ۽ پي ايڇ.ڊي بابا  سائين ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي نگرانيءَ ۾ ڪيون.1991 ۾ بابا اڃا اسسٽنٽ پروفيسر هئو جو “قائد اعظم يونيورسٽيءَ “ کيس پاڪستان اسٽڊيز ۾ سپروائيزر مقرر ڪيو. بابا جي تحقيقي زندگيءَ ۾ اها اهم ڳالھ هئي تہ هو جڏھن اڃا اسسٽنٽ پروفيسر هئو تہ قائد اعظم يونيورسٽيءَ کيس ريسرچ گائيڊ مقرر ڪيو. ٻي اهم ڳاله هيءَ هئي تہ بابا پاڻ “سنڌي“ سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي، پر کيس مطالعي ۽ تحقيقي ڪم جي ڪري “ پاڪستان اسٽڊيز “ ۾ گائيڊ مقرر ڪيو ويو. 
   ڊاڪٽر پروفيسر امداد حسين هڪ محنت ڪش ريسرچر ٿي پاڻ ملهايو ۽ ايم . فل لاءِ سنڌ جي عظيم شخصيت حسن علي آفنديءَ ۽ سندس تعليمي خدمتن کي پنهنجي تحقيق جو موضوع بڻايو. اسلام آباد ۾ ويهي ڪري هڪ سنڌي شخصيت تي تحقيق ڪرڻ سهتي صاحب جي سنڌ-دوستيءَ جو مظھر هئو. سهتو صاحب جهڙوڪ دنيا جهان کي ٻڌائڻ پيو گهري تہ سنڌ ڪيڏيون نہ وڏيون ۽ مثالي شخصيتون پيدا ڪيون آھن.
   حسن علي آفندي سنڌ جو سر سيد احمد هئو. هو پهريون “ سنڌ سڀا “ نالي سماجي تنظيم جو سرگرم اڳواڻ ھئو. انهيءَ “ سنڌ سڀا “ ۾ هندو، مسلمان ۽ پارسي ميمبر هوندا هئا. حسن علي آفنديءَ جا ڪن هندو ميمبرن سان اختلاف ٿي پيا. ان ڪري هن الڳ ٿي پنهنجي “ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ ٺاهي. اها جماعت 1936 تائين مسلمانن جي وڏي ۽ فعال سياسي جماعت ٿي رهي.
    حسن علي آفنديءَ جو وڏو ڪارنامو هي هئو تہ هن “ سنڌ مدرستہ الاسلام “ نالي 1885 ۾ تعليمي ادارو قائم ڪيو جنهن مان قائد اعظم محمد علي جناح، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سيد ميران محمد شاه، سر شاهنواز ڀٽو ۽ ٻيا ڪيترا نامور سياستدان پڙھي نڪتا ۽ انهن آزاديءَ جي تحريڪ ۾ اڳواڻيءَ وارو ڪردار ادا ڪيو. سنڌ مدرسو ترقي ڪري هاڻي يونيورسٽي ٿي چڪو آھي.
    امداد حسين سهتي جو اهو موضوع کڻڻ سندس تعليم سان چاه جي نشاندهي بہ ڪري ٿو. سندس ايم.فل جو مقالو پنجن بابن ۾ ورهايل آھي ۽ اهي آھن:
1. باب پهريون : “ سنڌ ۾ تعليم جي تاريخ “ . جنهن ۾ ھن سومرن جي دور کان وٺي انگريزن جي دور تائين سنڌ جي تعليم جي تاريخ بيان ڪئي آھي.
2. باب ٻيو : “ حسن علي آفنديءَ جي سوانح “. هن باب ۾ سهتي صاحب حسن علي آفنديءَ جي خاندان ۽ سندس زندگيءَ جي مختلف دورن تي روشني وڌي آھي.
3. باب ٽيون : “ سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جو قيام “. هن باب ۾ حسن علي آفنديءَ جي  اهم ڪارنامن جا تفصيل ڏنا آھن تہ حسن علي آفنديءَ اها جماعت ڇو ٺاهي ۽ ان سنڌ تي ڪهڙا سماجي،  تعليمي ۽ سياسي اثر وڌا.
4. باب چوٿون : “ سنڌ مدرستہ الاسلام  جو قيام “. هن باب ۾ مدرسي ٺاهڻ واري جدوجهد جو ذڪر ڪيو ويو آھي.
5. باب پنجون : “سنڌ مدرسي جو سنڌ ۾ تعليم جي فروغ ۾ ڪردار“.  هن باب ۾ مثال ڏئي ثابت ڪيو ويو آھي تہ سنڌ مدرسو سنڌ ۾ جديد تعليمي بيداريءَ جي تحريڪ ثابت ٿيو. ان کان پوءِ لاڙڪاڻي، نوشھره فيروز ۽ ٽنڊي باگي ۾ انهيءَ طرز جا مدرسا ٺهيا.
   ڊاڪٽر امداد صاحب جي ايم.فل جو هي مقالو وڏي تحقيقي اهميت وارو آھي. اهو ڇپجڻ گهرجي. گل حيات ۾ سندس هي مقالو موجود آھي.

Good Wishes