20190720 133422

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


  ”ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ جي پي ايڇ.ڊي مقالي مشاهير جي خطن جو سوانحي مطالعو.ننڍي کنڊ تي خصوصي نظر “ جو تعارف.

 
   هن دور جي نامور آثاريہ قديمہ جي ماهر ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ 1998 ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگرانيءَ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان سنڌي سبجيڪٽ ۾ پي ايڇ. ڊيءَ جي ڊگري ورتي. سندن مقالي جي ڪاپي گل حيات انسٽيٽيوٽ جي لائبرريءَ ۾ موجود آھي.
ڊاڪٽر ڪليم لاشاري ۽ منهنجي والد ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پي ايڇ. ڊي تہ سنڌي سبجيڪٽ ۾ ڪئي، پر ٻنهي جي ڄاڻ ۽ شهرت جو ڪارڻ سنڌي سبجيڪٽ بدران ٻيو آھي. منهنجو والد برٽش پيرڊ جي هسٽريءَ تي ماهر ۽ عالم هجڻ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو ۽ ڊاڪٽر ڪليم لاشاري وري آثاريہ قديمہ جي ماهر عالم طور مشهور آهي. ٻئي جهڙوڪ آل رائونڊر عالم آھن ۽ ٻنهي ڪيترن شعبن ۾ پاڻ ملهايو ۽ مڃايو آهي.
    ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ جي پي ايڇ. ڊيءَ جو موضوع منفرد آھي. هن خطن کي مرڪزي حيثيت ڏئي، انهيءَ موضوع جو نت نئين انداز سان تحقيقي مطالعو ڪيو آھي. جن ماڻهن کي “خط “جي اهميت جي خبر ناهي، اهي انهيءَ جو اندازو هن ڳاله مان لڳائي سگهن ٿا تہ هن موضوع تي پي ايڇ. ڊي بہ ٿي سگهي ٿي. 
    “ خط“ دراصل ھڪ فرد جي اندر جي اهڙي ڪهاڻي ٿين ٿا، جن ۾ دور جي سڄي ۽ سچي تصوير موجود هوندي آھي. “خط “ ۾ ماڻھو ڪنهن رنڊ روڪ کان سواءِ واقعن ۽ صورتحال تي پنهنجي زاويئي سان روشني وجهندو آھي ۽ اهڙن رازن تان پڙدو کڻندو آھي، جن تي ڪنهن ڀرييءَ محفل ۾ ان ريت دل کولي ڳالهائي نہ سگهي.
       ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ پنهنجي هن مقالي سنڌ، هند ۽ ٻين ملڪن جي ماڻھن جي لکيل خطن ۽ خطن جي ڇپيل ڪتابن کي پنهنجي تحقيقي رٿابنديءَ ۾ شامل ڪيو آھي. هن لائق محقق سنڌيءَ ۾ لکيل جن خطن ۽ انهن جي ليکڪن جو ذڪر ڪيو آھي، انهن مان ڪي خاص نالا آھن: سائين جي ايم سيد، علي محمد شاه رشدي، ميران محمد شاه ، شيخ اياز ، نجم عباسي ۽ علي نواز وفائي.
علي نواز وفائي جا خط پهريون سندس هفتيوار اخبار “آزاد “ ۾ شايع ٿيندا هئا. هن جي خطن ۾ سندس يا ٻين جا حال احوال ڪونہ هوندا هئا، پر ان ۾ نصيحتون ۽ صلاحون گهڻيون هونديون هيون. سندس خطن ۾ ورجاءُ گھڻو هوندو هئو.
سيد غلام مصطفا شاه يورپ جي سير تي ويو تہ اتان خط لکيائين جيڪي پهريون اخبار ۾  ڇپيا ۽ پوءِ ڪتابي صورت ۾ ڇپيا.
   سنڌ ۾ سياسي ۽ ذاتي خطن کي خزاني جي حيثيت ڏيڻ وارو سائين جي ايم سيد هئو. هن خطن کي عوامي، قومي. تاريخي ۽ تحقيقي اهميت ڏني. سندس خط يا ڏانهس لکيل خط تنهن دور جي تاريخ آھن 
    ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ سنڌي زبان ۾ لکيل خطن سان گڏ اڙدو زبان ۾ لکيل خطن جو بہ عالماڻي انداز سان تحقيقي مطالعو ڪيو آھي. هن مولانا محمد حسين آزاد ۽ شبلي نعمانيءَ جي خطن جي خزاني مان پنهنجي ڏانء سان ڏات جا جوهر ڏيکاريا آھن.
     ڊاڪٽر لاشاريءَ جي مطالعي ۽ موضوع کي  جائز وسعت ڏيڻ جو هن ڳاله مان لڳائي سگهجي ٿو جو هن هينري جيمز ، پشڪن، فرانز ڪافڪا ۽ ونسٽ وان گو ۽ سندن خطن کي بہ پنهنجي مقالي ۾ مناسب جاءِ ڏني آھي.
آخر ۾ اهو چوڻ ئي ڪافي آھي تہ ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ هڪ انوکي موضوع تي منفرد انداز سان تحقيق ڪئي آھي، جنهن تي هن کيرون لهڻيون

Good Wishes