ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” نئين نسل لاءِ سنڌ جي سولي تاريخ لکڻ جي ضرورت آھي“
اسان ڪاپي ڪلچر جي دور مان گذري رهيا آھيون. استاد برادريءَ تي تهمتون هڻي دل برداشتہ ڪري ڇڏيو آھي. نہ فقط الزامن سان سندن دليون ٽوڙيون ٿيون وڃن، پر کين ايترو تہ جائز حقن کان محروم ڪيو ويو آھي جو هر سال ڪراچيءَ جي رستن تي حقن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ پوليس هٿان مارون کائڻ ڄڻ سندن ملازمت جو لازمي شرط بڻجي چڪو آھي.
ڪاپي ڪلچر کي سرڪاري طور تي ختم نہ ڪرڻ، استادن کي رستن روڊن تي بيدرديءَ سان رتوڇاڻ ڪرڻ ۽ غائب اسڪولن استادن جي ڪلچر کي سرڪاري طور تي هٿي ڏيڻ تعليم ۽ تعليمي نظام کي تباه ڪرڻ ۽ تعليم جي واڳ واپاري سوچ رکندڙ پرائيويٽ اسڪول ٺاهيندڙن جي مدد ڪرڻ واري هڪ سازش آھي.
انهيءَ سازش اهڙي صورتحال پيدا ڪئي آھي جو تعليم جي معيار، انتظام ۽ سڌاري لاءِ ڪا ڌر بہ سوچڻ لاءِ تيار ڪونهي. ان ڪري نئين نسل جا نظرياتي ۽ فڪري رخ مٽبا وڃن ٿا. اسان جو نوجوان هن ڪاپي ڪلچر جي ماحول ۾ بہ پڙھي ٿو، بلڪہ گهڻو پڙھي ٿو. پر درسي ڪتاب گهٽ مگر پنهنجي سياسي هادين ۽ رهبرن جا وڌيڪ پڙھي ٿو ۽ ذري گهٽ انهن ۾ حافظ بڻجي وڃي ٿو. ان ڪري “سياسي لٽريچر “ هاڻي “ادبي ۽ مذهبي لٽريچر “ کي پٺتي ڇڏي چڪو آھي. ڪن صورتن ۾ سياسي لٽريچر ڪجه نوجوانن ۾ نظرياتي سگھ پيدا ڪرڻ بدران شخصيت پرستيءَ جو اهڙو تہ گهرو اثر پيدا ڪيو آھي جو ڪو پنهنجي سياسي هادي ۽ رهبر کان سواءِ ڪنهن کي مڃي ۽ ٻڌي بہ نہ ٿو. انهيءَ ڳالھ سياسي تنگدليءَ کي چوٽ چاڙي ڇڏيو آھي.
نظريو ۽ فڪر تڏھن ئي درست رخ وٺندو آھي، جڏھن انهن جون پاڙون پاتال ۾ کتل هجن. جيڪڏهن نظرئي ۽ فڪر کي تاريخي تسلسل ڪونهي تہ اهي اسان کي شخصيت پرستيءَ جي راه تي گهلي وٺي ايندا.
تاريخ قوم جو “گڏيل حافظو“ ٿيندو آھي. ان ڪري تاريخ نہ پڙھڻ ڪري اسان ڄڻ انهيءَ حافظي کان وانجهيل رھون ٿا. ان ڪري اسان کي فقط “ حال “ نظر ايندو ۽ “ مستقبل “ جو خاڪو واضح نہ ھوندو. اسان انهيءَ صورتحال مان گذري رهيا آھيون.
هن چڪڻ مان چڙھڻ جو بهتر طريقو اهو آھي تہ اسان ماضيءَ جي مطالعي تي بہ ڌيان ڏيون.
ون يونٽ جي نافذ ٿيڻ کان اڳ اسڪولن ڪاليجن ۾ “ تاريخ “ پڙھڻ پڙھائڻ تي وڏو توجھ ڏنو ويندو هو. “تاريخ “ پرائمري درجن ۾ بہ جهڙوڪ “ لازمي مضمون“ طور پڙهائي ويندي هئي. انگريزن جي دور ۾ تہ “ تاريخ“ جي سبجيڪٽ کي “ دينيات “ جي سبجيڪٽ کان پوءِ اهميت ڏني ويندي هئي. “تاريخ “ پڙھڻ ۾ شاگردن جي دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ اضافي وڻندڙ ڪتاب لکيا ويندا هئا. جهڙوڪ “ سنڌ جي تاريخ مان سوليون ڳالهيون“ وغيره. اهڙن ڪتابن ۾ سنڌ جي تاريخ کي ڳالهين جي روپ ۾ ٻارن کي پڙھايو ويندو هئو. ان ڪري ٻارن کي تاريخ پڙھڻ ۾ مزو ايندو هئو ۽ ياد ڪرڻ سولي لڳندي هئي.
هن وقت اسان جي ڪيترن نوجوانن کي سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻ فقط “ عربن جي دور “ کان وٺي آھي. اها خبر اٿن تہ راجا ڏاهر هارايو ۽ عربن جو دور شروع ٿيو. پر ڪيترن کي اها خبر ناهي تہ ان کان اڳ ڪهڙا ڪهڙا دور ٿي گذريا؟
اڳي جيڪي تاريخ تي ڪتاب پڙھايا ويندا هئا، انهن ۾ سنڌ ۾ “ عربن واري دور“ کان اڳ وارن دورن جو بہ ذڪر هوندو هئو. بلڪہ سڄي گڏيل هندستان جو انهن ۾ احوال ڏنل هوندو هو.
وقت جي تقاضا آھي تہ ماضيءَ جي تاريخ وارن ڪتابن وانگر هاڻي بہ سرڪاري يا غير سرڪاري ادارن طرفان سنڌ جي تاريخ تي دور وارا ڪتاب لکيا وڃن ۽ خاص طور تي هنن دورن تي وري تفصيل سان لکيو وڃي:
1. رامائڻ جو زمانو
2. ميدن ۽ جاٽن جو زمانو
3. راڻي دهسلا جي حڪومت
4. برهمڻ زمانو
5. سانگه گهراڻي جي حڪومت
6. ايرانين جو زمانو
7. راجا ڪفند جو زمانو
8. سڪندر اعظم جو زمانو
9. وڪرماجيت جو زمانو
10. راءِ گهراڻو
11. چچ ۽ راجا ڏاهر جو زمانو
12. محمد بن قاسم کان اڳ عربن جي ڪاهن جي تاريخ
انهن دورن تي کوڙ سارو مواد موجود آھي. اسان کي پنهنجي نئين نسل کي انهن دورن جي تاريخ بہ ٻڌائڻ گهرجي