IMG 20190718 WA0061

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ” ڪاڪسٽن هال ۾ پنجاب جي ليفٽيننٽ گورنر جو قتل ۽ سنڌ صحافت جي مڙسي

 

   ڀڳت سنگ ۽ هنسراج وائيرليس تحريڪ آزاديءَ جا اهي باغي اڳواڻ ھئا، جن تي سنڌ ۾ گهڻو لکيو ويو آھي. ڀڳت رام تي سنڌيءَ ۾ ڪتاب بہ لکيا ويا. جڏھن هنسراج وائيرليس اچي سنڌ ۾ لڪيو هئو تہ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ان تي وڏو بحث ٿيو هو. مون بہ هنسراج وائرليس تي لکيو آھي جيڪو انٽرنيٽ گروپن تي ڇپيو آھي.
    اڌم سنگ پڻ ھڪ انقلابي ۽ غيرتمند آزاديءَ جو سپاهي هئو. هن لنڊن جي ڪاڪسٽن هائوس ۾ پنجاب جي اڳوڻي ليفٽيننٽ گورنر مائڪل او ڊواير  Michael O' Dwyer  کي 13 مارچ 1940 تي ڀريئي هجوم ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو هو ۽ ھن کي جولاء 1940 ۾ ڦاهيءَ جاڙهيو ويو هو.
اڌم سنگ پاڻ کي “ رام محمد سنگ آزاد“ سڏائيندو هو ۽ پاڻ کي ان نالي سان سڏائڻ مان هو اهو تاثر ڏيندو هئو تہ آزادي هندو، مسلمانن ۽ سکن جو گڏيل مقصد آھي. انهن ٽنهي مذهبن جا پوئلڳ وطن جي آزاديءَ کي پنهنجي ايمان جو حصو سمجهن ٿا،
   اڌم سنگ پنهنجي انداز سان پنهنجي تاريخ لکي. هن 1919 ۾ ٿيل جليانوالا باغ جي قتلام جو بدلو ورتو. هن ان شخص کي لنڊن وڃي ماريو، جيڪو پنجاب جو ان وقت ليفٽيننٽ گورنر هئو ۽ هن جنرل ڊائير کي جليانوالا باغ ۾ سياسي جلسي تي گولي هلائڻ جي اجازت ڏني هئي. هي ڏکوئيندڙ واقعو 1919 ۾ ٿيو ۽ 1940 تائين اڌم سنگ انتقام وٺڻ جا موقعا تلاش ڪندو رهيو ۽ نيٺ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ويو. جنرل ڊائير 1927 ۾ مري ويو ۽ اهو درندو اڌم سنگ کان بچي ويو. 
جليانوالا باغ واري ڪوس تي ۽ ان سان لاڳاپيل شخصيتن بابت گل حيات ۾ سوين صفحن جو مواد موجود آھي. ان مان ڪجھ اسان جي ويب سائيٽ تي پڻ پبلش ڪيو ويو آهي.
جليانوالا باغ جي ڪوس کان ستت پوءِ سنڌي اسپيشل ٽرين ڀاڙي تي ڪري سامان کڻي وڃي متاثرين جي مدد ڪئي هئي.
  اڌم سنگ لنڊن ۾ پنجاب جي سابق ليفٽيننٽ گورنر  کي قتل ڪيو تہ ڪن سنڌي اخبارن انهيءَ قدم تي اڌم سنگ کي شاباش ڏني. جڏھن ان وقت تائين اهڙن قتلن ۽ قدمن جي سياسي پارٽيون بہ مذمت ڪنديون هيون. انهن ۾ ڪانگريس بہ شامل
هئي.
اخبار “سنسار سماچار“ مڙسي ڪري انهي قتل واري قدم جي دٻيل لفظن ۾ واکاڻ ڪئي ۽ ڏچي ۾ پئجي وئي. اها اخبار لينن ۽ جرمن اڳواڻن جا ڪارناما بہ ڳائيندي هئي. اخبارن تي قومي مقصدن خاطر ڏکيا ڏينهن ايندا هئا تہ صحافين جون تنظيمون بہ صحافت جي آزاديءَ لاءِ اٿي کڙيون ٿينديون هيون تہ ماڻھون بہ جلسا جلوس ڪڍندا هئا. “ الوحيد “ تاريخ عوامي تائيد جي اهڙن واقعن سان ڀري پئي آھي. پر هن دفعي “ سنسار سماچار“ کي بہ اڪيلو نہ ڇڏيو ويو. چندا ڪيا ويا ۽ گڏجاڻيون ڪري اخبار کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

Good Wishes