ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” ڊاڪٽر داد محمد “خادم“ جي پي ايڇ.ڊي جي مقالي “ سبي خطي ۾ سنڌي زبان جي محاورن جو لساني جائزو“ جو تعارف.“
سنڌ ۾ کوڙ سارا اهڙا پي ايڇ. ڊي هولڊر آھن جن تمام وڏو تحقيقي ڪم ڪيو، پر انهن جي اوتري پذيرائي ڪانہ ٿي ۽ نہ وري سندن لاجواب تحقيقي پورهيو ڪتابي صورت ۾ ڇپجي سگهيو. جيڪب آباد جو ڊاڪٽر داد محمد “خادم“ بہ انهن منجهان هڪ آھي. هن صاحب جي صحافت ۽ علم ادب جي دنيا ۾ وڏو ڪم آھي. جيترو وڏو هن جو ڪم آھي، اوترو بلڪ ان کان وڌيڪ هن جي سادگي ۽ خاموشي آھي. پذيرائئ کان پري هن محقق 1990 ۾ نامور محقق ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي نگرانيءَ ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڊگري ورتي. سندن پي ايڇ. ڊيءَ جي مقالي جي ڪاپي گل حيات ۾ موجود آھي.
ڊاڪٽر داد محمد “خادم“ جو مقالو چئن ڀاڱن ۽ 592 صفحن تي مشتمل آھي. مقالو ٽائيپ يا ڪمپوز ٿيل ڪونهي پر سندس هٿ-اکرن ۾ لکيل آھي. ان ڪري بہ هن جي مقالي جي هڪ منفرد اهميت آھي ۽ ان کي “ قلمي نسخن“ واري خزاني جو هڪ موتي سمجهيو ويندو.
ڊاڪٽر داد محمد “خادم “ جو موضوع وڏي اهميت وارو آھي. هن سنڌي ٻوليءَ جي محاورن جو لساني جائزو جيڪو ورتو آھي، ان جو تعلق سنڌي ٻوليءَ جي هڪ سرحدي خطي- سبيءَ سان آھي. هن جي تحقيق اسان جو توجھ انهيءَ ڳالھ ڏانهن ڇڪرائي ٿي تہ سنڌي ٻوليءَ جي سمورن سرحدي خطن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي محاورن جو مطالعو ڪري ڏسجي تہ اسان جي ٻولي لساني سرحدن تي پنهنجي محاورن جي ڪيئن تشڪيل ڪئي آھي. محاورا سرحدي ٻوليءَ تي اثرانداز ٿيا آھن يا اثر قبول ڪيو اٿن. جيڪڏهن اثر قبول ڪيو اٿن تہ ان ڪري سنڌي ٻوليءَ جي سونهن وڌي آھي يا بگاڙ ٿيو آھي.
ڊاڪٽر “خادم“ بروهيءَ جي مقالي جو پهريون ڀاڱو ٽن بابن ۾ ورهايل آھي، جن ۾ ھن سبيءَ جي تعارف ۽ تاريخي پسمنظر بيان ڪرڻ سان گڏ ان خطي جي سنڌ سان سياسي، واپاري، ادبي ۽ ثقافتي ناتن تي روشني وڌي آھي.
هن مقالي جو ٻيو ڀاڱو مڪمل ٽيڪنيڪل آھي. هن ۾ پڻ ٽي باب ڏئي لساني جاگرافي، محاورن ۽ محاورن جي تقسيم تي روشني وڌي اٿس. هن ڀاڱي ۾ ڊاڪٽر صاحب سنڌي ٻوليءَ ۽ ٻين ٻولين جا لساني نقشا ڏئي، پنهنجي تحقيقي بيان ۾ منطقي تسلسل پيدا ڪيو آھي.
مقالي جو ٽيون ڀاڱو چئن بابن ۾ ورهائي فاضل محقق محاورن جو صوتياتي، علم صرف نحو ۽ نحوي اصولن مطابق جائزو وٺي پنهنجي علم ۽ ادراڪ جا واهڙ وهايا آھن.
ڊاڪٽر “خادم“ بروهئ پنهنجي مقالي جي چوٿين ڀاڱي کي ٽن بابن ۾ ورهايو آھي. جنهن ۾ هن سبيءَ ۽ سنڌ جي ادبي ذخيري کي ڌيان ۾ رکي انهن جو لساني جائزو ورتو آھي. انهيءَ حوالي سان هن نثري خواه نظمي صنفن مان مثال ڏنا آھن. جن منجهان شاعري ، لوڪ ڪهاڻين ، پهاڪن تي خاص توجھ ڏنو اٿس.
آخر ۾ اهو چوڻ مناسب ٿيندو تہ ڊاڪٽر داد محمد “خادم“ بروهيءَ تمام وڏو تحقيقي ڪم ڪيو آھي ۽ ان جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آھي