ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” سنڌي جي دفتري ٻولي ٿيڻ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“
سنڌي ماڻھو پنهنجي فطرت ۾ محبتي بہ آھي پر ان کان وڌيڪ ڏاڍو جذباتي بہ آھي سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان رڳو پيار ۽ اتساھہ پيو ڏيکاريندو پر دفترن جا ورق ورائي پنهنجي انهي پيار ۽ راءِ جي ڪا مستند اڪثر ڪري تاريخي شاھدي ۽ ثابتي نہ ڏيندو ان ڪري ڪيترا علمي ۽ نظرياتي مونجهارا اسان سنڌين کي بي پاڙي ول جيان وڪوڙي وڃن ٿا ۽ ڪن اھم ڳالھين ۾ اسان متفق ۽ ھم خيال نٿا ٿي سگهئون.
ڪن دوستن جو خيال آھي تہ 24 اپريل کي “سنڌي ٻولي جي ڏينهن“ طور ملھايو وڃي ۽ انهي ۾ تاريخي شاھدي ڏين ٿا تہ“ 24 اپريل 1848 تي ممبئي پريذيڊنسيءَ جي تڏھوڪي گورنر جارج ڪلرڪ واضح طور تي اعلان ڪيو ھيو تہ سنڌ ۾ سرڪاري زبان سنڌي ھوندي. ھن سمورن آفيسرن کي ھدايت ڪئي تہ ھو ارڙھن مھينن ۾ سنڌي سکي وٺن. “
سنڌي ٻولي ۽ انگريز سرڪار جي ان بابت حڪمت عملين سان لاڳاپيل ڊاڪيومينٽس اسان وٽ بہ آھن ۽ ڪن ادارن ۽ فردن وٽ بہ آھن جيڪو تاريخي حوالو ڏنو ويو آھي اھو سنڌي ٻولي کي “سرڪاري ،ڪاروباري ۽ تعليمي درجي ملڻ جو ڏينهن“ چئي نٿو سگهجي ڇو تہ انهي حڪم نامي جو پسمنظر ٻيو آھي. دراصل حقيقت ھي آھي تہ جيڪي گورا انگريز يا عملدار سنڌ ۾ ملازمت ڪندا ھئا انهن جي لاءِ ضروري سمجهيو ويو تہ انهن کي سنڌي جي ڄاڻ ھجي جن لاءِ ھڪ ڪاميٽي پڻ جوڙي وئي ھئي جيڪا انهن کان امتحان وٺندي ھئي تہ انهن کي سنڌي ڪيتري ايندي ھئي. اھو ساڳو اصول بلوچستان ۾ بلوچي ٻولي لاءِ ۽ پنجاپ ۾ پنجاپي ٻولي لاءَ لاڳو ڪيو ويو.اھي ٻئي ٻوليون يعني بلوچي ۽ پنجاپي نہ ان وقت قومي زبانون بڻايون ويون نہ وري اڄ اھي قومي زبانون آھن.سرڪار جو اھو عمل ٻولين جي ڄاڻ بابت ھيو ۽ نڪي ٻولين کي سرڪاري،ڪاروباري يا تعليمي درجي ڏيڻ بابت ھيو. مان انهي سلسلي ۾ تنهن دور جي ھڪ سرڪاري خط جو ڦوٽون ڏيان ٿو جنهن مان منهنجي راءِکي ٽيڪو ملندو.
گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ جيڪا سنڌي ٻوليءَ بابت معلومات موجود آھي، مان ضروري ٿو ڄاڻان تہ اھا سنگت سان ونڊيان تہ جيئن سنڌي ٻوليءَ کي تدريسي ۽ دفتري ٻولي ٿيڻ واري تاريخ جو اندازو لڳائي سگهجي.
8 مئي 1848 تي سول ۽ ملٽري امتحانن واري ڪميٽيءَ سرڪار کي گذارش ڪئي تہ سنڌ ۾ سنڌي جي امتحان وٺڻ جي لاءِ 3 ممتحن مقرر ڪيا وڃن. 22 جون 1848 تي انهي سرڪاري لک پڙھ جي ڪاپي سنڌ جي ڪمشنر ڏانهن حڪمن جي پوئواري ڪرڻ لاءِ موڪلي وئي. 19 جنوري 1849 تي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪئپٽن اسٽيڪ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو تہ ھو ممبئي سرڪار کان سنڌي ڊڪشنري ۽ سنڌي گرامر جو وڪري وارو ملھ مقرر ڪرائي ۽ انهن ڪتابن تي آيل خرچ وٺي ڏئي جيڪو ھن انهي پنڊت تي ڪم آندو جنهن انهن ڪتابن لکڻ ۾ سندن مدد ڪئي.پھري مارچ 1849 تي سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي خط نمبر 459 ذريعي ممبئي سرڪار کي ڪئپٽن اسٽيڪ واري گذارش سفارش ڪري موڪلي. 29 مارچ 1849 تي ممبئي سرڪار پنهنجي مراسلي نمبر 929 ذريعي سنڌ جي ڪمشنر کي اطلاع ڏنو تہ ڪئپٽن اسٽيڪ واري ڊڪشنري جي قيمت في ڪاپي ٻہ روپيه اٺ آنا مقرر ڪئي وئي آھي. 25 سيپٽمبر 1849 تي سنڌ جي ڪمشنر ممبئي سرڪار کي گذارش ڪئي تہ ڪئپٽن اسٽيڪ جي ترتيب ڏنل ڊڪشنري جون 250 ڪاپيون خريد ڪرڻ جي اجازت ڏئي. 20 آڪٽوبر 1849 تي مراسلي نمبر 3476 ذريعي ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي اجازت ڏني تہ ڀلي ڪئپٽن اسٽيڪ جي ترتيب ڏنل ڊڪشنريءَ جون 250 ڪاپيون خريد ڪري. انهيءَ سال تائين انهي لک پڙھ جي روشني ۾ چئي سگهجي ٿو تہ سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي بنائڻ جو ڪو ذڪر نٿو ملي.
7 جنوري 1850 تي ممبئي سرڪار پنهنجي مراسلي نمبر 105 ذريعي ھدايتون ڏنيون تہ سنڌي کي دفتري زبان بنايو وڃي ۽ ان لاءِ عربي- سنڌي لپي ڪم آندي وڃي. 30 مئي 1851 تي سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي سرڪاري مراسلي نمبر 932 ذريعي ممبئي سرڪار کي اطلاع ڏنو تہ سنڌي ٻولي کي سنڌ ۾ دفتري ٻولي بڻايو ويو آھي. 8 آگسٽ 1851 تي ممبئي سرڪار پنهنجي مراسلي نمبر 3228 ذريعي سنڌ جر ڪمشنر کي لکيو تہ ڪئپٽن اسٽيڪ جيڪا سنڌي لپي تجويز ڪئي آھي ان کي استعمال ڪيو وڃي. 6 سيپٽمبر 1851 تي سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 1814 ذريعي ممبئي سرڪار کي وضاحت پيش ڪئي تہ اھي ڪھڙا سبب آھن جنهن ڪري ڪئپٽن اسٽيڪ جي تجويز ڪيل سنڌي لپي بدران عربي- سنڌي لپي ڪم آڻڻ گهرجي. 11 آڪٽوبر1851 تي ممبئي سرڪار پنهنجي مراسلي نمبر 3909 ذريعي سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو تہ سنڌي لاءِ ڀلي عربي- سنڌي لپي ڪم آندي وڃي. 8 نومبر 1851 تي سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي سرڪيولر ليٽر نمبر 2371 ذريعي سنڌ جي سمورن ڪليڪٽرن کي لکيوتہ اھي سنڌي- عربي لپي ڪم آڻن. 14 فيبروي 1857 تي ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽرس فيصلو ڪيو تہ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي کي دفتري زبان بڻايو وڃي. 25 مارچ 1857 تي سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي سرڪيولر نمبر 443 ذريعي سنڌ جي سمورن ڪليڪٽرن کي ھدايتون ڏنيون تہ سنڌي ٻولي کي روينيو ۽ عدليه جي دفترن ۾ استعمال ڪيو وڃي. ڊسمبر 1857 ۾ سمورن سنڌ جي ڪليڪٽرن سنڌ جي ڪمشنر کي ٻڌايو تہ انهن پنهنجي دفترن ۾ سنڌي ٻولي کي “دفتري ٻولي“ بڻائي ڇڏيو آھي.
مٿي ذڪر ڪيل سرڪاري لک پڙھ مان ظاھر ٿئي ٿو تہ 7 جنوري 1850 تي ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي حڪم ڏنو تہ سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي بڻايو وڃي. ان ڪري اسان 7 جنوري(1850) کي ئي سنڌي ٻولي کي “دفتري ٻولي“ بڻائڻ جي تاريخ چئي سگهئون ٿا. گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ 1848کان وٺي 1858 تائين سنڌي ٻولي جي حوالي سان سموري لک پڙھ جو رڪارڊ موجود آھي. انهن 10 سالن ۾ سنڌي ٻولي کي ترقي وٺرائڻ لاءِ جيڪي سرڪار قدم کنيا جيڪي ابتدائي ڪتاب منشي ننديرام ۽ ٻين ترجمو ڪيا يا تعليم کاتي ليٿو گرافڪ پريس خريد ڪئي اھي احوال ان لک پڙھ ۾ موجود آھن. ڊسمبر 1857 ۾ جيڪب آباد ،حيدرآباد ۽ ڪراچي جي ڪليڪٽرن جيڪو سرڪاري طور تي ڪمشنر کي اطلاع ڪيو ھو تہ سنڌي ٻولي کي دفتري ٻولي بڻايو ويو آھي اھي انگ اکر بہ گل حيات ۾ موجود آھن. ھي ڳالھ ياد ڪرڻ جهڙي آھي تہ 28 ڊسمبر 1857 تي سنڌ جي ڪمشنر ممبئي سرڪار کي اطلاع ڪيو ھو تہ سنڌ ۾ سنڌي ٻولي سمورن سرڪار آفيسن ۾ دفتري ٻولي بڻائي وئي آھي.
اھي دوست جيڪي سنڌي ٻولي جي تدريسي خواه دفتري ٻوليءَ بابت مختلف تاريخون لکن ۽ ٻڌائن ٿا تن کي اھو ذھن ۾ رکڻ گھرجي تہ اھو 7 جنوري 1850 جو سڀاڳو ڏينهن ھيو جنهن تي ممبئي سرڪار سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ کي مڃتا ۽ رتبو ڏنو ۽ اسان جي مادري زبان پنهنجو دفتري ۽ تدريسي خدمتون سر انجام ڏيندي رھي ۽ تان جو 4 فيبروري 1857 تي اسيٽ انڊيا ڪمپني جي ڪور آف ڊائريڪٽرس بہ انهي جي مڃتا ڪري منظوري ڏني ھئي. ( ممتاز پٺاڻ)