.
ممتاز پٺاڻ
(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)
” ڊاڪٽر مولانا محمد ادريس سومري جي پي ايڇ. ڊي ٿيسز جو تعارف“
الله جنت نصيب ڪريس، ڊاڪٽر محمد ادريس “آزاد “ سومرو اسان جي تر جو هئو. هن ديني تعليم اسان جي ڳوٺ جي مدرسي ۾ علامہ هدايت الله آريجي کان ورتي. “ جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، مون وڏا وس ڪيا “ مصداق هن بسن ۽ ٽرين ۾ دوائون ۽ دعائون بہ کپايون. بابا سائين ڊاڪٽر درمحمدپٺاڻ کيس انهيءَ حال ۾ ڏٺو ۽ ھن سان ياري رکي سندس حالتن مٽائڻ جو فيصلو ڪيو. پاڻ آزاد جي تخلص سان شاعري ڪندو هو ۽ ڌڻيءَ کيس مٺو ۽ سريلو آواز بہ عطا ڪيو هو. بابا سائين جڏھن “ سنڌ سگهڙ سنگت “ ٺاهي تہ کيس ان ۾ شريڪ ڪيائين. ان کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ عربي استاد ٿيو. بابا انهن ڏينهن ۾ ڪراچيءَ رهندو هئو. مولانا محمد ادريس سومري اتي بابا جي صحبت ۽ شفقت مان لاڀ پرائڻ شروع ڪيو. بابا کيس ريڊيو جي پروگرامن ۾ وٺي ويندو هو ۽ ھن جي مضمون نگاريءَ ۾ تربيت ڪئي ۽ پوءِ سندس مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجڻ لڳا. پوءِ بابا کيس پي ايڇ. ڊي ڪرڻ تي همٿايو. تان جو هن علامہ قاسمي مرحوم جي نگرانيءَ ۾ “ ديني عالمن جون سنڌيءَ ۾ ادبي خدمتون “ جي عنوان تي سال 1989 ۾ پي ايڇ. ڊي ڪئي. ھو تحقيق ڪرڻ دوران وڪيشن ۽ موڪلن ۾ ڄامشوري ايندو هئو ۽ اسان وٽ رهندو هئو. ھو ڏاڍو سادو ۽ محبتي انسان ھيو ھن جي لفظن ۾ وتائي فقير واري سادگي ۽ سچائي ھئي, مان بابا سائين جي ڪيترن ئي دوستن سان مليو آھيان انهن مان ڪي اھڙا مھربان آھن جيڪي بابا سائين جي آڏو ايتري پيار ۽ محبت سان پيش ايندا آھن ڄڻ ھو اسان سان بابا سائين جيتري ئي محبت ڪندا آھن ۽ وري بابا سائين جي غير موجودگيءَ ۾ سندن رويو تڪليف ڏيندڙ ھوندو آھي, پر چاچا ادريس ۽ چاچا بدرالدين اڄڻ جو رويو ۽ پيار وسرڻ جھڙو ناھي. سندس پي ايڇ. ڊيءَ جو بابا ايگزيمنر بہ هئو.
ڊاڪٽر محمد ادريس “آزاد “سومري انگريزن جي دور وارن سنڌ جي ديني عالمن جي ادبي خدمتن تي تحقيق ڪئي. هن جو مقالو پنجن بابن ۾ ورهايل آھي. انهن جو مختصر تفصيل ڪجه هن ريت آهي:
ا. هن پهرين باب ۾ انگريزن جي دور واري سنڌي ادب جي جهلڪ پيش ڪئي آھي.
2. باب نمبر ٻئي ۾ انگريزن جي دور جي مکيہ 81 ديني عالمن جا سوانحي خاڪا ڏنا آھن.
3. ٽئين باب ۾ هن تفصيل سان ٻڌايو آھي تہ انگريزن جي دور جي ديني عالمن سنڌي شاعريءَ جي اوسر ۾ ڪيترو حصو ورتو. هن باب کي ٻن حصن ۾ ورهايو اٿس. پهرين حصي ۾ ديني عالمن جي انهيءَ شاعريءَ جو تفصيل ڏنو اٿس جيڪا مختلف رسالن، اخبارن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿي. ٻئي حصي ۾ ديني عالمن جي شاعريءَ تي مبني ڪتابن جو ذڪر ڪيو اٿس. انهيءَ سلسلي ۾َ 41 ڪتابن جو تنقيدي جائزو ۽ احوال لکيو اٿس.
4. ڊاڪٽر سومري پنهنجي مقالي جي چوٿين باب ۾ ديني عالمن جو نثري ادب جي ترقيءَ لاءِ ورتل ڪوششن تي روشني وڌي آھي. هن باب ۾ ديني عالمن جي لکيل سٺَ ڪتابن جو تنقيدي تعارف پيش ڪيو اٿس.
5. پنجين باب ۾ مولانا آزاد سومري ديني عالمن جي ادبي خدمتن جو جائزو ورتو آهي.
هن کان پوءِ ڊاڪٽر محمد ادريس آزاد سومري آخري ۾ نتيجا ڪڍي ڪي مشورا پڻ ڏنا آھن. انهن مشورن مان هڪ مشورو هي بہ ڏنو اٿس تہ ديني عالم لوڪ ادب تي خاص توجه ڏئي انهيءَ شعبي ۾ پنهنجون علمي ۽ ادبي خدمتون سرانجام ڏين. هن صلاح ڏيڻ جو پسمنظر ۽ سبب اهو آھي تہ بابا سائين کيس جڏھن سگهڙن جي تنظيم ۾ شامل ڪيو هئو تہ هن اتي سگهڙن جي ديني ڄاڻ ۽ اسلامي تاريخ جي مطالعي جو اندازو لڳايو هو، ان ڪري هن شدت سان محسوس ڪيو تہ لوڪ ادب ۾ بہ ديني عالمن کي طبع آزمائي ڪرڻ گهرجي.
منهنجو هن پوسٽ لکڻ جو بنيادي مقصد هي آھي تہ مان پنهنجي پڙھندڙن کي گل حيات جي ميڙي چونڊي کان باخبر رکان. پر هر ميڙي چونڊي پٺيان منهنجي والد جي سنڌ-دوستيءَ ۽ انسان-دوستيءَ جي ڪهاڻي موجود آھي. ڊاڪٽر مرحوم محمد ادريس سومرو علامہ مرحوم قاسميءَ جو شاگرد هئو. پر هن علامہ قاسميءَ جي ٻين ڪيترن شاگردن جي تحقيق ۾ مدد ۽ رهنمائي بابا ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ اسان جو بنگلو اهڙن شاگردن کي رهڻ, پڙھڻ ۽ سکڻ جون سهولتون فراهم ڪندو هو. بابا کين ڀرپور ٽائيم ڏيندو هو. هڪ ماڻھو جيڪو بسن ۽ ٽرينن ۾ شيون کپائيندو هو ان کي اتان کڻي بابا کيس ڊاڪٽر بڻجڻ تائين شفقتون ڏنيون. منهنجي والد جا اهي عمل غير معمولي ڪارنامن کان گهٽ ڪونہ آھن